Bhittain ڀٽائڻ
Literature and Media Sindhi Literature , Current Affairs and Medicine
نه هن صرف ٺاهيو حَسِين آ ، پر بڻايو به اسان کي ذهين آ،
ڀل ڪو منڪر هجي ڀٽائڻ ! پر مونکي خدا ۾ پڪو يقين آ.
ڪتاب ڀٽائڻ
آسرا ڏنا دوستن عرش جا اهڙا ،
جو مٿي تڪيندي ، ٿي لڄ ئي ٿئي،
سڀاڻِ بِ تَ موت مقدر آ او مولا !
ڪاش جَيڪر اهو ڪم اڄ ئي ٿئي .
التجا انهن جي ڪر ، جي اٿئي دل ۾ حسرتون توکي،
ڏک ت نه رهندو ڀلا ، اگر نه ب مليون محبتون توکي.
ھيءَ وڊيو ڏسڻ بعد ڪافي غلطين کان بچي ويندئو !
هر شيءِ جي ڏاڍي، ٿي پَلٽَي ڪايا،
وڏو منتر رکي ٿي مائي مايا.
پڪو رشتو آهي مفادن جو،
مُئن ، جيئرن جا آهن هي رايا.
” ادا “ جي چيلي ۾ وجھ نه مونکي،
مذهبَ رشتا، ماڻهن ئي ٺاهيا.
کلندا گهڻو ، ريتون ڏسي اسان جون،
پنهنجي موت کان پو، هت جي ڀي آيا.
شين سان گڏ آيون ، سوچون ب نيون،
مگر وقت ڪيو تو ڏاڍو ضايا.
حسن تنهنجو ۽ تڙپ اسان جي ،
سڀ ٿيندا ڀٽائڻ! ڌوڙ ۽ ڇايا.
Manzoor Sakhirani Mili wanj yaar
ڀيلن ، ڪولهين ، باگڙين ۽ مينگهواڙن کي مدد جي لاءِ پڪار
بيت
او ڀيلَ ، ڪولهي ۽ باگڙي مينگهواڙ ،
ڪري پيو سنڌ ۾ دشمن وڏي جاڙَ ،
ٻيلي وٺي آڙ ، واهر ڪيو وطن جي.
سارنگ ڀٽائي
رونا ليلا جو نقل ، مرد جي آواز ۾ ، گيت ٻڌندا
جي چاهين ٿو ته ڏينهن جو به چنڊ ٿي چمڪان،
۽ گلاب جيان هر مند ۾ مهڪان ،
وجود پنهنجو وڃائڻو پوندئي سائين!
جي چاهين ٿو ته ڳلن ۾ هارُ ٿي لڙڪان.
مممتاز لاشاريءَ جو آواز ، لڳو نينهن ناتو ٽٽڻ به ڏکيو آ
خناس آ ، خناس آ، دشمن پنهنجو خناس آ،
ڪنهن کي کاري ، ڪنهن کي ماري،
ڪيو چوڌاري هراس آ.
سياسي ستارا ، ڏين ٿا اشارا،
هينئر ظلم ٿيڻو خلاص آ. خناس آ ،خناس آ.
بنگالين ڪئي هُئس جيئن تعدي،
ايئن گم ٿيڻو هت به حواس آ. خناس آ ، خناس آ.
غلامي ختم ٿي آ، ان وطن جي،
قوم جنهن جي فرض شناس آ. خناس آ ،خناس آ .
سنڌوديش مقدر آ ، جي ايم رهبر آ ،
ڀٽائيءَ کي ان تي وشواس آ . خناس آ ، خناس آ .
دروازو کليل آھي . آواز نارائڻ ۽ شاعري شمشيرالحيدري
آشا بوسلي جي آواز ۾ سنڌي گانو ، اچ مل مون سان يار
هيڪرجي گڏجن ته چوانِ ، سور اندر جا ساري ساري
مينھن سان ڀري ڇڏيان ھا او ڌرتي،
سمورو ڏينھن مان تنھنجي ھر چَتي،
پر ڇا ڪيان؟ ڪجھ ھوائن ڌڪيو،
ڪجھ عرش ڏيکاري انڊلٺي بتي.
سارنگ ڀٽائي
زميندار جي ٻنيءَ ۾ هاريءَ جو ڀونگو هان مان،
يا اڏ جي ڪپ تي ڪو ٻج جو چونگو هان مان،
تون وڃ ڏور ڀلي ۽ ٿي ڪنهنجي حور ڀلي،
پر سچ جو سونگو هان، توڙي جو گونگو هان مان.
سارنگ ڀٽائي
ھلندڙ پاڻيءَ ۾ چِٽَ ناھن بيھندا،
گھوٽ اڻموٽ گھاڻن ۾ ناھن ريھندا ،
تون پئي پاڻ کي ، ٿي سمجھين خدا اجايو!
ڪيئي ماڻھو تو کان سواءِ بہ آھن جيئندا.
ناھي ناڻو ، ڦاٽل ٻاڻو سارنگ ڀٽائي ناھي ناڻو، ڦاٽل ٻاڻَو، پوءِ بہ منُ آھي راڻو،مومل ڳولڻُ نہ ڇڏبي ، ڀل ساھُ ٿئي ساڻو شاعري سارنگ ڀٽائي .ٻاڻو مطلب پوشاڪ
اي ڌرتي تنھنجي خمير ۾ سارنگ ڀٽائي اي ڌرتي!تنھنجي خمير ۾ وڏي غيرت آ،مگر ڪن آ پاڻ لڄايو، وڏي حيرت آ،ڏسي گگدامن کي،ڪراچيءَ لاءِ وڙھندي، ٿي پڪ تہ،سنڌ جي حقن جي حامي فطرت آ.
آءُ يار سھي ، وڃاءِ نہ بيڪار وھي ،
من منھنجي تي ڏکن ڪئي آھي ٻھي ( ڌنڌ)،
آءُ يار سھي ! ويھ يار سھي
ويندي ڪين لھي ، ويندي ڪين لھي
جوش جولان رھن ڪين ساڳيا،
سمجھ نہ جذبن کي ڪپڙي جي تھي
آءُ يار سھي ! ويھ يار سھي
ويندي ڪين لھي ، ويندي ڪين لھي
ڳالھ سمجھين نہ ٿي ڇو منھنجيءَ کي،
پيار ونڊ جي لاءِ آھي زندگي ٺھي.
آءُ يار سھي ! ويھ يار سھي
ويندي ڪين لھي ، ويندي ڪين لھي
در تنھنجي تي آيو ھُس مان گل کڻي،
وئينءَ خاب ۾ بہ الائي ڇو رات ٽھي؟
آءُ يار سھي ! ويھ يار سھي
ويندي ڪين لھي ، ويندي ڪين لھي
ناتو تو سان آھي پڪو، ناھي يار ڪچو،
ڄڻ تون بوٽ ھجين ۽ مان تنھنجي ڪھي،
آءُ يار سھي ! ويھ يار سھي
ويندي ڪين لھي ، ويندي ڪين لھي
#شاعري #ڀٽائي #سنڌي
قلم ڪاتيون سڀ ويڙھ وائي سارنگ ڀٽائي وائي شاعر سارنگ ڀٽائي قلم ڪاتيون سڀ ويڙھ الا ، ڇڏ نہ پنھنجي ويڙھ، اوڇڏ نہ پنھنجي ويڙھ.پرکي مڇ بلائون ، غور سان لھجان گھيڙ ،الا،ڇڏ نہ پنھنجي ويڙھ.پنڌ پرانھ...
ھرناريءَ جو انگ انگ آ ڪاتي،
مگر گھڻي ڇڪ رکندي آھي ڇاتي،
ان شخص جو ڪھڙو شانُ ڀٽائڻ !
جنھن ناري نہ ڪڏھن ڇاتيءَ لاتي!
زندگي ڄڻ ساھن جو چولو آ،
روز چُڙي پئي، وڏو رولو آ.
ھي جو پِيرميرُ ڏسو پيا پنھنجو،
صديون اڳ جو ، ھي بہ ڀولو آ.
ڌرتيءَ تي حق آ ، جيوَ جيوَ جو،
ھيءُ نہ خالي ماڻھن جو گولو آ.
جڏھن رياست ماءُ لڳي تڏھن،
رشتن بنا رھڻ سولو آ.
ماڻھوءَ سٺو ڪيو آ ان ڪم کي،
قدرت کان بڻيو جو بي ڊولو آ.
Poet
ڪو نقصان ۾ آهي ت ڪو نفعي ۾ ،
هتڙي هرڪو آهي پنهنجي خفي ۾ ،
پر جڏهن به آئينء ، وو ڀٽائڻ او !
توکي ڪنداسين خوش هر دفعي ۾ .
٢٠٢٠ نومبر سارنگ ڀٽائي
وڻن کي به ڏار ٿيندي ڏٺو آ،
ٽانڊن کي به ڇار ٿيندي ڏٺو آ ،
ايڏو نه ڪر بانور او يار جاني!
سهڻن کي به دوچار ٿيندي ڏٺو آ.
هيءَ ڌرتي ڪنھنجي هٿ ۾، ٿو جھليل ٿالھ ڏسان ،
کاڌي ۽ سيڪس سوا ، باقي ٿو سڀ اجايو مال ڏسان،
منھنجي نه ڀر ۾ سھي، ڪنھن وٽ ته هوندينءَ سھي،
تون نه رڳو او راڻي! هر زندھ جو ٿو اهو حال ڏسان.
سارنگ ڀٽائي
در تائين ڇڏڻ وسارجان نه ! گهرائي گهڻو وقت وهارجان نه !
ٻانهن به تنهنجي ،ڀاڪر به تنهنجو ،
۽ جسم جو هر آڳر به تنهنجو،
بس اکين ۾ گهڻو نهارجان نه ، گهرائي گهڻو وقت ويهارجان نه !
در تائين ڇڏڻ وسارجان نه ! گهرائي گهڻو وقت ويهارجان نه !
لب به تو لئه، لاليون به تو لئه ،
ڪنن ۾ پيل واليون به تو لئه ،
بس انتظارن ۾ بيهارجان نه ! گهرائي گهڻو وقت وهارجان نه !
در تائين ڇڏڻ وسارجان نه ! گهرائي گهڻو وقت ويهارجان نه !
ماس به تنهنجو ، واس به تنهنجو ،
ڪنديس خيال خاص به تنهنجو ،
بس وري وري ويچارجان نه ! گهرائي گهڻو وقت ويهارجان نه !
در تائين ڇڏڻ وسارجان نه ! گهرائي گهڻو وقت ويهارجان نه !
درد ۾ ٿيندڙ دانهن به تنهنجي ،
خوشين ۾ ٿيندڙ آھ به تنهنجي ،
بس راھ ۾ اجايو کيڪارجان نه ! گهرائي گهڻو وقت ويهارجان نه !
در تائين ڇڏڻ وسارجان نه ! گهرائي گهڻو وقت ويهارجان نه !
چڪ به تنهنجا ، چميون به تنهنجيون،
ڏيندس ۽ ڪجھ وٺنديس به تنهنجيون،
بس دل تان ڀٽائي ڌڪارجان نه ! گهرائي گهڻو وقت وهارجان نه !
در تائين ڇڏڻ وسارجان نه !
گهرائي گهڻو وقت وهارجان نه !