Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad

Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad

Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad, School, .

30/05/2024

اسان جي پياري استاد سائين حبيب الرحمن گپچاڻي جي الودائي تقريب

Photos from Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad's post 26/05/2024

گپچاڻي ! GBPS گپچاڻي جي ٽئين ڪلاس جو شاگرد شاھد حسين جلباڻي روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ شھيد ٿي ويو آھي الله سائين سندن والدينن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي..

Photos from Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad's post 24/05/2024

پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ.
==================================
اڄ بروز اربع 23 مئي 2024 تي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول گپچاڻي ۾ استاد حبيب الرحمن گپچاڻي جي رٽائرمينٽ تي فيئرويل پارٽي ۽ سالياني امتحان 24-2023 جو نتيجو پڌرو ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو، پروگرام جا مهمان خصوصي جناب يوسي گپچاڻي جو وائس چيئرمين رئيس غلام مصطفي گپچاڻي رئيس شاهنواز گپچاڻي سائين جڙيو ڏاهري ۽ گپچاڻي هائي اسڪول جو هيڊ ماستر بخشڻ گپچاڻي صاحب هئا.
پروگرام جو آغاز تلاوت قرآن پاڪ ۽ نعت رسول مقبول صلي الله عليه وسلم سان ڪيو ويو. اسڪول جي هيڊماستر مهمانن جي شان ۾ آجياڻو پيش ڪيو ۽ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ سندن والدين کي مبارڪون ڏنيون،ان کانپوءِ اسڪول جي هيڊماستر ۽ اسٽاف طرفان سائين حبيب الرحمن کي گفٽ ڏنا ويا.
اسڪول جي سڀني اُستادن جي اداري لاءِ خدمتن ۽ محنت جي عيوض کين *مڃتا سرٽيفيڪيٽ* ڏنا ويا.
تقريب کي خطاب ڪندي هائي اسڪول گپچاڻي جي هيڊ ماستر سائين بخشڻ گپچاڻي ۽ سائين جڙيو ڏاهري صاحب چيو ته گپچاڻي پرائمري اسڪول سان اسان جو ناتو تمام پراڻو رهيو آهي ۽ ماضي ۾ ٿيندڙ هن اسڪول جي هر پروگرام ۾ شرڪت ڪندا رهندا آهيون هن اسڪول جي ڪارڪردگي هميشه کان تعلقي جي سڀني اسڪولن کان بهترين رهي آهي ۽ هي ادارو ماضي ۾ به شاندار پروگرام منعقد ڪرائيندو رهيو آهي ۽ هن اسڪول جا شاگرد سُٺو رزلٽ ڏيندا رهيا آهن. اُستادن کي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ تي اسڪول جي انتظاميه ۽ هيڊماستر غلام عباس جمالي کي به ان عمل تي ساراهيو ان بعد تقريب جي آخر ۾ سالياني امتحان دوران هر ڪلاس جي پهرين کان ٽئين پوزيشن کڻندڙ شاگردن کي ٽرافيون، ميڊل ۽ رزلٽ ڪارڊ ڏنا ويا.

Photos from Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad's post 07/05/2024

اڄ بروز اڳارو 07 مئي 2024 تي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول گپچاڻي جو ساليانو امتحان امتحاني ڪاميٽي ۽ يوسي گپچاڻي جي مختلف اسڪولن جي هيڊماسترن پاران ورتو ويو، پروگرام ۾ سائين جڙيو ڏاهري صاحب, يوسي گپچاڻي جي وائيس چيئرمين سائين غلام مصطفي گپچاڻي صاحب ۽ ٻين مختلف مهمانن خصوصي شرڪت ڪئي.
امتحان جو سراسري حاصلات بهترين رهيو وڌيڪ رزلٽ جو اعلان 15 مئي کان بعد ڪيو ويندو.
هر ڀيري وانگر امتحان جي موقعي تي ورتل ڪجهه يادگار تصويرون سانڍي رکڻ لاءِ اسڪول جي فيس بُڪ پيج تي رکجن ٿيون.

Photos from Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad's post 17/04/2024

اڄ 17 اپريل بروز اربع تي ساليانو امتحان 24-2023 جي دوران گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول گپچاڻي تعلقو دوڙ جا شاگرد اڄوڪو سنڌي جو پيپر حل ڪندي نظر اچي رهيا آهن.

Photos from Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad's post 16/04/2024

اڄ 16 اپريل بروز اڱارو کان ساليانو امتحان 24-2023 جي شروعات ٿي چُڪي آهي، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول گپچاڻي تعلقو دوڙ جا شاگرد اڄوڪو انگلش جو پيپر حل ڪندي نظر اچي رهيا آهن.

Photos from Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad's post 25/03/2024

سنڌڙيءَ جي سينڌ ۾ رنگن ڀري رات،
ھولي ۽ بارات، ٻئي سھيليون سونھن جون
(اياز)
هند ۽ سنڌ ۾ رهندڙ سمورن دوستن کي هولي تھوار جون اڻڳڻيون وڌايون ھجن,,

Photos from Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad's post 08/03/2024

ٻوليءَ جي چئن مهارتن مان پڙهڻ (Reading)، ٻوليءَ کي سمجهڻ جو هڪ اهم پهلو آهي. خيالن جي اظهار واري لکت کي زباني اچارڻ جو عمل ’پڙهڻ‘(Reading) چيو وڃي ٿو. . جيڪڏهن ڪنهن عبارت کي بغير سمجهڻ جي پڙهيو وڃي ٿو ته ان کي پڙهڻ (Reading) نه چئبو؛ يعني ڪنهن عبارت کي سمجهڻ ئي پڙهڻ (Reading) واري عمل سان سلهاڙيل آهي.
ان عمل بابت ڀٽ ڌڻي سرڪار چوي ٿو ته:
پڙهيو تان پڙهن، پڙهن ڪين قلوب ۾
يعني ائين ته پڙهي وٺجي ٿو پر جيستائين ان کي دل سان پڙهي سمجهڻ واري عمل مان نه ٿو گذارجي ته اهو عمل بيڪار ٿي وڃي ٿو.
انهي ڪري اڄ ڪلاس ٻئين جي ٻارن جي پڙهڻ (Reading) جي جاچ ڪئي وئي ٻن استادن کي جج طور منتخب ڪيو ويو جنهن بعد م هيٺين ٻارن جي نمبر وائيز رزلٽ ڏني ۽ بعد م پوزيشن هولڊر ٻارن کي ٽافيون ڏنيون ويو
1. Tarique Ali bhangwar 1St post.
2. Kisho kachi 2nd post.
3. Atif Ali Gupchani 3rd position

24/02/2024

Math is the only place where truth and beauty mean the same thing

Photos from Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad's post 18/01/2024

گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول گپچاڻي ۾ اڄ 18/01/2024 تي ششماهي امتحان جي رزلٽ انائونسمنٽ جي سلسلي ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ اسڪول جي سموري اسٽاف شرڪت ڪئي.
تقريب دوران اسڪول جي سڀني استادن ششماهي امتحانن ۾ نمايان پوزيشنون ماڻيندڙ شاگردن ۾ ٽرافيون ميڊل ۽ ٻيا انعام ورهايا.
اسڪول جي شاگردن پاران تلاوت ڪلام پاڪ ۽ نعت پڻ پڙهي وئي،
تقريب کي خطاب ڪندي اسڪول جي هيڊماستر غلام عباس جمالي چيو ته علم هڪ دولت آهي ۽ اسان جي دين ۾ به علم حاصل ڪرڻ کي عبادت جي برابر ڪوٺيو ويو آهي. علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان تي فرض آهي. حڪومت تعليم مُفت ڪري رکي آهي اسان وٽ بهترين موقعو آهي ته پنهنجو نسل پڙهايون ۽ سرڪار پاران مهيا ڪيل مفت تعليم، مفت ڪتاب، بهترين استادن ۽ بهترين ماحول وارن ادارن مان فائدو وٺون. آخر ۾ پوزيشن ماڻي انعام حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ استادن جا گروپ فوٽو ڪڍيا ويا.

02/12/2023

GBPS/ Gupchani
ٽيبلو=== مڙس ماڻهو
ڪلاس ٻيون
تنوير اينڊ ٽيم

01/12/2023

ڪلچر ڊي 2023
عاطف علي
ڪلاس ٻيون

29/11/2023

گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول گپچاڻي ۾ اڄ بروز اربع 29 نومبر2023 تي سنڌي ثقافت ۽ ايڪتا جو ڏهاڙو وڏي جوش و خروش ۽ رنگين طريقي سان ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ هڪ شاندار تقريب اسڪول جي خوبصورت اڱڻ تي منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن اُستادن سميت آيل مهمانن بهترين ثقافتي ويس ڍڪي شرڪت ڪئي.
تقريب م مهمان خاص دسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سائين مسعود آحمد سهتو صاحب , تعلقا ايجوڪيشن افيسر دوڙ سائين عبدالخالق جمالي صاحب, سائين بخشڻ گپچاڻي صاحب , محمد اسلم مري صاحب, رئيس غلام مصطفي گپچاڻي صاحب , اسدالله جمالي صاحب, ڪاشد حسين کوکر صاحب , وسيم اڪرم ,سليم ميرجت صاحب ۽ مختلف اسڪولن جي هيڊ ماسترن شرڪت ڪئي
تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين قرآن پاڪ جي تلاوت بعد نعت، مختلف ٽيبلوز، گيت، خاڪا ۽ راڳ رنگ پيش ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ۽ حاضرين کان داد وصول ڪيائون.
پروگرام ۾ شاگردن کي تقرير ڪندي اسڪول جي هيڊماستر غلام عباس جمالي صاحب تعليم ۽ ثقافت جي اهميت تي روشني وڌي. تقريب ۾ استاد ميهرالدين , عبدالستار مگسي ۽ حبيب الرحمن سميت ٻين استادن پڻ تقريرون ڪيون.
تقريب جي آخر ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورهايا ويا.

Photos from Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad's post 26/11/2023

29 نومبر 2023 بروز اربع تي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول گپچاڻي ۾ "Culture Day" جي عنوان هيٺ پروگرام منعقد ڪيو ويندو.

17/10/2023

Activity
introduce yourself
class 2

Photos from Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad's post 18/09/2023

بتاريخ2023-09-18 بروز سومر
گورنمنٽ پرائمري اسڪول گپچاڻي۾ ڪلاس ٻئين جي انگريزي منٿلي ٽيسٽ جي رزلٽ اناؤنس ڪئي وئي جنهن کان پوئي پوزيشن هولڊر شاگردن م انعام ورهائيا ويا
پهرئين پوزيشن راجو ولد پرڀو
ٻئين پوزيشن عاطف علي ولد محمد اڪرم ۽ ٽئين پوزيشن اسد علي ولد اسدالله گپچاڻي کئي
ڪلاس ٽيچر: سائين عبدالستار مگسي صاحب

06/09/2023

GBPS Gupchani
کلاس چہارم اور پنجم نے 6 ستمبر کے حوالے سے آگاہی پروگرام تشکیل دیا۔ جس میں بچوں کو 6 ستمبر 1965 کے دن ہونے والے واقعات کی آگاہی دی گئی۔ پاک افواج کی قربانیوں پر خراج تحسین پیش کیا گیا۔
اس بات کا عہد کیا گیا کہ جب بھی ہمارے وطن کو ہماری ضرورت پڑی ہم اپنی جان کا نطرانہ دینے سے گریز نہیں کریں گے۔

پاکستان زندہ آباد

29/08/2023

Class activity
class 2
About my self

Photos from Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad's post 12/08/2023

اڄ بروز ڇنڇر تي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول گپچاڻي دوڙ م 14 آگسٽ ۽ ساليانا نتائج جي حوالي سان عظيم الشان پروگرام ڪيو ويو
پروگرام جو اغاز قران پاڪ جي تلاوت سان ڪيو ويو ۽ ريلوي حادثي م فوت ٿيل ماڻهن ۽ زخمين لائي خصوصي دعا ڪئي وئي.
پروگرام م شاگردن ۽ استادن جوش ۽ جزبي سان شرڪت ڪئي.
ٻارن ملي نغما ٽيبلوز ۽ تقريرون پيش ڪيو. استادن پنهنجي تقرير م آزادي جي اهميت ۽ حب الوطني تي زور ڏنو
۽ پوئي پروگرام م سالياني امتحان م پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن کي سرٽيفڪيٽ آف دي ايپريئسيشن ڏنو ويو
پروگرام م يوسي گپچاڻي جي وائس چيئرمين رئيس غلام مصطفي گپچاڻي ڊاڪٽر شعيب گپچاڻي مهمان خصوصي طور شرڪت ڪئي ۽ ميڊيا جي دوستن عبيد رخشاڻي سلامت گپچاڻي ۽ مسعود احمد زنگيجو ب پروگرام م شرڪت ڪئي
بعد ۾ هيڊ ماستر غلام عباس جمالي صاحب تمام استادن کي ڪامياب پروگرام تي مبارڪ باد ڏني ۽ آخر م ٻارن م مٺائي تقسيم ڪئي وئي

12/08/2023

اڄ بروز ڇنڇر تي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول گپچاڻي دوڙ م 14 آگسٽ ۽ ساليانا نتائج جي حوالي سان عظيم الشان پروگرام ڪيو ويو
پروگرام جو اغاز قران پاڪ جي تلاوت سان ڪيو ويو ۽ ريلوي حادثي م فوت ٿيل ماڻهن ۽ زخمين لائي خصوصي دعا ڪئي وئي.
پروگرام م شاگردن ۽ استادن جوش ۽ جزبي سان شرڪت ڪئي.
ٻارن ملي نغما ٽيبلوز ۽ تقريرون پيش ڪيو. استادن پنهنجي تقرير م آزادي جي اهميت ۽ حب الوطني تي زور ڏنو
۽ پوئي پروگرام م سالياني امتحان م پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن کي سرٽيفڪيٽ آف دي ايپريئسيشن ڏنو ويو
پروگرام م يوسي گپچاڻي جي وائس چيئرمين رئيس غلام مصطفي گپچاڻي ڊاڪٽر شعيب گپچاڻي مهمان خصوصي طور شرڪت ڪئي ۽ ميڊيا جي دوستن عبيد رخشاڻي سلامت گپچاڻي ۽ مسعود احمد زنگيجو ب پروگرام م شرڪت ڪئي
بعد ۾ هيڊ ماستر غلام عباس جمالي صاحب تمام استادن کي ڪامياب پروگرام تي مبارڪ باد ڏني ۽ آخر م ٻارن م مٺائي تقسيم ڪئي وئي

30/07/2023

اسلام عليڪم
تمام والدين حضرات کي گذارش آھي ته پھرين آگسٽ 2023 کان اسڪول کلن پيا پنھنجي گلڙن جھڙن پيارن ٻارن جي بھتر مستقبل ۽ تربيت لاء سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرايو ۽ جيڪي اڳ ۾ داخل آھن انھن کي پابند ڪجو اسڪول اچڻ جو ڇاڪاڻ ت ھاڻي سرڪاري اسڪولن ۾ استاد ن ھجڻ جو سبب ختم ٿي چڪو آ ..
نين ڀرتين کانپوء ھر اسڪول ۾ سينئر توڙي جونئر استاد آھن جيڪي پنھنجي خداداد صلاحيتن ۽ قابليت سان تعليم ۾ بھتري آڻن لاء متحرڪ آھن.

ايندڙ وقت علم جو آهي، اوھان جو اولاد ئي اوھان جو مستقبل آهي، انڪري پنهنجي ٻارن کي وڌ کان وڌ معياري تعليم ڏيارڻ جي ڪوشش ڪريو..

Photos from Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad's post 14/05/2023

تاريخ 10 مئي 2023 بروز اربع تي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول گپچاڻي ۾ لوڪل ساليانو امتحان ٿي گذريو، جنهن م امتحاني ڪاميٽي جي ميمبرن استاد جانب شيخ, استاد عبدالغني چانڊيو, استاد فريد زرداري, استاد حزب الله شاه , سائين آفتاب گاهو ۽ شهر جي مين اسڪولن جا هيڊماستر جن ۾ اُستاد محمد نواز جمالي, زاهد حسين گپچاڻي ايگزام ڪاميٽي چيئرمين سائين مير حسن جمالي شاگردن کان زباني امتحان وٺڻ جي عمل ۾ شريڪ هئا، ان کان علاوه تعلقي ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ميل دوڙ سائين حسن علي جمالي صاحب جن خصوصي شرڪت ڪئي.
امتحان دوران ڪلاسن ۾ صفائي ۽ نظم و ضبط جو بهترين بندوبست ڪيو ويو هو شاگرد مڪمل ڊريس ۾ موجود هئا جن امتحان وٺندڙ ٽيم جي سوالن جا درست ۽ بروقت جواب ڏئي داد وصول ڪيو.

27/03/2023

اڄ تاريخ 27 مارچ 2023 تي ڪلاس پهرئين جي ٻارن م مختلف نالن سڃاڻڻ جي ايڪٽوٽي ڪرائي وئي جنهن م ڦوڪڻن تي ڪلاس جي ٻارن جا نالا لکي سڀنن ٻارن کي اهيو چيو ويو هو پاڻ سان گڏ ويٺل دوست جي نالي وارو بيلون ڳولين. انهي ايڪٽوٽي کي ٻارن ب ڏاڍو انجوائي ڪيو
ويلڊن سر عبدالستار مگسي صاحب

Send a message to learn more

Photos from Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad's post 21/03/2023

اڄ تاريخ-21-03 2023 ڏينهن اڳاري تي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول گپچاڻي جي تمام محنتي استاد عبدالستار مگسي صاحب جي ڪلاس پهرئين جي منٿلي ٽيسٽ جي حتمي نتيجي کانپوء ڪامياب شاگردن کي اعزازن سان نوازيو ويو
1= ڪيٽيگيري ..
سعد حسين گپچاڻي 1st پوزيشن
اسد علي گپچاڻي 2nd پوزيشن
ذوالقرنين گپچاڻي 3rd پوزيشن
2=ڪيٽيگيري
ڪرن ڪمار 1st پوزيشن
وليد احمد 2nd پوزيشن
اشوڪ ڪمار 3rd پوزيشن
ھنن ڪامياب شاگردن کي اسڪول جي پوري ٽيم جي طرفان مبارڪون ڏنيون ويون ۽ ٻين شاگردن کي خوب ھمٿايو ويو جئين وڌيڪ محنت ڪري سرخرو ٿي پنهنجو پاڻ مڃرائين.

نيڪ تمنائون
غلام عباس جمالي
ھيڊ ماسٽر گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول گپچاڻي

13/03/2023

Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad

07/03/2023
Photos from Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad's post 13/01/2023

Annual school inspection plays paramount role in teaching learning process. Students and teachers seem to feel ambivalent for evaluating their academic prowess and course accomplishments and it is also a monumental day for students to prove their mettle. Management also appears in dither because of vetting up their school records and making provision for arriving of officials.
Today on dated 13th January 2023, inspection of Government Boys Primary School Gupchani Taluka Daur was held under the supervision of Taluka Education Officer Primay male Daur sir Hassan Ali jamali sahib and his inspection team. The venerated team was warmly welcomed by worthy Head Master and respected teachers. The team visited all the classes which was festooned with wall arts, observed every subject in each class, asked question from the students from different subjects, checked students’ attendance registers, fair notes and school record. The team appreciated the students and teachers for doing great work notwithstanding stymied by mega floods 2022.
In the end, the inspection team gave constructive feedbacks and remarks. These feedbacks and remarks are as token of their appreciation for us.
We are grateful to inspection team and also much obliged to our assiduous teachers and stimulating management for conducting successful and effective inspection and completed an uphill task. This exceptional programme bears the stamp of competent management.

Photos from Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad's post 04/01/2023

سياري جي موڪلن کان پوئي موڪلن جي دوران ڪلاس پهرئين م مليل هوم ورڪ م جيڪي ب شاگرد 100 % هوم ورڪ ڪري آيا انهن م سائين عبدالستار مگسي پاران پينسلون ورهائيون ويو.
Weldone

Videos (show all)

اسان جي پياري استاد سائين حبيب الرحمن گپچاڻي جي الودائي تقريب
Math is the only place where truth and beauty mean the same thing
#culturalday2023 GBPS/ Gupchaniٽيبلو===  مڙس ماڻهوڪلاس ٻيونتنوير اينڊ ٽيم
ڪلچر ڊي 2023عاطف عليڪلاس ٻيون
گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول گپچاڻي  ۾ اڄ بروز اربع 29 نومبر2023 تي سنڌي ثقافت ۽ ايڪتا جو ڏهاڙو وڏي جوش و خروش ۽ رنگين ط...
Activityintroduce yourselfclass 2
GBPS Gupchaniکلاس چہارم اور پنجم نے 6 ستمبر کے حوالے سے آگاہی پروگرام تشکیل دیا۔ جس میں بچوں کو 6 ستمبر 1965 کے دن ہونے ...
Class activityclass 2About my self
اڄ بروز ڇنڇر تي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول گپچاڻي دوڙ م 14 آگسٽ ۽ ساليانا نتائج جي حوالي سان عظيم الشان پروگرام ڪيو وي...
Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad
Today assembly view @ Govt. Boys Primary School Gupchani Taluka Daur District Shaheed Benazirabad

Website