The Achievers Educational Academy Ubauro

THE ACHIEVERS EDUCATIONAL ACADEMY UBAURO aims to provide a momentous opportunity of enhancing abilit

20/11/2023

Come and join us

14/08/2023

It's Informed to All students Of Achievers Educational Academy Today Academy remain closed.

01/06/2023

The students of XII are informed via this alert message that The Achievers Educational Academy is going to start classes for intermediate students from tomorrow onwards on 1st June 2023.
Those who are willing to join may be the part of classes. Thanks.

Photos from The Achievers Educational Academy Ubauro's post 02/01/2023
Photos from The Achievers Educational Academy Ubauro's post 02/01/2023

"Nothing is tough, everything is possible "
*Allahhamdolilla*
Today on Monday the 2nd January 2023 the fourth round of first monthly test was conducted successfully with fervour and zeal while the students of The Achievers Educational Academy Ubauro can be seen solving their tests under the guidance of Achievers Heroes in the photographs.
*Note* :- New Venue Al Falah Public Secondary School Ubauro.

19/08/2022

Dear Students it's inform to all of you that uncertain weather conditions The Achiever's Educational Academy remain closed today dated 19-08-22

15/07/2022

Its inform to all students that The ACHIEVERS EDUCATIONAL ACADEMY UBAURO today remain closed.

Photos from The Achievers Educational Academy Ubauro's post 02/07/2022

The students of The Achievers Educational Academy Ubauro while solving their first monthly test of this session under the guidance of Achievers Heroes today on 2nd July, 2022.

24/06/2022

سڀني شاگردن کي اطلاع ڪجي ٿو ته سڀاڻي دي اچيورس ايجيوڪيشنل اڪيڊمي ٽيچرز جي اليڪشن ڊيوٽي ۾ مصروف هجڻ سبب بند رهندي . ڪلاسسز جو ٻيهر آغاز سومر کان معمول مطابق ٿيندو . وڌيڪ رابطي لاءِ هيٺ ڏنل نمبر تي رابطو ڪندا.
03023682551

07/06/2022

Congratulations students who secure scholarship for this session

11/05/2022

First time in Pakistan College Education Department Sindh is going to launch
"Sindh College Education Apptitude Test System ( SCEATS)"
محترم پرنسپل صاحبان
MDCAT-ECAT
کی تیاری کے لیے لیے جانے والے ماڈل ٹیسٹ کی آن لائن رجسٹریشن کے لیے ویب سائٹ آج رات کھول دی جائیگی
*سیکریٹری کالج ایجوکیشن ڈپارٹمنٹ خالد حیدر شاہ نے تمام پرنسپل صاحبان کو پابند کیا ہے کہ یہ ٹیسٹ سیکنڈ ایئر سائنس (پری میڈیکل پری انجینئرنگ جنرل سائنس) کے طلبہ کے لئے ضروری یے اور ان کی شرکت تمام پرنسپل صاحبان کی ذمہ داری ہے.
تمام پرنسپل صاحبان اپنے کالج کے سیکنڈ ایئر سائنس (پری میڈیکل پری انجینئرنگ۔ جنرل سائنس) کے طلبہ کے واٹس اپ گروپ بنائیں ان کی رجسٹریشن کالج کے پورٹل پر چیک کرینگے.
سیکرٹری کالج ایجوکیشن نے تمام ڈائریکٹر صاحبان کو بھی پابند کیا یے کہ وہ تمام پرنسپل صاحبان سے روزانہ کی بنیاد پر کارکردگی رپورٹ چیک کریں.
http://sceats.dgcs.gos.pk/

کالج ایجوکیشن ڈپارٹمنٹ

SCEATS Web site created using create-react-app

29/04/2022

Examination centre allocations of class 9th and 10th

29/04/2022

اسلام و عليڪم سڀني شاگردن کي اطلاع ٿو ڪجي ته دي اچيورس ايجيوڪيشنل اڪيڊمي اڄ 29 اپريل کان 5 مئي تائين بند رهندي.ڪلاسسز جو آغاز 6 مئي کان شروع ٿيندو ٽائيم 3:30 کان6:30 بجي تائين هوندو.

28/04/2022

تمام شاگردن کي آگاھ ٿو ڪجي ته اسڪالرشپ فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ گذري چڪي آهي . ايڊمٽ ڪارڊ پنهنجي عيد کان بعد دي اڪيڊمي تان يا وري اچيورس اڪيڊمي جي جنهن ميمبر کي اوهان فارم جمع ڪرايو آ تنهن کان رابطو ڪندا.

Photos from Books as gold's post 12/04/2022
KTS 12/04/2022

KTS King Testing Service becomes a legal entity from the time of registration: owns a separate title deed and other rights, has a balance, payment and other bank accounts, closes with full Company name and ID code, corner and other stamps and other features be central to the best interest of company.

31/03/2022

الحمدالله
The ACHIEVERS EDUCATIONAL ACADEMY UBAURO
طرفان اسڪالرشپ هر سال جيان هن سال به انائونس ڪئي وئي آهي
جنهن جا فارم اڪيڊمي ميمبرس کان يا وري اڪيڊمي اچي ڪري حاصل ڪري سگهجن ٿا.
في فارم جي فيس 150 رپيا آهي.فارم ڪلاس اٺين کان نائين، نائين کان ڏهين، ڏهين کان يارهين ۽ يارهين کان ٻارهين ڪلاس لاءِ ڀري سگهجن ٿا.
نوٽ: فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 20 اپريل 2022 آهي.

20/03/2022
19/03/2022

Its inform to All students of THE ACHIEVERS EDUCATIONAL ACADEMY UBAURO that today academy remain closed. From Monday classes again start per schedule.

Photos from The Achievers Educational Academy Ubauro's post 19/03/2022

THE ACHIEVERS EDUCATIONAL ACADEMY UBAURO
جي هيرو مير محمد شعبان ملڪ کي پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي ميرٽ ۾ اچڻ تي لک لک واڌيون.
اسان سڀني دوستن جون نيڪ تمنائون اوهان سان گڏ آهن. اميد ڪيون ٿا جلد جوئننگ ڪري پنهنجو حقيقي فرض ادا ڪرڻ ۾ اڳڀرو نظر ايندا.
پاران:THE ACHIEVERS EDUCATIONAL ACADEMY UBAURO

Photos from The Achievers Educational Academy Ubauro's post 12/03/2022

بہت شکریہ حیدرآباد اور دادو سے آئے ہوئے ہمارے پیارے دوستوں محترم سر منیر احمد شیخ صاحب Bs زولاجي محترم سر عبدالودود صاحب کا جو اپنا قیمتی وقت نکال کر دا اچیورس ایجوکیشنل اکیڈمی اوباڑو کا وزٹ کیا اور بچوں کے اسرار پے سر والوں نے کلاس بہی لی الحمد للہ دا اچیورس ایجوکیشنل اکیڈمی اوباڑو کے پیارے اسٹوڈنٹس کا تعلیم کے حوالے سے محنت اور جذبہ دیکھ کر ہمارے پیارے دوستوں نے بہت ہی خوشی کا اظہار کیا اور بچوں کو شاباشی دی انہوں نے یے بہی کہا کہ اتنے تہوڑے سے مختصر عرصے میں اتنی بڑی تعداد بچوں کی دیکھ کر بہت ہی خوشی ہوئی ہے جس پر انہوں نے مزید کہا کہ دا اچیورس ایجوکیشنل اکیڈمی اوباڑو کی پوری ٹیم کی محنت کو ہم سلام پیش کرتے ہیں جنہوں نے مختصر عرصے میں تعلیم کے میدان میں اپنے آپ کو باقاعدہ منوا کے بچوں اور والدین کا مکمل اعتماد حاصل کیا ہے....

Photos from The Achievers Educational Academy Ubauro's post 29/01/2022

Some Glimpses of today's farewell programme at The Achievers Educational Academy Ubauro. We are very thankful to our all honorable guests visiting us and giving their valuable time for the fortune of students.
Sir Parveez Ahmed Panhwar Sahab Regional Manager Hbl Bank, Sir Mehtab Ahmed Malik Sahab Assistant Mukhtiar kar, Ali Raza Malik Sahab Assistant Mukhtiarkar and Sir Zahid Hussain vice principal girls Degree college Ubauro.
Dear students you will remain in heart of The Achievers Educational Academy Ubauro. Best wishes for your future endeavors!!

12/01/2022

"Education breeds the confidence. Confidence breeds the hope. Hope breed the peace."
The Achievers Educational Academy Ubauro gladly announces the new session. commencement of classes from 31th of January, 2022. Everyone is invited to join us in better and condusive environment.
Timing of the class: 3 PM to 6 PM.
Address. Al Huda Public Model School Ubauro.
Great Opportunity For Ubaurians
Come And Join.

Photos from The Achievers Educational Academy Ubauro's post 03/01/2022

The students of The Achievers Educational Academy while solving their Fifth monthly test, 03-01-2022 under the guidance of Achievers Heroes.. Wishing you all the best for your future endeavors.

16/12/2021

اڄ به هر دؤر جو مظلوم خون جو انصاف گهري ٿو.
”جنت ورثو ضرور آ منهنجو شهادت به.
ليڪن ان جنت کان اُُتَم جيجل جو ڇا ڪيا جا روئندي ظالم سماج ۾ ڇڏيون آيو آهيان.
جنهن سان نه انصافي جا مينهن اڄ به عرش تان وسندا آهن، ۽ اهو پيا چوندا آهن
اسين لا مڪان جا قيدي ڪي آهيون
ناهي رهي ھاڻ انصاف جي تقاضا اسان کي.
آءُ بي ڏوهي ماريو ويس ڪهڙو ديس آ منهنجو
ڪتابن جا ورق ڪفن ٿيا منهنجو ڪهڙو ويس آ منهنجو.“
سلام پيش ڪيان ٿو ان علم جي جهاد ۾ شهيد ٿيڻ وارن کي.
(مير عباس منظر)

Photos from The Achievers Educational Academy Ubauro's post 13/12/2021

THE ACHIEVERS EDUCATIONAL ACADEMY UBAURO

جي طرفان ڪوٺايل ثقافتي ڏيهاڙي جو پروگرام تمام بهترين نموني سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.مهمان خاص سائين فضل الرحمن خير صاحب جن جا ٿورائتا آهيون جنهن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي اڪيڊمي جي پروگرام ۾ شامل ٿي ٻارن جي حوصلا افضائي ڪئي ۽ منٿلي ٽيسٽ ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي انعامات پڻ تقسيم ڪيا.

11/12/2021

ڌرتي تنهنجا ديسڙا آهن مون ماءُ
سنڌو سارو ساه آهي تنهنجي ٿڃ جو.
ثقافتي ڏيهاڙو دي اچي ورس ايجيوڪيشنل اڪيڊمي طرفان سومر ڏينهن ملهايو ويندو ۽ گڏوگڏ منٿلي ٽيسٽ جو رزلٽ پڻ انائونس ڪيو ويندو. سڀئي شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي اڪيڊمي وقت مطابق پنهنجي وڃن.
نوٽ: موبائل فون يا ڪيمرا کڻي اچڻ جي ڪنهن به شاگرد کي اجازت نه هوندي.
پاران: دي اچي ورس ايجيوڪيشنل ٽيم.

Photos from The Achievers Educational Academy Ubauro's post 05/11/2021

Position holders of Achievers Academy are applauded in 3rd Monthly test held on Nov.02 , 2021.

28/10/2021

Asslam o alikum dear students. Monthly tests is scheduled from
1. Class 6th to 8th Saturday 31-10-2021.
2. Class 9th to First year Monday 1st-November 2021

19/10/2021

Its inform to All students that today academy remain open.

15/10/2021

Today academy remain closed.

Photos from The Achievers Educational Academy Ubauro's post 11/10/2021

Finally the wait is over THE ACHIEVERS EDUCATIONAL ACADEMY proudly announced the result of second monthly test on 09-10-2021.
Congratulations to all ACHIEVERS for their position Including top in academy.
It was a moment of proud when the result was going to be announced.We THE ACHIEVERS don't serve for money we serve for success

Photos from The Achievers Educational Academy Ubauro's post 03/09/2021

Monthly test results of Class IX,X AND XI.

01/09/2021

وقت ڇا آھي؟
وقت کان ھر ڪو واقف آھي تنھن ھوندي بہ ان جي وضاحت ۽ سمجھاڻي مشڪل آھي، سائنس، فلفسي، مذھب ۽ آرٽ ھن جي الڳ الڳ تشريح ڪن ٿا پر ھن جي پيمائش جو نظام سڀني ۾ ھڪجھڙائي رکي ٿو. گهڙيون سيڪنڊن، منٽن ۽ ڪلاڪن تي آڌاريل آھن جڏھن تہ انھن ايڪن جا بنياد پوري تاريخ ۾ تبديل ٿيندا رھيا آھن، انھن جا پيرا قديم سُميرين تھذيب سان ملن ٿا. وقت جو ھاڻوڪي عالمي ايڪو سيڪنڊ آھي جنھن کي سيئزيم ائٽم جي توانائي جي حالتن ۾ تبديلي سان ڪئي ويندي آھي. پر وقت آخر ڇا آھي؟
سائنسي تشريح
طبعياتدان وقت جي وضاحت ھن ريت ڪن ٿا: اھو ماضي ۾ ٿيندڙ واقعن جو ھڪ سلسلو آھي جيڪو حال کان ٿيندو مستقبل ڏانھن وڃي ٿو. بنيادي طور تي جيڪڏھن ڪنھن نظام ۾ تبديلي نہ اچي تہ پوءِ اھو لازوال يا ابدي آھي.
وقت کي حقيقت جي چوٿئين رُخ يا ڏس (dimension) جي طور تي سمجھي سگهجي ٿو جيڪو ٽي رُخي جاءِ تي ٿيندڙ واقعن کي بيان ڪري ٿو. اھا ڪا اھڙي شي نہ آھي جنھن کي اسان ڏسي، ڇُھي يا چڪي سگهون پر اسان ھن جي لنگهه جي پيمائش ڪري سگهون ٿا.
وقت جو تير (The Arrow of Time)
فزڪس جون مساواتون يڪسان طور تي ڪم ڪن ٿيون کڻي وقت مستقبل ۾ اڳتي وڌي رھيو ھجي (واڌو وقت) يا ماضي ۾ پوئتي وڃي رھيو ھجي (ڪاٽو وقت) تنھن ھوندي بہ طبعي دنيا ۾ موجود وقت جو ھڪ رُخ ھوندو آھي جنھن کي وقت جو تير سڏيو ويندو آھي. سوال اھو آھي تہ وقت آخر اپلٽ (اصلي شڪل ۾ موٽي نہ اچڻ جوڳو)( irreversible) ڇو آھي اھو سوال سائنس جي سڀ کان اڻ حل ٿيل سوالن مان ھڪ آھي.
ھڪ وضاحت اھا آھي تہ طبعي دنيا حرارتي چرپر جي علم (thermodynamics) جي قاعدن جي پيروي ڪري ٿي. حرارتي چرپر جي علم جو ٻيو قاعدو اھو ٻڌائي ٿو تہ ڪنھن بند ٿيل نظام (closed system) جي اندر نظام جي توانائي جي کوٽ (entropy) مستقل رھي ٿي يا وڌندي رھندي آھي. جيڪڏھن ڪائنات کي ڪنھن بند ٿيل نظام جيان سمجھيو وڃي تہ پوءِ ھن جي توانائي جي کوٽ (بي ترتيب جي مقدار) ڪڏھن بہ گهٽ نٿي ٿي سگهي. ٻين لفظن ۾ ڪائنات سراسر انھيءِ حالت ۾ واپس نٿي اچي سگهي جنھن ۾ اھا اڳ ۾ يا پھرئين نقطي تي موجود ھئي. وقت پوئتي جي طرف حرڪت نٿو ڪري.
وقت جو ڦھلاءُ (Time Dilation)
ڪلاسيڪل ميڪانيت ۾ وقت ھر ھنڌ تي ساڳيو ھوندو آھي. ھڪٻئي جي لحاظ کان درست ڪيل گهڙيون ھميشہ ساڳئي وقت جي پيمائش ڪنديون. پوءِ بہ آئن سٽائين جي ڏنل رلئيٽوٽي جي خاص ۽ عام نظريي مان اسان ڄاڻون ٿا تہ وقت نسبتي ڳانڍاپو رکي ٿو. اھو ڪنھن مشاھدو ڪندڙ جي حوالياتي جوڙجڪ (frame of reference) تي دارومدار رکي ٿو. ھن جي نتيجي ۾ وقت جو ڦھلاءُ ٿي سگهي ٿو جنھن ۾ ٻن روشني جي رفتار جي ويجھڙائي واري رفتار سان سفر ڪندڙ واقعن جي وچ ۾ موجود وقت وڌي ويندو (وقت جو ڦھلاءُ ٿيندو). ساڪن حالت واري گهڙي جي ڀيٽ ۾ حرڪت ڪندڙ گهڙي ڍلي حرڪت ڪندي جئين جئين حرڪت ڪندڙ گهڙي روشني جي رفتار جي ويجھو ٿيندي ويندي انھن جا اثر وڌيڪ واضح نظر اچڻ شروع ٿيندا.
ڪنھن جيٽ ھوائي جھاز ۾ موجود گهڙيون يا ڪنھن مدار ۾ موجود گهڙيون ڌرتيءِ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڍلو حرڪت ڪن ٿيون. ميون (muon) نالي ذرڙا جڏھن ھيٺ ڪِرن ٿا تہ وڌيڪ ڍلي نموني سان فنا ٿين ٿا ۽ مائيڪلسن مورلي تجربي مان ڊيگھ جي سوس (length contraction) ۽ وقت جي ڦھلاءُ جي تصديق ٿي.
وقت ۾ سفر (Time Travel)
وقت ۾ سفر جو مطلب اھو آھي تہ جھڙي ريت اسان پولار ۾ موجود مختلف نقطن جي وچ ۾ حرڪت ڪيون ٿا ساڳئي ريت وقت ۾ مختلف نقطن تي اڳتي يا پوئتي جي طرف حرڪت ڪرڻ. طبعي طور تي وقت ۾ اڳتي جي طرف وڃي سگهجي ٿو. عالمي خلائي اسٽيشن ۾ موجود خلاباز ڌرتيءِ تي واپس اچڻ مھل وقت ۾ اڳتي طرف حرڪت ڪن ٿا ڇاڪاڻ تہ ڌرتيءِ اسٽيشن جي ڀيٽ ۾ آھستي حرڪت ڪري ٿي. تنھن ھوندي بہ وقت ۾ پوئتي جي رُخ ۾ سفر ڪرڻ مختلف مسئلن کي پيدا ڪري ٿو. ھڪ مسئلو ڪارڻتي (causality) يا سبب ۽ اثر جو آھي. وقت ۾ پوئتي جي طرف حرڪت ھڪ وقتي تضاد جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ڏاڏي جو تضاد (grandfather paradox) ھڪ ڪلاسڪيل مثال آھي. ھن تضاد مطابق جيڪڏھن توھان وقت ۾ پوئتي جي طرف سفر ڪيو ٿا ۽ پنھنجي ماءُ يا پيءِ جي پيدائس کان اڳ پنھنجي ڏاڏي کي قتل ڪري ڇڏيو ٿا تہ پوءِ توھان پنھنجي پيدائش کي روڪي سگهو ٿا. ڪيترن ئي طبعياتدانن جو خيال آھي تہ ماضي ۾ وقت جو سفر ناممڪن پر وقتي تضاد جو حل موجود آھن جھڙوڪ پوروڇوٽ ڪائناتن جي وچ ۾ ٿيندڙ سفر
وقت جي پروڙ (Time Perception)
انساني دماغ گذرندڙ وقت جو اندازو ڪري سگهندڙ حس رکي ٿو. دماغ جو ڪرشماتي مرڪز اھو ھنڌ آھي جيڪو روزاني وارين يا باقاعدي ٿيڻ وارن عملن جو ذميوار ھوندو آھي. پر تنتي سرشتي مان وھندڙ ڪيميائي مادا (neurotransmitters) ۽ دوائون وقت جي پروڙ ۾ اثر وجھن ٿيون. اھڙا ڪيميائي مواد جيڪي عصبي گھرڙن کي اڀارين تہ جئين اھي عام رواجي وقت جي رفتار کان تيزي سان ڪم ڪن جڏھن تہ عصبي گهرڙن کي سُست ڪري وقت کي پروڙڻ جي صلاحيت کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. بنيادي طور تي جڏھن وقت تيز ٿيندي نظر اچي ٿو تہ دماغ ڪنھن وقفي ۾ وڌيڪ واقعن ۾ تفاوت کي محسوس ڪري ٿو. ھن حالت ۾ جڏھن ڪو انسان تفريحي ڪري رھيو ھوندو آھي تہ ان کي وقت واقعي تيزي سان گذرندي محسوس ٿئي ٿو.
ڪنھن خطري واري حالتن مھل وقت ڍلو ٿيندي نظر اچي ٿو. سائنسدانن جو چوڻ آھي تہ دماغ حقيقت ۾ تيز نٿو ٿئي پر اميگڊلا (amygdala) وڌيڪ سرگرم ٿي ويندو آھي. اميگڊلا دماغ جو اھو حصو آھي جيڪو يادن کي ٺاھي ٿو. جئين جئين وڌيڪ يادگيريون ٺھنديون آھن وقت ظاھري طور تي ڊگهو ٿئي ٿو.
ساڳيو لقاءُ اھا وضاحت ڪري ٿو تہ پوڙھا ماڻھو پنھنجي نوجواني واري زماني جي ڀيٽ ۾ وقت کي تيزي سان گذرندي ڇو محسوس ڪن ٿا. نفسياتدانن جو خيال آھي تہ دماغ پراڻن تجربن جي ڀيٽ ۾ نون تجربن مان وڌيڪ يادگيرين کي بڻائي ٿو. جئين تہ بعد ۾ زندگي ۾ گهٽ نيون يادگيريون ٺھن ٿيون تنھنڪري وقت تيزي سان گذرندي محسوس ٿئي ٿو.
وقت جي شروعات ۽ خاتمو (The Beginning and End of Time)
جسيتائين ڪائنات جو واسطو آھي وقت جو ھڪ آغاز ھو. شروعاتي نقطو 13.799 ارب سال اڳ جڏھن بگ بئگ ٿيو. اسان ڪائناتي گذريل شعاعي ريزي (cosmic background radiation) جي طور تي بگ بئگ مان خارج ٿيل مائڪروويو جي پيمائش ڪري سگهون ٿا پر ھن کان اڳ ڪنھن بہ قسم جي ڪا بہ شعاعي ريزي موجود نہ ھئي. وقت جي آغاز جي ھڪ دليل اھا آھي تہ جيڪڏھن اھا لامحدود طور تي پوئتي جي طرف ڦھليل آھي تہ پوءِ رات جو آسمان پراڻن تارن جي روشني سان ڀرجي ويندو.
ڇا وقت جو انت ٿيندو؟ ھن سوال جو جواب موجود نہ آھي. جيڪڏھن ڪائنات ھميشہ لاءِ ڦھلجي ٿي تہ وقت جاري رھندو. جيڪڏھن ڪا نئون بگ بئگ ٿئي ٿو تہ اسان جي وقتي لڪير ختم ٿي ويندي ۽ ھڪ نئين ليڪ جو آغاز ٿيندو. ذرڙي فزڪس جي تجربن ۾ بي ترتيب ذرڙا خال (vacuum) مان پيدا ٿين ٿا تنھنڪري ائين نٿو لڳي تہ ڪائنات ساڪت يا لازمان (timeless) آھي فقط وقت ئي اھو ٻڌائيندو.

ڊاڪٽر يوسف سومرو
انسٽيٽوٽ آف فزڪس، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو

11/08/2021

وقت ۾ سفر (Time Travel)
ڊاڪٽر يوسف سومرو
تصور ڪيو ته توهان وٽ هڪ اهڙي گھڙي آهي جنهن جي مدد سان توهان وقت ۾ سفر ڪري سگھو ٿا. هڪ ڏينهن توهان کي 1920ع جي سال ۾ سفر ڪري پنهنجي ڏاڏي سان ملڻ جو شوق پيدا ٿئي ٿو توهان ڪجھ بٽڻڻ کي دٻائي ڪري 1920ع جي سال ۾ پهچي وڃو ٿا جتي توهان ڏسو ٿا ته هڪ ماڻهو ٻئي تي تمام گھڻو ظلم ڪري رهيو آهي جيڪو اصل ۾ توهان جو ڏاڏو آهي پر جئين ته توهان پنهنجي ڏاڏي کي اُن جي جواني ۾ نه ڏٺو هو ته توهان ٻئي ماڻهو کي بچائيندي پنهنجي ئي ڏاڏي کي قتل ڪري ڇڏيو ٿا. پر ترسو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن توهان پنهنجي ڏاڏي کي پنهنجي ڏاڏيءِ سان شادي ڪرڻ کان پهرئين ئي قتل ڪري ڇڏيندا ته پوءِ توهان ڪهڙي ريت پيدا ٿي ڪري گذريل وقت ۾ وڃڻ جي قابل ٿيندا ۽ اُن کي قتل ڪندا ۽ اهوئي هڪ مسئلو آهي. جيڪڏهن توهان پنهنجي ڏاڏي کي قتل ڪرڻ جي لاءِ موجود نه آهيو ته پوءِ توهان اُن کي قتل نٿا ڪري سگھو ڇاڪاڻ ته توهان اُن کي قتل نه ڪيو اُهو اڃان تائين جيئرو آهي پر اُن جو مطلب اهوبه ٿيو ته توهان پاڻ به جيئرا آهيو ۽ واپس ماضي ۾ وڃي ڪري اُن کي قتل ڪري سگھو ٿا ۽ اهڙي رقت هڪ ختم نه ٿيندڙ ڦيرو هلندو رهندو. هن کي ڏاڏي واري وائيءِ يا پرولي (Grandfather paradox) سڏيو ويندو آهي ۽ اهو وقت ۾ سفر کي تمام گھڻو دلچسپ بڻائي ٿو. ڏاڏي واري وائيءِ وقت جي سفر کي تمام وڏي ماپي (Scale) تي بيان ڪري ٿي پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آخر اسان ڪنهن ننڍڙي ماپي تي شروعات ڇو نٿا ڪريون؟
مثال طور جيڪڏهن ٻن ماڻهن کي ساڳئي قسمن جون گھڙيون هجن جنھن ۾ وقت به هڪ جهڙو ئي مطابقت آهي. انهن ماڻهن مان هڪ پولار ۾ ڌرتيءِ جي ڀيٽ ۾لڳ ڀڳ 28000 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري ٿو. جيڪڏهن پولار ۾ سفر ڪندڙ ماڻهو ڌرتيءِ جي چوڌاري ڪجھ چڪر لڳائڻ کانپوءِ واپس موٽي اچي ٿو. جڏهن اُهي پنھنجي گھڙين جي ڀيٽ ڪندا ته اها خبر پوندي ته پولار ۾ سفر ڪندڙ ماڻهو جي لاءِ گھٽ وقت گذريو آهي. جيتوڻيڪ وقت جو اهو فرق نه هئڻ جي برابر هوندو پر انھن ۾ فرق ضرور هوندو. اُن کي وقت جو ڦهلاءُ (time dilation) سڏيو ويندو آهي. سادن لفظن ۾ آئن سٽائين جي وقتي ڀيٽائتي واري نظريي (theory of relativity time) جي مطابق مختلف طرفن ۾ ڪيل وقت جي پيمائش تي ثقلي قوت يا رفتار جي تفاوتن جو اثر پوندو آهي انهن مان هر ڪا وقت تي مختلف طريقن سان اثر وجھي ٿي. وقت جي ڦهلاءُ جو هڪ مثال اهو آهي جڏهن اسان بين الاقوامي پولار اسٽيشن (ISS) ۽ ڌرتي تي گذرندڙ وقت جي ڀيٽ ڪيون ٿا. پولار جي اسٽيشن تي ڇھ مهينا گذراڻ کانپوءِ خلابازن جي عمر ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن جي عمرن جي ڀيٽ ۾ 0.005 سيڪنڊ گھٽ هوندي آهي. ظاهر آهي ته وقت جو اهو فرق نه هئڻ جي برابر آهي پر جيڪڏهن خلاباز روشني جي رفتار جي ويجهڙائي واري رفتار سان سفر ڪندا ته پوءِ اهو فرق تمام گھڻو نظر ايندو. دلچسپ ڳالھ اها آهي ته وقت جي ڦهلاءُ جا اثر روشني جي رفتار جي 70 سيڪڙي تائين مڪمل طور تي تمام گھٽ ظاهر ٿيندا آهن پر جڏهن اسان جي رفتار، روشني جي رفتار جي 75 سيڪڙي تائين رسندي ته پوءِ حيرت سان ڀريل اهڙا اثر نظر اچڻ شروع ٿيندا آهن جن تي عام حالتن ۾ يقين ڪرڻ ذري گھٽ ناممڪن هوندو آهي.
ممڪن طور تي ڀيٽاتي جي خاص نظريي (special relativity) جي سڀ کان عجيب خاصيت اها آهي ته مفاصلا حرڪت واري رُخ ۾ سُسي ويندا آهن. جڏهن اسان روشني جي رفتار جي 90 سيڪڙو واري رفتار سان 0.10 نوري سال واري مفاصلي تائين سفر جي باري ۾ سوچينداسين ته ڪنهن هڪ هنڌ تي بيٺل ماڻهو جي لحاظ کان اسان جو خلائي جهاز 11 سالن ۾ منزل تائين رسندو پر خلائي جهاز جي اندر ويٺل ماڻهن مطابق وقت سان گڏوگڏ مفاصلي ۾ پڻ گھٽتائي ايندي ۽ اهي اهو مفاصلو فقط 4.6 سالن ۾ پورو ڪندا.
اهو هڪ دل موهيندڙ سفر لڳي ٿو پر ڇا وقت ۾سفر ڪرڻ ڪنهن قسم جي حقيقت آهي؟ اسان جي سوچڻ جي عام حالت مطابق اهو ممڪن نه آهي پر پولار ۽ وقت جي خاصيت مطابق اها هڪ حقيقت آهي.
جيڪڏهن توهان روشنيءِ جي رفتار جي 90 سيڪڙو واري رفتار سان ڪيل سفر کانپوءِ ڌرتيءِ تي واپس ايندا ته توهان جي عمر ۾ 9 سالن جو واڌارو ٿيندو پر ڌرتيءِ تي هر ڪنهن جي عمر ۾ 22 سالن جو واڌارو ٿي چڪو هوندو. اُن جو مطلب اهو ٿيو ته توهان پنهنجي وقت ۽ پولار جي لحاظ کان 13 سال مستقبل ۾ سفر ڪيو هوندو.
اچو هڪ ٻئي مثال کي ڏسون. انٽراسٽيلر (Interstellar) نالي فلم ۾ ڪوپر (Cooper) ۽ اُن جا ساٿي هڪ اهڙي پاڻي واري گرھ تي لهن ٿا جنهن جي ثقلي قوت ڌرتي جي ثقلي قوت کان 30 سيڪڙو وڌيڪ هوندي آهي. اهو گرھ گارگانٽووا (Gargantua) نالي هڪ تمام وڏي بلئڪ هول جي ويجهڙائي ۾ موجود هوندو آهي. اهو گرھ روشنيءِ جي رفتار جي 55 سيڪڙي جي رفتار سان اُن جي چوڌاري گردش ڪري رهيو هوندو آهي. گارگانٽووا جو مايو ڏهن ڪروڙ سجن جي برابر آهي ۽ اهو روشنيءِ جي رفتار جي 99.8 سيڪڙي جي رفتار سان گھمي رهيو آهي. انهن سمورن جُزن جو ڪُل اثر اهو ٿيندو ته خلائي جهاز ۾ ويٺل خلاباز جي ڀيٽ ۾ هن گرھ تي وقت 61000 ڀيرا سُست رفتاري سان گذرندو. اُن جو مطلب اهو ٿيو ته گرھ جو هڪ ڪلاڪ خلائي جهاز جي ستن سالن جي برابر ٿيندو. جڏهن اهي خلاباز گرھ تي ٽي ڪلاڪ رهڻ کانپوءِ واپس خلائي جهاز تي ايندا آھن ته خلائي جهاز ۾ موجود خلابازن جي عمرن ۾ 23 سالن جو واڌارو ٿي چڪو هوندو آھي. سڀ کان وڌيڪ عجيب ۾ وجهندڙ ڳالھ اها آهي ته اها فقط سائنس فڪشن نه آهي انهن سمورن حسابي عملن جي چڪاس ٿيل آهي. اهي حقيقي زندگي ۾ به ٿيڻ جوڳا واقعا آهن. تنهنڪري ڪوپر ۽ اُن جي ساٿين 23 سال اڳ ايندڙ واري وقت ۾ سفر ڪيو هو. انهن مثالن ۾ايندڙ وقت يا مُستقبل ۾ سفر ڪرڻ جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي پر جيڪڏهن ماضي جي ڳالھ ڪجي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

ڊاڪٽر يوسف سومرو
انسٽيٽوٽ آف فزڪس، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو

05/08/2021

HSC-1 EXAMINATION TIMETABLE

03/08/2021

Result OF THE ENTRY TEST TO CLASS IX,X AND XI

01/08/2021

تمام دوستن جا وڏا وڙھ جيڪي اسان سان اج سمورو ڏينهن گڏ ڪمن ۾ رڌل رهيا.
پاران:
The Achievers
academy

01/08/2021

Alhamdulillah test for scholarships by the Achievers academy successfully came to an end

Want your school to be the top-listed School/college in Ubauro?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Category

Telephone

Website

Address

Ubauro
65030

Opening Hours

Monday 15:30 - 18:30
Tuesday 18:30 - 18:30
Wednesday 15:30 - 18:30
Thursday 15:30 - 18:30
Friday 15:30 - 18:30
Saturday 15:30 - 18:30

Other Education in Ubauro (show all)
Kinetex Institute Ubauro Campus Kinetex Institute Ubauro Campus
Ubauro, 65010

KineTEX Institute Ubauro Campus is one of the advanced and innovative institite of modern era.

Dilzeb Khan CHachar Dilzeb Khan CHachar
01
Ubauro

Education

Al Huda Model High School Ubauro Al Huda Model High School Ubauro
NEAR POST OFFICE, THANA Road, UBAURO
Ubauro, 65030

Our School's mission is to provide safe, disciplined learning environment that empowers all students

Math Tricks With Abbas Math Tricks With Abbas
Ubauro

All types of the maths solution problem daily basis updated

English conversation English conversation
00
Ubauro

This is all about the education �

AWK Academy AWK Academy
Village Jalalpur
Ubauro, 65030

I HAVE MADE THIS PAGE TO HELP THOSE WHO WANTS TO LEARN GRAMMAR IN SINDHI INSHAALLAH I WILL TRY MY BEST TO DO ALL THE THINGS WHICH ARE NECESSARY INSHAALLAH I WILL DO MY BEST TO DO A...

AFAN Olympiad Ubauro AFAN Olympiad Ubauro
Sheikh Mohalla Ubauro Main Street Langho Road
Ubauro

Our motto is to prepare for competitive tests/exams . We will conduct screening test after three mon

Success Institute Ubauro Success Institute Ubauro
First Floor, Al Gafar Medical Center Near Khosa Madarsa Sadiqabad Road Ubauro
Ubauro

Al-Hussain Public High School Ubauro Stop Killing Muslims Al-Hussain Public High School Ubauro Stop Killing Muslims
Shah Latif Public High School Ubauro (Near Ronti Road Ubauro Sindh)
Ubauro

The Jinnah Educational Acdmey Ubauro The Jinnah Educational Acdmey Ubauro
Ubauro, 65030

> With all facilities and learning environment > Cooperative , Facilitator and Guide Teachers