Javed Akhtar Khaskheli

نظم جو ٽڪرو

ڪون ٿو گهرجي هاڻ
تنهنجي ٻانهن جو ڪنڱڻ im a writer

28/12/2021

ماڻهو مِٽيءَ مان ٺهي ،مٽيءَ کي ٺاهي ،
‏ڏِٺي تو ناهي ،شايد ڪار ڪُنڀار جي!
⁦‪
شيخ اياز

Remembering unmatchable, revolutionary & poet of vision Shaikh Ayaz today on his death anniversary.

16/12/2021

سلسلو نئين وک
ترتيب جاويد اختر خاصخيلي

تعارف رسول ميمڻ

رسـول ميـمـڻ: نـاميـاري ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جو پـورو نالـو غلام رسول ولد محمد يعقوب ميمڻ آهي. هن 1 جنوري 1956ع تي سکر ۾ جنم ورتو. سندس پرائمريءَ کان ڪاليج تائين جي تعليم سکر شهر ۾ ئي ٿي. هن مئٽرڪ جو امتحان 1969ع ۾ پاس ڪيو. 1978ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ايم. بي. بي. ايس جو امتحان پاس ڪري، 1981ع ۾ شڪارپور جي مشهور راءِ بهادر اوڌو داس تاراچند سول اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيو. 1982ع کان 1983ع تائين سکر سول اسپتال ۾ ساڳئي عهدي تي رهيو. 1983ع کان 1990ع تائين چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ڊمانسٽريٽر رهيو. 1991ع ۾ لاهور مان ’ڊپلوما ان ڪلينيڪل پيٿالاجي ڪيائين، 1992ع ۾ موٽي اچي سول اسپتال سکر ۾ پيٿالاجسٽ ٿيو. 1998ع ۾ بيسڪ ميڊيڪل سائنسز انسٽيٽيوٽ GPMS ڪراچيءَ ۾ ’هسٽوپيٿالاجي‘ (Histopathology) ۾ ايم. فل لاءِ داخل ٿيو ۽ 2000ع ۾ هسٽوپيٿالاجيءَ ۾ ايم. فل ڪيائين. 2000ع کان اڄ تائين ڪياماڙي اسپتال ڪراچيءَ ۾ ڊپٽي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ آهي.
رسـول ميـمـڻ کي نـنڍپـڻ کان وٺـي لکڻ پـڙهڻ سـان شـوق هـو. ادل سومري ۽ اياز گل سان گڏ ادب جي ميدان ۾ پير پاتائين. سندس پهريون شعر 1976ع ۾ نئين دنيا پبليڪيشن لاڙڪاڻي ۾ مشهور اديب رزاق مهر شايع ڪيو ۽ سندس پهرين ڪهاڻي ’مارو پبليڪيشن، حيدرآباد‘ ۾ ڇپي. رسول ميمڻ، ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ جلد پاڻ کي مڃائي ورتو ۽ نئين ٽهيءَ جي نمائنده ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. هن وقت تائين ســندس ڪهاڻين جا پـنـج ڪــتاب: (1) ’امن جي نالي‘ (1977ع)، (2) ’ڪـافـر ديــوتا‘ (1979ع)، (3) ’چـچـريل زندگين جا قافلا‘ (1981ع)، (4) ’ابابيل جي اڏام‘ (علامتي ڪهاڻيون: 1993ع) ۽ (5) ’فونو‘ (2010ع) ڇپيل آهن. ان کانسواءِ هن جي شاعريءَ جو هڪ مجموعو ’اُوشا جي آشا‘ (1979ع) ۽ دنيا جي مشهور شخصيتن بابت ترجمو ٿيل هڪ ڪتاب ’ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن‘ (1988ع) پڻ ڇپيل آهن.
سنڌي ٻوليءَ جو ھيءُ ناميارو ڪهاڻيڪار 24 نومبر 2021ع تي ميرپورخاص ۾ دل جي دوري پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

Courtesy : Encyclopedia Sindhiana

03/12/2021

اجرڪ جو تحفو ڏيندي چيائين
توسان سب رنجشون
۽ نفرتون ختم
ڇو ته اڄ ایڪتا جو
ڈینھن آھي

ج ا

Photos from Javed Akhtar Khaskheli's post 20/11/2021

ڪتاب📕
” هڪ زنده ڪيل قديم ٻولي (جنم ۔ڀيٽائي۔خاڪا) تي مختصر اڀياس“

اسان جي دل اندر تنهنجو لڏي پيو هٿ اڃان تائين
اچي هر روز ٽيشڻ تي اکين منظر ائين سوچيو۔ فراق

منفرد انداز جو ور اسٽائل ليکڪ شاعر فراق هاليپوٽو جي نئين ڇپيل ڪتاب ۔”هڪ زنده ڪيل قديم ٻولي“
جنهن کي ليکڪ پاران شھيد افضل پنهور جي امڙ جي نالي ارپنا ڪيل افضل پنهور جيڪو سنڌ جو شھيد آھي۔
افضل جنهن کي سندس امڙ مسڪرائي لحد ۾ لاٿو هيو بحرحال خوبصورت ارپنا بعد فراق جي ڪتاب جو ايندڙ صفحو سٽائن سان سجايل آھي۔
138 عنوانن جي پني کي اٿلائبو ته پنهنجي پاران ڪارنر جي تحرير ۾ فراق لاجواب خيال ونڊيا هن ۔
سندس ستون نمبر ڪتاب ۾ صرف محبتون ۽ محبتون ورهايل نظر آيون ۔۔
ڪتاب ۾ ڪنهن هنڌ بنه لاجواب لکيو اٿائين ته ”مون کي دروازا کولڻ ايندا هن سي به دلين جا“ هاء هاء انداز وڻيو ٻي هنڌ چيو اٿائين ته” يار قبرن ۾ به پيارا لڳندا هن“ ۔ ۽ ”وڻن کي ان ڪري لکڻ نه ايندو جو انهن کي ڳوڙها ڳاڙڻ ناهن ايندا۔۔۔“
عنوان” لاشعور ، شعور سان اظھاربو آھي کان وٺي”
تڙپندڙ ھارن جو قصو “کان به اڳتي ”يونان تائين سوچيندڙ ھڪ شاعر تائين“ سڀني ليکڪن جي لکڻين تي سندس قلم خوب نڀايو آھي
جنم ڀومي خاڪا جي هن ڪتاب ”هڪ زنده ڪيل قديم ٻولي“ ۾ هميشه لاء قيد ڪري قومي فرض پورو ڪيو آھي بيڪ ٽائيٽل تي عزيز گوپانگ جون سٽون جنهن ۾ ھن خوب نڀايو آھي۔۔
ڀلوڙ ٽائٽل ۽ رنگين ڪيلي گرافي ٿيل سندس ڪتاب سنڌي ادب ۾ منفرد جڳھ ولاريندو فراق جي قلم جي سگھ اڃا به وڌندي رهي

ساٿ سلامت سنڌ سلامت
جاويد اختر خاصخيلي
آڊيٽر شاخ
سنڌي ادبي سنگت ماتلي
20/11/2021

05/08/2021

نثري نظم ”سرد لاش “

گلي ۾ گوڙ ھيو
ماڻھن جو هجوم
ڏسي هجوم جي
دائري مان ليئو
پائي مون به
ڪجھ ڏسڻ ٿي چاهيو!
آئون هجوم جي
وچ تي پهچي چڪو هيس
ٻڌڻ ۾ آيو ته خودڪشي
جو ڪيس آھي؟
منهنجي نظر ان چھري
تي پئي جنهن کي
ڪجھ ڏينهن اڳ
سندس ور اهيو چئي
گهران لوڌي ڪڍيو هو'
ته تون پٽ ڇو نٿي ڄڻي
ٻن ڌيئرن جي ماء جو
لاش پٽ تي سرد ٿي چڪو هيو....
مردن جي معاشري ۾
تتل زمين تي
مظلوم عورت
جو لاش جنهن جون اکيون
مٿي مردن ڏانهن کنيل هيون
شايد هو ٻنهي هٿن سان ڀونڊو
ڏئي رهي هجي =
دائري ۾ مداري جيان تماشو
ڪري بيٺل معاشري جي اميرن
جا ڳاٽ اوچا هجن ٿا ......
۽ اسان جي ذھنن ۾ ڪيترائي
ڊرامن جا پلازه اڏبا ۽ ڊھندا
رهندا هن جنهن جي دز زماني کي
انڌو ڪري ڇڏي ٿي
ٻوڙو ڪري ڇڏي ٿي..................

از قلم
جاويد اختر خاصخيلي

https://www.facebook.com/Javed-Akhtar-Khaskheli-100169168930078/

Photos from Javed Akhtar Khaskheli's post 05/08/2021

”سلسلو نَئين وِک “

روشَن سان مِلو جِيڪا هڪ ڏاچِي آھي،
هِن جي پٺن تي دنيا جي پِهرين لائبريري آھي جيڪا بَلوچستان جي ڪافي عِلائقن ۾ لاڪ ڊائون وارن ڏينهن ۾ ھَر هِڪ خاص طور ٻار ٻَچا روشن نالي ڏاچِي کي سڃاڻين ٿا ۔۔۔
جيڪي ان ڏاچي جي اچڻ جي انتظار ۾ بيٺل هوندا آھن ڏاچي تي هَلندڙ لائبريري بَلوچستان جي مختلف ڳوٺن ۾ پهچي ٿِي روشَن نالي ڏاچِي هَفتي ۾ ٽي ڀِيرا ضلع ڪيچ جي چار منتخب ڳوٺن ۾ وڃي تَقريبن ٻه ڪَلاڪ کَن تَرسي ٿِي۔
ڳوٺن جا ٻار اڳوڻا ڪِتاب واپس ڏين ٿا ۽ نوان ڪِتاب کڻي مطالعو ڪن ٿا اِن طَرح پَڙھڻ جو سِلسِلو جاري رَهي ٿو ۔۔
اٺ تي هَلندڙ لائبريري جو خيال ڪيچ سان تَعلق رَکندڙ رحيما جَلال جيڪا هاء اسڪول جي پِرنسپال پڻ آھي ان جو چوڻ آھي ته ان لائبريري سان علائقي جا ٻار لاڪ ڊائون ۾ اِسڪول بَند هجڻ باوجود پنهنجي پَڙھائي جاري رَکي سَگهن ٿا۔۔
رَحيما جلال هي مَنصوبو ٻِن مقامي تَنظيمن سان مِلي ڪَري سَرانجام ڏَئي رَهي آهي ۔۔
مسقِبل ۾ بَلوچستان جي ڏورانهن عِلائقن تائين پهچڻ جو عَزم رَکي ٿِي

از قلم
جاويد اختر خاصخيلي

https://www.facebook.com/Javed-Akhtar-Khaskheli-100169168930078/

30/07/2021

اڄوڪو
تنهنجو اسٽيٽس
ڏسي حيران ۽
پريشان ٿي ويس

جاويد اختر
https://www.facebook.com/Javed-Akhtar-Khaskheli-100169168930078/

28/07/2021

بک ۽ مفلسِي ۾
شڪار ٿيل ڪنهن
غريب مجبور جي
جيئري مدد ڪيو
ڪنهن کي جيئري
ڪلھو ڏيڻ انسانيت آھي.

جاويد اختر

19/07/2021

نثري نظم #
بک جي شيلڊ #

اڄ باھ ٻَري ناهي
”هو 28 ڏينهن کان
لاپتا آھي “
سَندس نَنڍڙا ٻار
بک وِگهي رِيهون
ڪَري رَهيا آھن،
رِياست جي اَنڌي
قانون جون اَکيون
سَدائين پوريل ۽
ٻَڌل رهن ٿيون،
انهي سَبَب کِيس
بک جي باھ
۽ ابهم ٻارن جون
اڀ ڏاريندڙ رَڙيون
ٻڌڻ ۾ ناهن اينديون،
”هِن کي ظاهر ڪَيو وَيو“
شَھر جي وَڏي عَدالَت ۾
صاحِب منصف کي
منشي جاڙي جلال دستاويز
پِيش ڪيو جنهن ۾ مَٿين سِٽ جي
پهرين پيرا ۾ ئي لکيل هيو
هي جَوابدار پيِشه وَر مجرم آھي،
هو اَڪثر شَھر جي چوڪَن تي
ڌاڙا هَڻندو رَهي ٿو!!
هن جا فِلان فِلان سَبوت شامل آهن
صاحِب منصف
قَلم جي نوڪ سان
سفيد پَني تي عمر قِيد لِکي
قَلم کي گَهلي طوِيل ليِڪ
ڏَئي بکايل ٻارن کي
سَدائين لاء بک جي شِيلڊ
ڏَئي چپ ڪَرائي ڇَڏي ٿو!!!!!!


جاويد اختر خاصخيلي
https://www.facebook.com/Javed-Akhtar-Khaskheli-100169168930078/

19/07/2021

نثري نظم“
ڊسمبر ۾ ملبو
جون ۾ موڪلاڻي
”محبتون “به موسمن
جيان بدلبيون رهن ٿيون

جاويد اختر

08/07/2021

آڪسيجن روم ۔ابهم ٻار ۽ لاچار والدين جو نماڻيون نهارون
جاويد اختر خاصخيلي

افسوس سان لکڻو پئجي رهيو آھي ته اسان جي معاشري ۾ انسانيت نالي ڪا به شي رهي ناهي ماتلي ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ نجي اسپتال جي عملي 2000 نه هجڻ سبب ابهم ٻارڙو آڪسيجن تي نه رکيو آڪسيجن روم جي گيٽ تي ٻارڙي جا وارث لاچار ٿي بيٺا رهيا جيسين ڪو گهران پئسه کڻي اچي ان وچ ۾ ٻار جو روح پرواز ٿو ڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
پتڪڙي روح جهان جي خالق کي ايترو ضرور چيو هوندو
اي خدا تنهنجي جوڙيل جهان کي ڏسي آ ڪيڏو نه قيس آھي انسانن انسانيت کي ڏاڍو لڄايو اٿئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڳالھ ڪئي سين پي آڪسيجن روم وٽ تڙپندڙ معصوم ٻار جي
ساٿيو ۔۔2000 هزار پوء به ملي ٿي سگهيا ٻار به اسپتال عملي وٽ هجي ٿو پر انسانيت کان وڌ روپيو هجي ٿو جيڪو ڪيترائي انسان مارائي ٿو شايد مارائيندو رهندو صحت کاتو الائي ڪهڙي قانون تحت نجي ”ڪوس گهر بڻائڻ “جي اجازت ڏي ٿو۔۔۔۔غريب عورتن کي ڊليوري دوران ڊپ ڏئي هزارين روپيا اوڳاڙي آپريشنس ڪيون وڃن ٿيون۔۔۔اٻوجه ماڻھن کي ايمرجينسي جو چئي داخل ڪيو وڃي ٿو داخلا بعد کل ابتي لاهڻ جو سلسلو شروع ڪيو وڃي ٿو۔۔ جيڪو ذري گهٽ لک تائين پهچيو وڃي ٿو۔۔
گذريل ڪيترن ئي سالن کان اهيو ڪم جاري آھي صحت کاتي جا اعلي عملدار رشوت عيوض دوستي ياري جي ڪري اهڙي اجازت ڏئي عام ماڻھن کي اهڙين حالتن ڏي ڌڪين ٿا ۔۔
خاص طور ماتلي شهر ۾ سرڪاري اسپتال ۾ سوا پنج سيرپ ڪجه گورين جي ڪجه به ناهي ايمرجينسي ۾ رات جو ٻه 12 کان صبح 5 بجي تائين شھر ۾ ڪوبه اسٽور کليل ناهي هوندو ۔۔۔۔۔۔۔
پرائيويٽ ڊاڪٽر رات جو 9 کان پوء لڀن ئي ڪون اسٽور بند هجن ٿا آڌي رات جو ماتلي شھر جو الله ئي وارث هوندو آھي ۔۔۔۔تجربي خاطر اوهان رات جو 1 بجه ڏسي سگهو ٿا
عزيزان من ۔۔۔۔
اسان ڪهڙي دور ۾ ٿا رهون اسان برابر دنيا سان هلي سگهڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون پر ٻيون سهولتن کي هڪ پاسي رکي صحت جي سهولت برقرار رکڻي گهرجي۔۔۔۔۔
اسان ماتلي واسين جي گڏيل التجا آھي لاڳاپيل انتظاميا ۽ تڪ جي چڱن مڙسن کي مهرباني ڪري ماتلي جي ماڻھن کي ڪوس گهر جي ڪاساين کان بچايو وڃي۔ انهن کي پابند ڪيو وڃي.
بلاوجه آپريشن نه ڪيا وڃن دوا ڪمپنين کان انعام وٺڻ خاطر لوڪل دوائون سيل نه ڪن اسپتالون24 ڪلاڪ کليل هجڻ گهرجن آڪسيجن فري هجڻ کپي.
تعلقي اسپتال ۾ نرسري قائم ڪئي وڃي جتي نئين ڄاول ٻار کي فوري آڪسيجن مهيا ٿي سگهي تعلقي اسپتال ۾ بجاء نئين ڊاڪٽر جي سينيئر ڊاڪٽر مقرر ڪيا وڃن جيڪي ايمرجيسي دوران مريض کي رليف ڏئي سگهن
ڊي ايڇ او بدين ۔ڊي سي بدين ڊي جي صحت۔سيڪريٽري صحت ۽ ضلعي انتظاميا نوٽيس وٺي ۔۔۔https://www.facebook.com/Javed-Akhtar-Khaskheli-100169168930078/

02/07/2021

نَثري نَظَم
”عِشق نگر “

#جاويد اَخَتَر #

”عِشق نَگر“ ۾
=تنهنجون چالاڪِيون
=۽تنهنجون مڪاريون
= مان سادو ڳوٺاڻو ماڻھو
=سَمجهي ڪِين سَگهيم
”هاء منهنجو عِشق ڳوٺاڻو “
https://www.facebook.com/Javed-Akhtar-Khaskheli-100169168930078/

29/06/2021

”وائي “

تو کان وڇڙي وياسين
هاء ڪيڏو پري وياسين
پنن جيان فضا ۾
اڏري پکڙي وياسين
ھاء ڪيڏو پري وياسين
تو چيو هو موڪلاڻي آ
اهيو ٻڌي سڙي وياسين
هاء ڪيڏو پري وياسين
گل هئاسون گلن ۾
گلدستان مان اکڙي وياسين
هاء ڪيڏو پري وياسين
تو پنا ڦاڙيا ڪتابن جا
هڪ هڪ ٿي وکري وياسين
هاء ڪيڏو پري وياسين
روح جا راڻا هئاسين ”جاويد“
اڄ دل مان ئي نڪري وياسين
هاء ڪيڏو پري وياسين

https://www.facebook.com/Javed-Akhtar-Khaskheli-100169168930078/

28/06/2021

نٽري نظم ۔۔گام

جاويد اختر

تَصور ۾ تَري ٿو
تنهنجي” گام“ جو منظر
عَجِيب هِن گام تنهنجي جا
وَروڪن سَندا رَستا
مَريڙي جي سنگند واسيل
سَڀئي ٻَنيون سَڀئي ڍورا
مَگر تنهنجي سونهن جِي سامهون
بِنھ گَهٽ ڀانيان ٿو
ڌَرتي سون وانگي آ
چَمڪي چَنڊ وانگي ٿِي
هِنڌاڻن جون سَوين بَستيون
سَوين گَليون مِتيرن جون
ڪونڀَٽن جون قَطارون ۽
تنهنجي ”گام “جون گَليون
ڪونجِهڙِي تِي ٽِڪون ٽانڪِي
سَوين مَهمِير ماِرين ٿِي
اسان جو جيء جهورين ٿِي
صَنم تنهنجو ”گام “تو وانگي آ
”هَوائن جا رَقص ڀِي صوفي“
”صبح جو مال جي ڪَنڌ ۾
چَڙن جا ساز ڀِي صوفي“
تنهنجو دِيس تنهنجو گام
تنهنجي هَر ڳالھ صوفياڻي
مگر پوء ڀي اسان جا دَرد
اسان هاڻي سِبي ٽانڪي
رکون ٿا سال اِيندڙ لا
وَري مِلبو ملهاري ۾
وري ڪا ياد جي موسم
وراڪو ڏَئي جي پڇَندئي
اسان جو حال جي ڄاڻي
محبَت جي دِيري ڏانهن
گَنگا ڇَن ڏِيھ ڏِي ڏِياري
لِکي تون خَط هوا ۾
اڏاري” گام “کان ڇَڏجان
اڏاري ”گام“ کان ڇَڏجان۔۔۔۔

الفاظن جي معني

گام۔۔ننڍڙو ڳوٺ۔
مريڙو ۔۔گاھ±ڀاڄي
هنداڻو۔۔ڇاهين
ڪونڀٽ۔۔۔کنئور ڏيندڙ وڻ
ڪونجهڙو۔۔۔ٿَري ڀرت جو قسم
مهمير۔۔۔دلير
چڙا۔۔مال جي ڪنڌ ۾ لٽنڪدڙ گهنڊ
ملهاري۔۔مينهن جي مند
ڇن گنگا ۔۔تعلقي ماتلي جي ديھ جو نالو
ديرو محبت۔۔۔۔تعلقي ماتلي جو اصل نالو

27/06/2021

نثري نَظم” اداسي“
جاويد اَختر

اداسي دَر تي تاڙي ناهي ڏِيندي
دَر تان جهانڪي ڏِسي ٿِي
کِڙڪين مان مسڪرائي ِٿي
دَروازن ۾ لَٽڪي ِٿي
ها هو ڪِٿي َبه مِلي سَگهي ٿِي
مرجهايل گلابن ۾
اَڻ ڏِٺل خَطَن ۾
اڌوري اِظھارِ محبَت ۾
بي تَعبير خَوابن ۾
پَکڙيل ڪَجلين اَکڙين ۾
مسڪرائيندڙ چَپڙن ۾
رَچيل مَهندي ۾
ٽٽل ٻانهن جي چوڙين ۾
ڪِنهن جي وارن جِي خوشبوء ۾
آلين اَکڙين ۾
گلزاري جي طَويل نَظَمَن ۾
شام ڌاري ڳوٺ جي رَستن ۾
نِمَن جِي ڇانوَ ۾
مسافر جي گِيتن ۾
ڪَٻَٽ ۾ بَند پِيل ڪِتابن ۾
وِکريل وِجودن ۾
شَھر جي گوڙ ۾
انهن سَڀني ۾
مَحبوب ۽ دَرد کان سواء
ڪابه شيء مشتَرڪه ناهي
https://www.facebook.com/Javed-Akhtar-Khaskheli-100169168930078/

23/06/2021

شارٽ اسٽوري ”سنجها جي ڪَهاڻي“

”جاويد اختر خاصخيلي“

==ڇَڏڻ ٿِي چاهِين؟
--ٻِيو ڪو رَستو ناهي!!!!سنجها
==اِهيو سَڀ تون اڳي سوچين ها,,پنهل
-- خَوابن جي ساڀيا تِي مون کي يَقين ناهي::سنجها
==پوء تو خَواب سانڍي ڇو رَکيا ها؟ جنهن جي تو وَٽ اهميت ناهي ۔پنهل
--انهي ڳالھ کي اِتي ئِي خَتَم ڪَر۔۔۔۔سنجها
=ها ٻيو ڪَري به ڇا ٿو سَگهجي۔۔۔۔۔پنهل
--تو آخر منهنجي مَجبوري ته سَمجھ ۔۔۔۔سنجها
==سِواء فَريب جي تو ڪجھ ڪِين ڪَيو ۔۔۔۔پنهل
--نه نه نه مان دوکي باز ناهيان۔۔۔۔۔۔سنجها
==خَير !!! تون وَڃي سَگهين ٿِي۔۔۔۔پنهل
--منهنجي مَجبوري منهنجو ماروٽ آھي۔۔۔۔سنجها
==توکي مبارڪ هجي۔۔۔۔۔پنهل
--نه نه منهنجي ساڻس دِلچسپي ناهي اَمان جو فَيصلو آھي۔۔۔۔۔سنجها
# ”قميص جي اڌ کليل زِپ“
--ڏِس مان اڄ به تنهنجي آهيان اعتبار ڪَر ۔۔۔۔سنجها
==نه نه نه مان ڪِنهن جي اَمانت ۾ خَيانت ٿِيئڻ نَٿو چاهيان۔۔۔۔۔۔پنهل
--منهنجي خوائش اڄ به تون ئي آھين ۔۔۔۔۔سنجها
==تون ڪِنهن ٻِي جِي آھين مون کي اَڪيلو رَهڻ ڏي ۔۔۔۔پنهل
--مان توکي وِسارڻ نَٿي چاهيان ۔۔۔۔۔سنجها
==زمانو بي رَحم اَٿئي وِساري ڇَڏ۔۔۔۔پنهل
--چڱو خدا حافظ ۔۔۔۔سنجها
==اڄ کان موڪلاڻي صَدين تائين ۔۔۔۔پنهل
ٻيو ڏينهن ۔۔اخبار جي مِين سرخي
*هِڪ نوجوان ناري جو گهر اَندر ٽَنگيل لاش ھَٿ ۔۔۔
*تَصوير ڏِسي پنهل جي هَٿن مان اَخبار اڏامي وَئي
*پنهل جو جسم ٺري چڪو هيو
*اَکين جي حَرڪت بَند ٿِي چڪي هئي !!!!!!!

!https://www.facebook.com/Javed-Akhtar-Khaskheli-100169168930078/

19/06/2021

هي توهان جي گهر ۾ ف*ج جھڙو ٿڌو پاڻي ڏئي سگهي ٿو. جنهن سان اوهان جي صحت جو به ڪو نقصان ڪونه ٿيندو🙏

15/06/2021

”نسلن جا نقصان ڪندڙ بي رحم سياسي واپاري “
ليکڪ ۔۔جاويداختر خاصخيلي

بنا سوچڻ ۽ بنا سمجهڻ جي اسان مڊل ڪلاس ماڻھو جي غلط مشوري تي ائين ڪڍ لڳندا آھيون جيئن ٺڳ جي ٺڳي ۾ منجهي پوندا آھيون اسان هميشه ٻين جي اشاري تي ووٽ ڏيندا آھيون ۔
۔اسان کي اسان جي آئيندي جو فڪر نه هوندو آھي اسان مسئلن هوندي به الائي ڇو نڪ جا ڏاڍا هجون ٿا ڪڇون نٿا ، ڪڇون ٿا ته لوڙها اچيو وڃن همراه ڪاڄ کان به ٻاهر سزا فقط بهتار خلاف سچ ڇو ڳالهايئي اسان نسل در نسل غلامي جي زنجير ۾ ڪڙيون بڻجندا رهيا آھيون
حاڪمن جي واٺن جا موڀي پٽ ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ آفيسر هجن ٿا يا سرڪاري ڪامورا هجن ٿا ڪڏهن اوهان سوچيو ئي نه هوندو ڀهتار جو پٽ چوڪيدار ڇو نٿو بڻجي مالهي ڇو نٿو بڻجي اسان کي ابتو پڙھايو ويو آھي ۔اسان به حاڪمن کي ڏسي هروڀرون پيا هنبوشيون هڻندا آهيون
انهن کوکلن آسرن تي ويهي ڪيئي نوجوان سينڌ اڇي ڪري پوڙھا ٿي ويا نوڪري ڪانه ملي ۔
۔هڪ پاسي پاڻي کوٽ ٻي پاسي بيروزگاري وري به اسان چوندا رهون ٿا ادا کڻي ڪجھ نه ملي ووٽ امانت آھي اسان ڏينداسون۔
سچ ۾ اسان ووٽ جي اهميت هڪڙي ٽن فٽن جي لوهي نلڪي سان ڀيٽيون ٿا
اسان مٽي جي ڇهن ٽالهين سان ووٽ جي اهميت ڀيٽيون ٿا اسان ووٽ خاطر ڳي چاچي کي گار ڏيون ٿا پيء سان بدتميزي سان پيش اچي ٻاهون هڻندا آھيون پر کٽڻ بعد اميدوار ته سئو جي اسيڊ پڪڙي ٿو۔
۽ اسان جو معزز ڳوٺ جي نم هيٺ ستل رهي ٿو ۽ چوندو رهي ٿو هن ڀيري آزمايونس ٿا نه ته ڏسنداسون ۔۔۔۔۔۔۔
ڪيترن ئي بيروزگارن جون اميدن تي پاڻي ڦيري اهي عارضي سوداگر پنج سالن لاء عوام کي وڪٽوري جو اشارو ڏئي چون ٿا اهي ٻه آنڱريون اٿوَ جنهن جا اوهان حقدار آهيون۔۔۔۔۔
جاويداختر

12/06/2021

نظم
اسان مٽي هاڻا ماڻھو
پنهنجي ليکي راڻا آهيون؟

پنهنجي پيرن هيٺان ڌرتي
ڪنهن مهل ڪيئن سِرڪي نڪتي
ڇو ڀلا اڃا ستل آھيون
اسان مٽي هاڻا ماڻھو
پنهنجي ليکي راڻا آھيون؟
ڌارين جي ڌڌڪار ڏسون ٿا
ڏيھ ۾ ڏهڪار ٻڌون ٿا
پنهنجن ٻچن کي ٽنگون ٿا
پيٽ بکيا سڀ آھيون ماڻھو
اسان مٽي هاڻا ماڻھو
پنهنجي ليکي راڻا آھيون؟
پنهنجا ٻار پٽ سمهن ٿا
بصر کائي جهٽ سمهن ٿا
ڳوٺ رهيو ڪٿ هاڻ اسانجو؟
بلاڪن ۾ ونڊيل آھيون
اسان مٽي هاڻا ماڻھو
پنهنجي ليکي راڻا آھيون؟
اسان لئه ساڳيا ڇڪڙا آيا
هن لئه جهاز تڪڙا آيا
منهنجو ٻالڪ رات مري ويو!!!
هن جا ڪتا، ڪتا کڻي ويا
هاء ڪيڏا هيڻا آهيون
اسان مٽي هاڻا ماڻھو
پنهنجي ليکي راڻا آھيون؟
هو گاڏين جا زوڪاٽ ٻڌون ٿا
اوچا تن جا ڳاٽ ڏسون ٿا
کلندي کلندي روز لنگهن ٿا
ڪلهي کڻندي ڪاٺ ڏسون ٿا
اسان آهيون ڀورا ماڻهو
اسان مٽي هاڻا ماڻھو
پنهنجي ليکي راڻا آھيون؟
هن سورٺ اڄ پاڻ ٽنگيو آ
ارجڻ ڏاڍو سور پِٽيو آ
سوني ڌرتي جا وارث آھيون
اسان مٽي هاڻا ماڻھو
پنهنجي ليکي راڻا آھيون
https://www.facebook.com/Javed-Akhtar-Khaskheli-100169168930078/

جاويد اختر خاصخيلي

05/06/2021

سلطان محمود غزنوی وٽ ھڪ شخص ھڪڙو تتر وڪري لاء کڻي آيو جنھن جو ھڪ پير ڪٽيل ھو ۔
جڏھن سلطان ان تتر جي قیمت پڇي تہ شخص تمام مھانگی قیمت ٻڌائي۔
سلطان حیران ٿي پڇا کئي تہ ھن جو ھڪ پير بہ ناھی پوء ھن جي قیمت ايتري وڌيڪ ڇو لڳائي آھي ؟
ان شخص چيو جڏھن آئون تترن جو شکار کرڻ ويندو آھيان تڏھن هن تتر کي گڏ کڻي ويندو آھيان۔
ھن کي ڄار سان گڏ ٻڌي ڇڏيندو آھيان ھي تمام بھترين آواز ۾ پيار سان ٻين تترن کي گھرائيندو آھي ھن جو پيار ڏسي تمام گھڻا ٻيا تتر اچي ويندا آھن ۽ آئون انھن کي جھلي وٺندو آھيان,,,,,
ان شخص جيترا پئسا گھريا سلطان اھا پوري قيمت ڏئي ان تتر کي خريد ڪري ذبح ڪري ڇڏيو
تڏھن ھو شخص حيران ٿي ويو ۽ سلطان کي چيائين ھيڏي وڏي ڀاري قيمت ادا ڪري ھن تتر کي ذبح ڇو ڪري ڇڏيئي ؟
سلطان ان وقت تاريخ لفظ ڳالھائي چوڻ لڳو...

"جيڪو ٻين جي دلالي جي خاطر پنھنجن سان غداري ڪري ان جو اھوئي انجام ٿيڻ کپي.
عزيزو
اچو ته 6 جولاء تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ جي ڳوٺن تي ڌارين جي يلغار خلاف سڀ ويڇا رنجشون ختم ڪري انهن کي اهيو ٻڌائي سگهون ته اسان کڻي ڇڙوڇڙ ھجون ٿا جڏهن ڌرتي جي ڳالھ ٿيندي اسان هڪ ٿيندا آھيون
https://www.facebook.com/Javed-Akhtar-Khaskheli-100169168930078/

Photos from Javed Akhtar Khaskheli's post 31/05/2021

کيمچند شرما پرلوڪ پڌاريو
هو جيڪو شاهڪار ڪهاڻيڪار هيو سندس قلم جي نوڪ مان انيڪ ڪهاڻين جنم ورتو هن جي قلمي سگھ تمام وڏي ۽ پختي هئي
عزيزان من
اڄ جڏهن اسان سندس ڪهاڻيون پڙھنداسون ته انهن ۾ جاکوڙ ۽ جستجو جا ڪيئي سبق ملن ٿا
شرما صاحب جو اوچتو وڇوڙو سنڌي ادب ۾ وڏو خال پيدا ڪري ويو آھي
دوستو
شايد صدين تائين سندس خال ڀرجي نه سگهندو
تعزيعتي پوسٽ سان گڏ استاد کيمچند شرما جي ميسينجر تي موڪليل آخري ڪهاڻي حاضرين جي نظر

خادم جاويد اختر خاصخيلي
آڊيٽر سنڌي ادبي سنگت ماتلي شاخ https://www.facebook.com/Javed-Akhtar-Khaskheli-100169168930078/
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
کيمچند شرما
دددددددددددددددددددددددد

دددددددددددددددددددددددد
سرڳواسي ( جنتي )
بابا کي نارنگيون پسند ھيون
ددددددددددددددددددددددد

پيء ا
دل تي وڏو پٿر رکي ا
ھمت جو ترھو ٻڌي ا
بيساکي تي ٽڪ ٽڪ
ڪندو ا
پٽ جي ڪمري جي در وٽ بيھي کيس التجائي انداز ۾ جھڪيل اکين سان چيو ا
پٽ ڀڳوانداس ا
بابا جي لاء ا
اڄ پاء کن نارنگين جو ت وٺي آچجان ا
ھا بابا ھا ا
ٿورو شوخ لھجي ۾ چيائين ا
ھا ٻڌم بابا ا
ٻڌم ا
پنھنجي ڪمري ۾ وڃي ويھ ا
شام جو ياد آيون ت وٺي
ايندس ا
دلجاء ڪر ا
پيارا پٽ توکي روز وسريو وڃن پيء جھيڻي آواز ۾ چيو ا
اڄ پٽ يادگيري اچڻ لاء ھٿ جي تري تي لکي وڃ ا
آئون ڀي پنھنجي جواني ۾ ا
امان جي ا
پسند جي شي ھٿ جي تري تي لکي ويندو ھوس ا
ت جيئن منھنجي امان جي پسند جي شي وٺڻ ۾ ن وسري ا
۽ عمومن ڪيترو ب مصروف ھوندو ھوس ا
پر ايشور جي ڪرپا ھئي امان جي شي ڪڏھن ڪون وسري ا
پٽ جو بگل ڦري ويو ا
منھن ۾ وڏا گھنج وجھي چيائين ت ا
بابا تون ڀي عجيب الفطرت انسان آھين ا
دنيا ڪٿي ا
اچي سھيڙي آھي پر بابا تومان اڃان ڄٽاڻا طريقا ن
ويا آھن ا
ھٿ جي تري تي لکي
وڃان ااااا
افسوس صد افسوس ا
اوھانجي دقيانوسي ذھنيت
تي اا
پر پيء ويچاري پٽ جي طبيعت ۾ تکاڻ ڏسندي ا
بنان ورندي جي پنھنجي ڪمري ڏانھن ھليو آيو ا
ڳالھيون ڳڻيندي ا
شام ب سرمون پائي ڪائنات تي لٿي ا
پيء پوء ڀي اميد رکي نارنگين لاء در ۾ اکيون اٽڪايون ا
پٽ وڏا قدم ڀري سندس ڪمري کان تڪڙو تڪڙو گذري ويو ا
پيء اڄ ڀي ا
پٽ جا خالي ھٿ ڏسي پڪ سمجھي ويو ا
ت ڀڳوان کي اڄ ڀي نارنگيون وسري ويون ا
پر پيء وري ب ڀڳوان کي پٽ ھئڻ جي رشتي تي وشواس
رکي ا
ھوريان ھوريان پير تي پير رکندو ا
بورچي خاني ۾ ننھن گيتا وٽ ويو ا
ننھن جي شوخ اکين جو جائزو وٺي تمام جھيڻي ۽ جھريل لفظن ۾ پڇيائين ت ا
امان گيتا ڀڳوان منھنجون نارنگيون آنديون ???
ن بابا ا
ھن کي ڪٿان آئي واندڪائي ا?
توکي ت بابا سڄو ڏينھن کاڌو کپي ا
امان گھوريو ا
سھري شائستگي سان چيو ا
معاف ڪجين ماء ا
معاف ڪجين اا
ايئن پڇڻ آيس ت ا
متان ڀڳوان پٽ نارنگيون آنديون ھجن ا
پر !
وري ب امان گيتا ا
ھٿ ٻڌي چوان ٿو ت ا
معاف ڪجين منھنجي ماء ا
ھن ا
منھن جي ڀڳوان تي ڪھڙي
ميار ا
مٿيون سڄي سرشٽي جو ڀڳوان ا
ڀي مونکان منھن موڙي ويو
آھي ا
جنھن ڀڳوان مونکي پيدا ڪيو آھي ا
اھو ڀڳوان ئي منھنجي وينتي ڪون ٿو ٻڌي اا
ايترو چئي ا
وري ب پويين پيرين ا
نراشآ نراشا پنھنجي ڪمري ڏي ھليو ويو ا
اڄ زندگي مان بلڪل بيزار ا
ڏاڍو اداس ا
خفا ا
مايوس ا
وياڪل ا
وھاڻي جي ھيٺان آرام جي گوري لاء ھٿوراڙيون ھڻي ٿو ا گوري مليس ٿي ا
گوري کائي ا
گوڏا پيٽ ۾ ھڻي سمھي
پوي ٿو ا
صبح ٿيو ا
پٽ ڀڳوان ا
گھر ۾ ٺھيل مندر ۾ شيوا ڪري گھنڊ وڄائي ا
شو ۽ پارپتي جي ا
سنگمرر جي ٺھيل مورتين کان آشيروادون دعائون دفعائون وٺي ا
جيئن مندر جي در مان نڪتو ت ا
سندس خودنمائي سان لبريز نظرون وڃي پيء تي پيون ا
ڀڳوان طيش ۾ اچي ا
پڇيو ا
اڄ وري ڪھڙي فرمائش کڻي آيو آھين بابا ?????
پيء ڏڪندڙ ھٿن سان چيو ت پٽ ٽن ڏينھن کان وٺي ا
منھنجي
معدي غدود ۽ کنگھ جون سڀ گوريون ختم ٿي چڪيون آھن ا
پر ڊپ پئي ٿيم ا
ت متان منھنجو پٽ ا
منھنجي گھر جو ڀڳوان ناراض ٿي پوي ا
انھي ڪري توکي چئي نٿي سگھيس ا
پر پٽ اڄ ا
نيٺ توکي مجبور ٿي چوڻو
پئجي ويو ا
ڀئو ٿيم ت ا
متان دوائن ۾ ڪجھ ڏينھن جي گھاري پوڻ جي ڪري ا
منھنجي طبيعت وري وڌيڪ خراب ٿي ن پوي ا
ايئن چئي ا
پيء آھستي آھستي دوائن جي پرچي کيسي مان ڪڍي ا
نافرمان پٽ جي حضور ھٿن ۾ پيش ڪئي ا
نڀاڳي پٽ ا
پيء کان دھشتي انداز ۾ پرچي وٺي ا
راوڻي ھٿن سان مروٽي کيسي ۾ وڌي ا
اڄ پيء پٽ ڀڳوان جي ا
تلخ رويي کان نا اميد ت ڏاڍو ٿيو ا
پر ڇا ڪري ا??????
وري ڀي سوچيائين ت ا
مجبوري ۽ بيوسي ۾ اا
نا اميدي ا
جي ھنج ۾ اميد کي تيل ڦڻي ڪري ويھارڻو پوندو ا
اندر جي اڌ سان انتظار
ڪيائين ا
پر اڄ شام جو ڀي ا
ڪروڌي ڀڳوان خالي ھٿين پيء جي در وٽان تيز رفتاري سان
لنگھي ھليو ويو ا
اڄ پيء جي ا
وشواس کي نراسائي جو طوفان لڳو ا
آس جي ڏيئي جي ٽم ٽم وسامڻ لڳي ا
ھاڻي پڪ ٿي ويس ت ا
اڄ گھر جو ڀڳوان پٽ ڀي بيزار ٿي ويو ا
اڄ نراس پيء ا
دل ئي دل ۾ آخري دفعو اميد کي نا اميدي جي ھنج ۾ سمھاري گولي ھڻي ڇڏي ا
اڄ پيء ا
جيئڻ جي جتنن مان مايوس ٿي ھٿ ڪڍي ڇڏيا ا
اڄ موت کي ا
زندگي تي ترجيع ڏيئي
ڇڏيائين ا
اڄ ا
کيس زندگي دٻي جي بدبودار پاڻي مثل نظر اچڻ لڳي ا
اڄ موت جي آس سندس من کي موھي وڌو ا
اڄ پختو يقين ٿيو اٿس ا
ت موت ا
زندگي کي اجاري صاف ڪري فطري حسن بخشي ٿو ا
اڄ اھو ا
يقين جاڳي پيو اٿس ت ا
موت جي گود ۾ ستل رشتا ڌاڍا محبوب لڳندا آھن ا
بس رات گذري ا
پيء جي ا
ساھ جو پنڇي الائجي ڪنھن مھل پرواز ڪري ھليو ويو ا
پٽ حسب معمول ا
مورتين جي پوڄا ڪري روزگار ڏانھن روانو ٿي ويو ا
ڪاب پڇا ڳاڇا ن ا
ڪوب آسرو آٿت ن ا
ڪاب نارنگي زيتون ن ااا
ننھن گيتا ا
ٻنپھرن تائين ا
پنھنجي سھري جي ڪمري مان ڪو آواز ا
ڪو کڙڪو اا
ڪو سڏڪو ن ٻڌندي ااا
ڪمري جي دروازي وٽ بيھي ا سھري کي سڏ ڪيا ا
ڪو ب جواب ن مليو ا
سمجھي ويئي ت ا
اڄ بابا ڀڳوان جي چرنن ۾ پھچي ويو ا
اڃان ڀي ا
تسلي ڪرڻ خاطر سھري جي سواسن کڻڻ ۾ اکيون اٽڪائي ٻ ٽي منٽ
ٽڪ ٻڌي ڏسي ٿي ا
پوري پڪ ۽ خاطري ٿيس ت ا
اڄ بابا ( سھري ) پرلوڪ
پڌاريو ا
نيٺ دل جھلي ا
ڪمري جي اندر سھري جي منھن تان آھستي آھستي ڪپڙو مٿي ڪري غور سان ڏٺائين ا
ڇا ڏسي ا
ڀڳوان پنھنجي امانت کڻي چڪو ھو ا
خالي بيجان جسم ھو ا
روئندي روئندي مڙس کي فون ڪيائين ا
ت بابا سرڳواس پڌاري ويو ا
ڀڳوان فون تي رڙ سان گڏ روئي ڏنو ا
جلدي گھر آيو ا
مٽي مائٽي پھتي ا
اگني سنسڪار ڪيو ويو ا
ڀڳوان ٻئي ڏينھن نارنگين جا پنجاھ ڪارٽون گھرائي غريبن ۾ تقسيم ڪندي ا
روئندي روئندي ا
سڏڪندي سڏڪندي ويٺلن کي ٻڌايو ت ا
منھنجي ا
مٺڙي ا
شريمان ا
پوجنيه يوگيه ا
سرڳواسي بابا جن کي ا
فروٽ ۾ نارنگيون تمام گھڻيون پسند ھيون ا اا

29/05/2021

”ارڙنهن هزار
مخلوقات
مان صرف انسان
پيسه ڪمائي ٿو“
ڪا به مخلوق
”بک“ نٿي مري
۽ انسان جو
پيٽ نٿو ڀرجي
https://www.facebook.com/Javed-Akhtar-Khaskheli-100169168930078/
ج ا

Photos from Javed Akhtar Khaskheli's post 28/05/2021

اسانجي ڀيڻ فرزانا شر جنهن جو تعلق گهوٽڪي ضلعي سان آهي پنهنجي پيء لاء پٽن جهڙا فرض پورا ڪندي

پوسٽ جو مقصد نياڻي جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي

27/05/2021

نظم

جون جي تپش جيان
تپائي وجهن ٿيون
اکڙيون عورتن جون
دلڪش نگاهون کڻي
نيڻن سان نشانا چٽي
دلين تي وار ڪن ٿيون
تپائي وجهن ٿيون
اکڙيون عورتن جون
نيڻن ۾ قيد ڪن ٿيون
رستن تي هلندي هلندي
اکڙين سان فريب ڪن ٿيون
ڳوٺ جي گلي مان
جڏهن به گذر ٿئي ٿو
گهر جون دريون کلن ٿيون
نظرن جا تير وهائي
هر روز قتل ڪن ٿيون
تپائي وجهن ٿيون
اکڙيون عورتن جون
اکڙيون عورتن جون۔
https://www.facebook.com/Javed-Akhtar-Khaskheli-100169168930078/
جاويد اختر

26/05/2021

””يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي““

”منهنجو وڏو
مامون تاج محمد خاصخيلي“

سَندس شفقت ڀريو هٿ اسان تي سدائين رهيو ننڍي ننڍپڻ ۾ جڏهن به ڳوٺان سندن گهر وڃبو هيو ته پيار ۽ پاٻوه سان ملندو هيو سال 2009 ۾ پوليس کاتي ۾ ايس ايڇ او هيو انهي جي آخر ۾ اچانڪ وڇڙي ويو
جڏهن اسان جي عمر پڙھڻ جيتري ٿي اسان جا والدين ويچار ڪرڻ لڳا ته ٻارن کي تعليم ڏيارجي تڏهن اسان کي ماما ڳوٺان پاڻ وٽ گهرائي پڙھڻ لاء تلهار شھر جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو سال 1999 ڌاري ۔
ماما جي ڪتابن جي زخيري مان مون ڪيترائي ڪتاب ڏٺا جنهن ۾ امرجليل۔ هدايت پريم ۔نسيم کرل ۽ ٻين جا انيڪ ڪتاب هئا انهن کي پڙھندي پڙھندي لکڻ پڙھڻ طرف ڌيان وڌيو مون اتي ئي مشھور ناول” نِيٺ گونگي ڳالهايو “جو مطالعو ڪيو هيو
عزيزان من=
جنهن ڪارڻ اڄ منهنجو تعلق ننڍي کنڊ ۽ هنڌ سنڌ جي تمام وڏي ادبي تنظيم سِنڌي ادبي سَنگت سان تعلق آھي
ڳاله جو حاصل مطلب ته اسان جا وڏڙا جفاڪشين ۾ مشغول رهي ڪري ڪيترين پيڙائن مان گذري ڪري پنهنجي اولاد کي سٺو انسان بڻائڻ ۾ رڌل هجن ٿا
عزيزان من =
”زندگي خوبصورت آھي وڇوڙن کي مات ته نٿي ڏئي سگهجي پر جيئڻو ٿو پوي انهن کي ياد ڪندي ڪندي ،
ڪڏهن ڪڏهن ننڍپڻ جي ساروڻين جي ڳنڍ کلي پوندي آھي جيء چاهيندو آھي اهڙي ٽيڪنالوجي هجي ٻاروتڻ کي فلم جيان ڏسجي پر ناممڪن کي ممڪن ڪرڻ وس کان بنھ ٻاهر آھي “
سائين منهنجا ” زندگي ته ٿوري آھي پر پنهجائپ جي رشتي کي ايترو مضبوط ڪريو جنهن جي ڳنڍ صدين تائين نه کلي
زندگي
سان پيار ڪريو لمحا انتهائي پيارا هجن ٿا انهن کي نفرتن جي آڙ ۾ ڪڏهن به لتاڙجو نه ڇو ته پيار ۽ محبت کي لتاڙڻ سان نفرتن جو ڳوٺ اڏجي ٿو ان ڳوٺ ۾ گلابن جا گل جنم وٺن ئي ڪون ٿا “
اڄ َمن چيو لِک ته مون لِکيو اندر مان نِڪتل مٿيان سمورا لفظ جنهن جو مان ٿورائتو ضرور رهندس
https://www.facebook.com/Javed-Akhtar-Khaskheli-100169168930078/
✒جاويد اختر

Photos from Javed Akhtar Khaskheli's post 25/05/2021

”ڊسٽبن بڻيل ماتلي شھر“


ليکڪ۔۔جاويد اختر

گذريل ڪيترنئي مهينن کان ماتلي شھر ۾ گند ڪچرو وڌي چڪو آھي ۽ گٽرن جو پاڻي گلين ۾ وهندي نظر اچي ٿو،
شهر جي مين بازار گول چوراهي کان پل تائين جڏهن کان اسسٽنٽ ڪمشنر گاڏن ريڙھن کي ريل گاڏي جي صورت ڏئي لائن ۾ بيهاريو آھي
تڏهن کان ٻنهي طرفن کان ڀاڄي وارن گند ڪچري ۾ اضافو ڪيو آھي
مٿان وري صفائي عملو غائب هجڻ ڪري شھر جون گليون ۽ بازار جي حالت تمام بري ٿي چڪي آھي
ڌيان طلب ڳالھ👈 گول چوراهي کان گوني پل تائين اوهان سرچ ڪري ڏسندا ته ڀاڄي وارا لاپرواهي ڪري ڪاٺ جي ڪارٽونن جون پٽيون رستي تي اڇلائي ڇڏين ٿا جنهن ۾📌 ڪوڪا هجن ٿا جيڪي روز سوين🚲🚙 گاڏين کي پنڪچر ڪري غريب عوام کي ويتر پريشان ڪن ٿا
ٽائون انتظاميا جي لاپرواهي چٽي طرح نظر اچي ٿي شھري صفائي نه هجڻ سبب ڪافي پريشان هجن ٿا
صفائي نه هجڻ ڪري مين بازار ۾ 🐜مکين ۽ مڇرن جو آزار آھي ويجهي گهرن ۾ بدبوء ڦھليل هجڻ ڪري ڪافي بيماريون جنم وٺڻ لڳيون آھن
ماتلي ۾ صفائي عملي ۾ ڪيترائي ملازم پگهار هوندي به ڊيوٽي تان غائب آھن ڪي ته هلڪي ٻوهاري ڏئي پنهنجي ليکي ڊيوٽي ڪن ٿا ڪي سرڪاري ملازم هجڻ باوجود پرائيويٽ🏡 بنگلن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آھن
ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته شھر انتظاميا کي گهرجي ته هو پنهنجي زميواري کي بخوبي سرانجام ڏئي شهر کي صاف رکي ۽ اهڙو نظام متعارف ڪرائي ته ڪو گنڌ ڪچرو رستي تي اڇلائي يا گڏ ڪري ان خلاف ڏوھ ڏنڊ مقرر ڪيو وڃي
شھر جي مين هنڌن تي بند ڊسٽ بن رکيا وڃن جيئن شھر ۾ بدبوء ۽ ڪچرو پکڙجي نه سگهي
ان کان علاوه شھر جو ڊفينس ايريا نادرا آفيس مختيارڪار آفيس ڊي ايس پي مالي ٿاڻي جو علائقو ته اروڙي جو ڏيک ڏيئڻ لڳندو آھي
آخر صفائي عملي کي رکيو ڪهڙي ڪارڻ ويو آھي مٿي ڏسيل ايريا مين آفيس ايريا آھي اتي به پندرنهن ڏينهن کان پوء زوري صفائي عملو پهچي خانا پوري ڪري ٿو اهم اشو تي
ماتلي جي سول سوسائٽي ۽ سماجي تنظيمون خاموش ڇو آھن؟؟؟؟؟؟

23/05/2021

دل هيو
رف ڪاپي
نه هئي
ابتا ليڪا
ڪڍيا تو
ٻارن جيان

https://www.facebook.com/Javed-Akhtar-Khaskheli-100169168930078/

23/05/2021

اسان جا سياستدان
اسان کي 74 سالن
کان قومي تراني
جي پويان لڳائي !
پاڻ وري قومي
خزاني جي
پويان لڳل آھن
https://www.facebook.com/Javed-Akhtar-Khaskheli-100169168930078/

23/05/2021

نيل درياه،
11 ملڪن مان گذري
مصر جون زمينون
آباد ڪندو آهي،
فرق اهو آهي
انهن 11 ملڪن
۾ پنجاب ناھي
جنهن سنڌ کي
ريگستان ڪري
ڇڏيو آهي
https://www.facebook.com/Javed-Akhtar-Khaskheli-100169168930078/

Want your public figure to be the top-listed Public Figure in Sindh?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Videos (show all)

اسان ڇا گهرون ٿا

Category

Telephone

Website

Address

Sindh
Sindh

Other Writers in Sindh (show all)
KashiF Writes KashiF Writes
Hyderabad
Sindh

🍁✨️________ 🌿|| Đσnʈ ʈrɣ ʈ❍ PŁαɣ Wııʈh Mə 💦 βəcαυSə I Ҝησω I Cαη Plαɣ βəʈʈəR ʈhəη ɣoυ <3 :)° 🌚👻

Morning Scribbles Morning Scribbles
Hyderabad Lines
Sindh

کامیابی کی شرائط میں سب سے اولین شرط نظم و ضبط کی پابندی ہے۔

Mr Waqar Ali Mahar Mr Waqar Ali Mahar
Nauabad
Sindh

Initial and ISSB test preparation Initial and ISSB test preparation
Mehrabpur
Sindh

Best notes about armad tests available

Nohri sabh Nohri sabh
Chhor
Sindh

just serve humanity �

Dawat.E.Islami Hala Old Dawat.E.Islami Hala Old
Hala Old
Sindh

Hamd.O.Naat

Faqeer Hussain Ahmed Faqeer Hussain Ahmed
Kandhkot
Sindh

HaSnain ZarDari HaSnain ZarDari
Nawab
Sindh

سجاول جوڻيجو جو سٿ سجاول جوڻيجو جو سٿ
Arzi Bhutto
Sindh

تعلقي سجاول جوڻيجو جو سٿ ✌

Meer Nasrullah Bozdar Qadri Meer Nasrullah Bozdar Qadri
Jarwar
Sindh

BOZDAR VLOG

Abbas Baloch Abbas Baloch
Dodapur
Sindh

Gul Bahar Khan Ghunio Gul Bahar Khan Ghunio
Gul Bahar
Sindh

follow me 🌹✌️📸 وڌيڪ گانا ڏسڻ لاءِ اسان جي ھن پيج کي فالو۽ لائيڪ ڪندا ھلو 🙏🙏🙏