Haq Jo Awaz

Haq Jo Awaz

Sindhi

02/07/2023
23/06/2023

ڏهرڪي
انڪم سپورٽ جا پيسا وٺڻ لاء عورت گرمي سبب فوت...!!
غلام قوم جي ساھ جي قيمت ڪجھ به ناھي ھوندي.

23/06/2023

منهنجي سنڌ جي ڏسندي ، ته روئي پوندي ... 😢
روز ٿا هانڃا ٿين ، بري هِن ڀنڀور ۾ ... 💔

23/06/2023

ھڪڙي چٺي تنهنجي نالي۔ ۔ ۔ ۔ ۔
عزت مآب سيد مراد علي شاھ صاحب وزير اعليٰ ۽ گھرو وزير سنڌ ' ۔ ۔
جناب اعليٰ توهان پنهنجي گوناگون مصروفيتن سبب ضرور ڪشمور ضلعي جي حالتن کان اڻ واقف ھوندا ۽ رياستي وھنوار ۾ مصروف عمل ھوندا ۔ ۔
منھنجا مانوارا سائين : چوندا آھن ۽ قانون جي ڪتابن ۾ به پڙھيو آھي ته رياست ماء ھوندي آھي پر اڄ ان رياست جا ٻچا انجي ماء جي جھولي مان رھزن بازن جيان کڻي کائي رھيا آھن پر رياست جا رکوالا ھجڻ باوجود توهان خاموش آھيو توهان جي خاموشي ۾ الاء ڪھڙي مجبوري ۽ رازداري آھي۔ ۔ ۔ ۔
جناب اعليٰ :
توهان پھرين دفعي وزير اعليٰ ٿيا ھئا ته ڪشمور ضلعي سميت پوري سنڌ جي عوام توهان کي توهان جي والد صاحب جو عڪس سمجھيو پئي ڇو ته سيد عبد الله شاھ دلير ' اڙٻنگ ۽ ڪامريڊ وزير اعليٰ طور مشھور ھو پر سائين ماڻهن جون اميدون اجايون ھيون توهان پنهنجي والد صاحب جيان بڪتربند گاڏي ۾ ويھي رھزنن جو ڪراچي جي گلين ۾ پيڇو ڪرڻ ته پنهنجي جاء تي پر توهان ڪشمور ضلعي لاء ڏک ڀريا جملا به ڪونه چيا 😥۔ ۔ ۔ ۔
عزت مآب : سائين شايد اسانکان اڳ ۾ ئي توهان کي معلوم ھوندو ته سنڌ ۾ رينجرز صرف امن امان لاء موجود آھي پر افسوس ڪنڌڪوٽ ۾ رينجرز ھيڊڪوارٽر ھجڻ باوجود به ڪڏهن رينجرز عام ماڻهن جي حفاظت لاء روڊ مٿان گشت ڪونه ڪئي ' ھا البته شھيد ٿيندڙ پوليس اھلڪارن جي جنازن ۾ رينجرز جا اعليٰ عھديدار ضرور شرڪت ڪندا آھن۔ ۔ ۔ ۔
منھنجا سائين : شايد ڪشمور جون حالتون توهان جي آڏو بيان نه ڪيون وينديون آھن پر ھن چٺي ذريعي توهان کي آگاھ ٿا ڪريون ته ڪشمور ضلعي اندر حالات وانا ۽ وزيرستان کان به بدتر ٿي ويا اٿئو ' قبائلي جھيڙن کي ھوا ڏيئي پنهنجي مرضي مطابق ماڻهن کي قتل ۽ اغوا ڪرايو وڃي ٿو ' ڪچي اندر اغوا جون انڊسٽريز قائم ڪيون ويون آھن پوليس مٿان حملا ڪري کين شھيد ۽ زخمي ڪري مٿن نفسياتي برتري حاصل ڪئي وئي آھي ۽ علائقائي پوليس ھجڻ ڪري ڪا مزاحمت ڪانه ٿي ڪري ڇو ته ھتان جو سرداري ۽ جاگيرداري نظام ڌاڙيلن کي سپورٽ ٿي ڪري ۽ ڌاڙيل جي قتل جو جرڳو ڪري ان پوليس واري مٿان ڳرا ڏنڊ رکيا وڃن ٿا انڪري منھنجا سائين ھن ضلعي اندر لوڪل پوليس ڪجهه به ڪانه ٿي ڪري۔ ۔ ۔ ۔ ۔
ڪشمور ضلعي جا روڊ رستا مڪمل طور ڏوھارين حوالي آھن عام شھري ڪاروبار ته پنهنجي جاء تي معمول جي ڪمن ڪارين لاء گھر کان نڪرڻ کان عاري آھن ' ۔ ۔ ۔
توهان کي مودبانا گذارش ڪريون ٿا ته پنهنجي اڻ کٽ مصروفيتن مان ڪجهه وقت ڪڍي اسانجي ضلعي طرف توجھ ڏيو ته جيئن چار پھر بھتر انداز ۾ گذاري سگھون '
اسانجا شھر نالين ۽ برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھن ' گھٽين ۾ مھينن جو گند پيو آھي روڊ رستا أکڙيا پيا آھن ۽ حادثن ۾ اسانجا پنھنجا وڇڙي ويا ' بجلي ۽ گيس مڪمل غائب آھن ' شھري ۽ ڳوٺاڻي علائقن ۾ پاڻي چھرو آھي ڪاري ڪامڻ ۽ گڙدن جون بيماريون عروج تي آھن يقينن انڪري اسانجا پيارا اسانکان وڇڙين پيا پر پوء به اسان خاموش آھيون ۽ اسان انکي رب جي رضا سمجھي خاموش آھيون پر سائين اسانکي امن ته ڏيو ڪجهه گھڙيون ته سٔک سان گذاريون '
اميد ته اسان مٿان رحم کائي جلد ڪشمور ضلعي جي ڏوھارين خلاف قھري ڪاروايون شروع ڪندو نه ته چند ڏينهن اندر ڪشمور' ڪنڌڪوٽ تنگواڻي غوثپور وغيره خالي خالي ملندا ڇو ماڻهن ھاڻي سان ئي لڏ پلاڻ شروع ڪري ڇڏي آھي۔ ۔ ۔ ۔
والسلام۔ ۔ ۔ ۔ ۔
ڪشمور ضلعي جو عوام

21/06/2023

أھو جي تنهنجو مذھب آ ته
پو مان آھيان شيطان جي پاسي💔

20/06/2023

ڪنڌڪوٽ
3 پوليس اهلڪار هٿيار سميت اغوا ٿيڻ جا اطلاع
💔😢

Haq Jo Awaz 20/06/2023

Follow me please

Haq Jo Awaz Sindhi

Want your public figure to be the top-listed Public Figure in Kashmore?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Videos (show all)

Haq Jo Awaz

Category

Telephone

Website

Address

P/O Tangwani
Kashmore
62829

Other Musicians/Bands in Kashmore (show all)
M HARIS FANS M HARIS FANS
Tangwani
Kashmore

https://youtube.com/@mujeebrahmannindwani-gh8qh Friends plz sapport me ON YT ���

Nawab veer Nawab veer
Kashmore

sultani sultani
Deramore
Kashmore

sultani

Abdul Sattar Baloch Abdul Sattar Baloch
Kashmore
Kashmore

music

yasir arfat sherlani yasir arfat sherlani
Kashmore
Kashmore, 1122

Baloch sahab Baloch sahab
Kashmore

Bajkani Baloch

king Baloch king Baloch
Kashmore

Baloch

Fateh muhammad ShB Fateh muhammad ShB
Kashmore

Ali bagh

رنگین دنیا Rangeen dunya رنگین دنیا Rangeen dunya
Kashmore
Kashmore, 72200

اکمل بلوچ

Iqrar Ali Iqrar Ali
Kashmore
Kashmore

Farhan Ali Solangi Farhan Ali Solangi
Kashmote
Kashmore, 12345

Abid poetry Abid poetry
Kashmore