Zeero Point Golarchi
Zeero Point is local based social media news channel of lower Sindh Pakistan
هي زمينون هارين کي ڏنيون وڃن فوج جو ڪھڙو ڪم۔۔؟؟
ایک جنگل میں کئی جانوروں کے ساتھ جگنو اور سانپ بھی رھتے تھے،
سانپ جگنوؤں کو کھانے کے لئیے ان کے پیچھے پڑ گئے،
تو ایک جگنو نے کہا کہ ہمارے دو سوالوں کا جواب دے دو بیشک پہر تم ہمیں کھا لینا،
سانپوں نے کہا سوال پوچھو:
جگنو بولا:
1-کیا ہم تمھاری غزا میں شامل ہیں،
جس پر سانپوں نے کہا نہیں!!
2-کیا ہم نے کچھ آپ سے کہا،
سانپوں نے کہا نہیں!!
تو جگنو نے کہا پہر آپ ہمیں کیوں کھانا چاھتے ہیں؟
جس پر سانپ تڑپ اٹھے اور یک زبان ہوکر بولے کہ:
آپ کا چمکنا ہم سے دیکھا نہیں جاتا.
ایسا ہی حال کچھ ہم سب کا بھی ہے۔۔ ہم سے بھی کسی کا چمکنا، کسی کا کامیاب ہونا، کسی کا روایت سے ہٹ کر سوچنا، کسی کا مقبول ہونا برداشت نہیں ہوتا۔
بريڪنگ نيوز:
گولاڙچي ڀرسان چڪ نمبر 28 وٽ تيز رفتار ڪلٽس ڪار جي موٽر سائيڪل سوار کي ٽڪر جنھن جي نتيجي ۾ جاتي چوڪ تي مستري جو ڪم ڪندڙ مصطفي کوکر تڏي تي فوت ھڪ زخمي, فوتي ۽ زخمي کي سول اسپتال گولاڙچي منتقل ڪيو ويو آهي.
ڊي سي بدين پاران ضلعي بدين ۾ غير قانوني طور ويٺل غير ملڪين کي فوري نڪري وڃڻ جو حڪم، ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي جو چتاءُ.
گولاڙچي، ترائي، ڪڙيو گھنور، کورواھ، احمد راڄو سميت بدين ضلعي جي ڪنھن بہ ننڍي شھر ۾ غيرقانوني طرح سان رھندڙ افغانين ۽ ٻين پرڏيھ واسين خلاف ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن.
ڪڙيوگهنور: جهونو قوم پرست اڳواڻ استاد محمد راهمون ڪڙيو گهنور پوليس هٿان پراڻي ڪيس م گرفتار.
بدين (پ ر):
ڊپٽي ڪمشنر بدين عبدالفتاح هليو جي زير صدارت دربار ھال ۾ رائس ملز مالڪن ۽ آبادگارن سان اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي گڏجاڻي ۾ ٻنهي ڌرين جي اتفاق راءِ سان اهو فيصلو ڪيو ويو ته سارين جي في مڻ 40 ڪلو گرام تي ڪابه ڪٽوتي نه ڪئي ويندي، موائسچر جي حد 18 کان 22 سيڪڙو هوندي، رائس مل اندر لهندڙ سارين جي مزوري آبادگار 10 روپيا في مڻ کان مٿي هرگز ادا نه ڪندو، مل يا ڪارخانن جا ڪانٽا چيڪ ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر بدين يا لاڳاپيل تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر پاڻ اوچتا دورا ڪندا فرق نڪرڻ جي صورت ۾ مل يا ڪارخانو سيل ڪيو ويندو ان سان گڏ ڳرا ڏنڊ پڻ هنيا ويندا، موائسچر چيڪ ڪرڻ لاءِ صرف اهي مشينون استعمال ڪيون وينديون جيڪي بين الاقوامي معيار جي مطابق آئي ايس او سرٽيفائيڊ هونديون، مل مالڪ آبادگارن کي سارين جا پيسا چيڪ ذريعي ڏيندا، جيڪڏھن ڪنھن به آبادگار کي ڪابه شڪايت آهي ته ھو لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنر کي يا ڊپٽي ڪمشنر آفيس بدين ۾ قائم ڪنٽرول روم تي شڪايت ڏئي سگهي ٿو ان جي شڪايت جو بروقت ازالو ڪيو ويندو گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر بدين عبدالفتاح هليو وڌيڪ چيو ته ملڪي معيشت ۾ زراعت ريڙھ جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو اسان ڪڏهن به نه چاهيندا سين ته ڪنهن به آبادگار کي نقصان ٿئي گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاهري، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو محمد نواز ڪلوڙ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايگريڪلچر امتياز علي ڀٽو ضلعي جي سمورن تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر، رائس ملز جو اڳواڻ عبدالشڪور ميمڻ ۽ ٻيا، سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي صدر شاھنواز جمالي، آبادگار عطا محمد چانڊيو، شاهد علي جوکيو ۽ ٻيا آبادگار پڻ موجود هئا
گولاڙچي : سڪرنڊ ماڙي جلباڻيءَ واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ ۽ ڳوٺاڻن تي آيف آءِ. آر ڪٽڻ خلاف جسقم مرڪزي سڏ تي گولاڙچي ۾ جسقم طرفان احتجاج ڪيو ويو ۰
گولاڙچي:
ايس يو پي جو جلسو جاري.
ھڪ وائرل پوسٽ مطابق:
سروي:
سڄي دنيا ۾ گرفتار ٿيندڙ پنڻن فقيرن مان 90 سيڪڙو پاڪستاني آھن…!!؟
قوم ھميشه ليڊرن کان ئي سکندي آ……
او شل آزادي اچي، چوڏهينءَ چنڊ جيان
رهندي رات اڃا، ڪارونجهر تي ڪيتري🍂
گولاڙچي: واحد تفريح گاھ بختاور پارڪ عيد جي ڏينهن به عام ماڻهن لاءِ فري نه ٿيو، سوٽيڊ بوٽيڊ عرف عام چڱا ماڻهو ٽڪيٽ کان آجا.
ڪڙيو گهنور لڳ ڪاھينڪي، ٽيويھ ورهين جي چمپا زال منجي ڪولھي گھر جي لاٽڻ ۾ رسو ٻڌي آپگهات ڪري ڇڏيو.
عمر ڪوٽ واسي نورجهان ۽ علي محمد بدين ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو، تحفظ جي گھر..
گولاڙچي: جسقم پاران سرڪاري اسپتال۾ سهولتن جي اڻهوند، ڊاڪٽر جي کوٽ، ايم ايس ۽ ڪلرڪ جي ڪرپشن خلاف احتجاجي ڌرڻو، برطرفي جو مطالبو.
ٽي وي جرنلسٽ ڪلب گولاڙچي جي سينئر ترين صحافي غلام مصطفي ميمڻ، ثناءاللہ میمڻ، یوسف جاني سمیت ٻين صحافین کي ایم ایس ۽ ڪلرڪ طرفان لیگل نوٽيس ملڻ خلاف صحافین جو تعلقي اسپتال انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ ھنگامي اجلاس۔ ایم ایس ۽ ڪلرڪ جي برطرفي ۽ انڪوائري جو مطالبو.
گولاڙچي: تعلقي اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ، ايم ايس ۽ ڪلارڪ جي من ماني خلاف جسقم طرفان شھيد فاضل راھو چوڪ کان ريلي ڪڍي سول اسپتال گيٽ اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو۔ ڪرپٽ ايم ايس ھٽايو تعلقا اسپتال بچايو جا نعرا
گولاڙچي: انتظاميه پاران لڳايل رمضان بازار ڊويزنل ڪمشنر جي دوري بعد ختم، عوام نالي ماتر رعايت کان به محروم..
بچت جو فارمولو 😜😜🤪🤪
گولاڙچي ۽ ڀرپاسي جي ڪافي پولنگ اسٽيشن تي اڃا تائين پولنگ جو عمل شروع نه ٿي سگهيو آهي اڪثر پولنگ اسٽيشنن تي خالي عملو موجود، ووٽر غائب. مزدور طبقي جي ووٽرز جو چوڻ آهي ته اسان پنھنجي ٻارن جي پيٽ گذر لاءِ پريشان آھيون، سياسي پارٽين ۽ سندن اميدوارن کي غريب ماڻهن جي ڪا به پرواھ ناهي، اٽي جو بندوبست ڪري پوء ووٽ ڏيڻ وينداسين.
برسات بعد پيدا ٿيل صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊي سيز کي 30-30 لک روپيا جاري. اميد ته بھتر نموني خرچ ٿيندا.
ايل بي او ڊي، گونگڙو ۽ امير شاھ سميت بدين ضلعي جي سمورن سم نالن تي شديد دٻاءُ وڌي ويو آھي، انتظاميه کي فوري طور بچاء لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جي ضرورت آھي.
گولاڙچي:
گورنمينٽ بوائيز اسڪول گولاڙچي مڪمل پاڻي جي گھيري ۾، انتظاميه اک نه پٽي، ٻارن جو مستقبل داءُ تي لڳل.
گولاڙچي: مسلسل وسڪاري سبب غريب ته آھن ئي سورن ۾ پر ھاڻي انتظاميه کي به مدد جي ضرورت آھي.
گولاڙچي ۾ چورين جو آزار وڌي ويو، روزاني ھڪ ٻہ چوري جون وارداتون معمول بڻيل، اڄ وري صحافي اعجاز خاصخيلي جي چاچي جي موٽرسائيڪل گھر اڳيان چوري ٿي وئي.
گولاڙچي: پاڻي جي شديد کوٽ، ايريگيشن کاتي ھٿ مٿي کڻي ڇڏيا، عوام توڙي چوپايو مال پاڻي ڦڙي لاءِ دربدر..
گولاڙچي: شھر ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان پاڻي اڻلڀ، انتظاميه ڪو به خاموش، شھري پريشان
يوم يڪجهتي فلسطين
گولاڙچي: جماعت اسلامي پاران اسرائيل خلاف احتجاج.
پ ٽ الف گولاڙچي پاران ناجائز ڪٽوتي ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج..
گولاڙچي ۾ مٽي جو طوفان جاري
3-مئی صحافت کا عالمی دن
حق اور سچ کے لیے آواز بلند کرنے والے تمام صحافیوں کو محبت بھرا سلام۔۔۔
بریکنگ نیوز
بدین کرونا وائرس ایک عورت میں بھی تصدیق۔۔۔
ٹوٹل کیس 12 ھو گئے؛ اسپتال زرائع
گولاڙچي:
احساس ڪفالت سينٽر تي مستحق ماڻهن جي تذليل، ماڻهن پاران ايجنٽن ذريعي پيسن جي وصولي جا الزام، انتظاميا غائب....