سنڌوۡ ڌارا
سنڌ۽سنڌوءجي سڀيتا،سونهن،تاريخ۽تهذيب جوپڙلاءۡ.
ٻڏي به نٿا مرن ڪوڙي مينڊيٽ جا دعويدار ۔ اسيمبليء جي گيٽ تي نياڻين جا روا ۽ پوتيون لاراهي اسيمبليء اندر حلف کڻي رهيا آھن ته پنهنجي عوام ۽ديس سان وفاداررهنداسين۔
سنڌ جي نياڻين جي احتجاج تي سنڌ پوليس جو بيشرمائي ۽ بيحيائيء سان تشدد،،،،،
سنڌ خاطر سنڌياڻيون ميدان عمل ۾ ✌✌
وحشيانه تشدد، لاٺي چارج. گرفتار زخمي. سنڌ جي نياڻين پاران ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي آڏو سخت مزاحمت
پنجهتر سالن ۾ پيئڻ ۽ جيئڻ لاء پاڻي به نه مليو ۔
هن زرخيز مالامال سنڌڙيء جي ماروئڙن کي۔
ڏيل ڏري ٿو پوي هي حالات ڏسي ۔
پيرونمل موڙ سنگراسي لڳ ڀيل هارين جو ڪتو چانڊين جي گهر وڃڻ تان مڇرجي چانڊيا زميندارن ڀيلن جي ڏهن گهرن کي باه ڏئي رک ڪري ڇڏيو۔ مسڪينن جو مال متاع ٻڪريون به سڙي ويون ۔مسڪين بيگهر بنيل ۔
اهم انڪشاف۔
رٽائرڊ آرمي چيف جي دور ۾ ڊي ايڇ اي کي پورٽ قاسم اٿارٽي جي 690 ايڪڙ زمين ليز تي ڏني وئي پر ڊي ايڇ اي ستاويه سئو ايڪڙ تي قبضو ڪري ورتو آھي۔
سنڌ کي آجپو اڄ نه سڀاڻي اوس ملڻو آ ۔
نصيرآباد ۾ شھيد ڪيل استاد هدايت لوهر جو خون رنگ لائيندو ۔ٻول ته ٻڌو ۔۔جيڪي هنن سورٺن جي سنڌ جيڏي اندر مان پيهي نڪتا آھن۔
سنڌ جي صورت ۽ مورت ڪارونجهر جي پهاڙ جو ڪيس ۔۔۔۔
۔خليل ڪنڀار جي زباني ۔
At Rado Bakery, Gulistan-e-Johar
شڪريو ادا ڪرڻ ھنن جو حق آھي اهو به انهي انداز سان۔شکریہ۔۔۔۔۔ شکریہ۔۔۔۔ کراچی ایک بار پھر بارود کی گھن گرج میں۔۔۔
تو سنڌ کپائي ۔۔۔۔۔۔۔
هڪ دفعو هن قوم جي ياد تازي ڪرڻ لاءھي وڊيو شيئر ڪري هر سنڌي تائين پهچايو۔
ڪارونجھر ڪنھن جي پیءُ جي ملڪیت ناھي: خدا بخش مري، نگران صوبائي وزیر
ڪارونجھر سنڌ جي ملڪیت آھي پر پڪ سان خدا بخش مري جي پیءُ ۽ سندس آقائن جي بہ پیءُ جي ملڪیت ناھي!
سردار برهان خان چانڊيو تڪ جي سائل هڪ پيرسن کي ڌڪا ڏئي پري ڪري ڇڏيو۔۔سنڌيو ۔هنن فرعونن کان پلاند ڪرڻ جو وقت آيواٿئو۔
نگران سنڌ حڪومتجو هڪ ٻيو غير آئيني قدم۔
اسٽيل ملز جي پنڌرهن سو ايڪڙ“زمين وفاق حوالي۔
زمينون ورهائڻ نگران جو اختيار ئي ناهي ۔پر ڪمپني سرڪار جي حڪمن جي تابعداري تحت تينوالي هلندڙ۔
ڀوتارن جون اليڪشن اداڪاريون۔
توهان زرداري راڄ جي باقيات ۽ انجي سرپرستي ڪندڙ وفاقي رياستي واڳوئن جي ڪهڙين ڪهڙين ذلالتن کان انڪار ڪندؤ۔ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي راتاهي جي سازش بينقاب۔
صرف ڊريس جو فرق آھي باقي ڪم ساڳيو اٿن۔
..
تفصيل هن وي لاگ ۾ ۔خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي گرلس هاسٽل جو انتظام جيلاني هائوس جي رکيل نائڪائن حوالي۔ انتظاميا ان اليڪٽريشن جو ڇا ڪيو جنهن هاسٽل ۾ شاگردياڻي جي ڪمري ۾ گهڙي کيس دوستي لاءِ زور ڀريو...
ان شاگردياڻي جو مسئلو ڪهڙو حل ڪيو جنهن توهان کي سوسائيدل نوٽ لکي موڪليو.....
شاگردياڻين کي ڪا اهڙي هاسٽل ڇو نٿا فراهم ڪيو جنهن اڳيان اهو بدنام زمانہ هوٽل نه هجي جتي آواره ماڻهون ايندڙ ويندڙ شاگردياڻين کي تاڙيندا هجن ۽ کين صبح شام ايندي ويندي ذهني ٽارچر ڪندا هجن.....
سنڌ جي قومي قيادت کي سنڌي قوم جي وينتي۔ جيئن سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف هڪ ٿي جدوجهد هلائي وئي تيئن سنڌ جي سٺ ھزار ايڪڙ زمين دفاعي ادارن کي ڏيڻ خلاف گڏيل جدوجهد ڪن۔
سنڌ فار سيل۔
نگران سنڌ سرڪار جو غير قانوني حڪم۔
خيرپور نارو ريگستان جي 28000 ايڪڙ,ٺٽي جي 1000 ايڪڙ,سجاول ضلعي جي3408 ٿرپارڪر مٺي جي 10 هزار ايڪڙ ۽ دادو ضلعي جي 9305 ايڪڙ زمين فوج جي حوالي۔ سنڌيو اکيون کوليو ۔
۔اسرائيل کان ڪم اڳتي وڌي ويو آھي۔
حق پرست جدوجهد يا ڪا به تحريڪ جڏهن نتيجا ڏيڻ جيتري سگھ حاصل ڪري وٺندي آھي ته دشمن قوتون پنهنجا ڇاڙتا قافلن اندر هن طرح داخل ڪري سندن ئي ساٿاري هجڻ جو ڏيک ڏئي وڳرن جا وڳر شڪار ڪري وٺنديون آھن۔
سنڌ جي شعور جوهڪ مطالبو۔
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نئين سر جوڙ جڪ ڪري امتحان ٻيھر ورتو وڃي!
وڌ کان وڌ شيئر ڪريو۔
نوجوانو . همت ڪري ميڊيڪل ٽيسٽ وانگر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميونسپل آفيسر وارو نتيجو رد ڪرايو .
سهيل ميمڻ
سنڌ پبلڪ ڪميشن جي ميونسپل آفيسرن جي امتحان ۾ ڄٽن جي اڪثريت پاس ٿيڻ واري رزلٽ سڄي سنڌ کي جهٽڪو ڏئي ڇڏيو آهي . غلام نبي مورائي صاحب چوندو آهي ته غريب جي لاِء امير ٿيڻ يا وڏو ماڻهون ٿيڻ جو صرف هڪ ئي رستو آهي ۽ اهو آهي تعليم . محنت ڪري غريب وڏو ماڻهون ٿي سگهي ٿو . مورائي صاحب......! غريب کان اهو واحد رستو به سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪرپٽ اداري اڄ مڪمل طور ديده دليري سان , بدمعاشي سان , جيڪو ڪرڻو اٿوو ڪيو .. اسان گي پرواه ناهي واري ٻولي سان سنڌ جي عوام کان کسي ورتو آهي . حرام سان ڪمايل پئسو , نوڪرين وٺڻ ۾ امتحان پاس ڪرڻ ۾ پوسٽنگس وٺڻ ۾ ڪميشن واريون نوڪريون کڻڻ ۾ واه جو استعمال ٿئي ٿو . سنڌ جي نوجوان کي اهڙي اداري ڏي منهن ڪري گهٽ ۾ گهٽ ٿڪ ته ضرور اڇلڻ گهرجي .
سنڌ جا نوجوانو , احتجاج ڪيو . همت ڪيو ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ وانگر اهو نتيجو به رد ڪرايو ته حرام خورن جا ڪروڙ به ٻڏن ۽ ڪميشن واري اداري جو به منهن ڪارو ٿئي
ھي منھنجي مٺڙي سنڌ اٿئو.
ھڪ ديندار ۽ مذھبي لاڙا رکندڙ مشتاق قاسماڻي ھندو ڀيڻ کان راکي ٻڌائڻ سندس گھر پھچي راکي ٻڌائي.
ڪالھ رکڙي پونم )رکشا ٻنڌڻ(
جيڪو سانوڻ مھيني جي پونم )پندرھين( تاريخ وارو تھوار ھو.
[رکشا] حفاظت، [ٻنڌڻ] ڌاڳو يا ڏور، [تھوار] ڏينھن.
ھن ڏينھن تي ڀائر پنھنجين ڀينرن وٽ ھلي وڃي راکي ٻڌرائيندا آھن، ۽ ڪي ڀينرون ڀائرن وٽ پاڻ ھلي اينديون آھن ،
يا ڪنھن سان گڏ راکي موڪلي ڏينديون آھن.
پر ڪالھ ھن جو ٽائم يعني رکڙي ٻڌڻ جو وقت رات 9 وڳي کانپوءِ شروع ٿيو ھو.
مالڪ کان دعا آھي تہ اھڙي ڀائپي واري ڀرم جو ر ھميشہ قائم رھي. ڀائرن ۽ ڀينرن پاران ڪيل وچن کي نڀائڻ جي توفيق ڏي.
سڀني ڀينرن ۽ ڀائرن کي رکشا ٻنڌڻ ڏينھن جون لکين واڌايون.
ھي جھالت ئي نہ پر ذلالت جي انتھا آھي. جن جاھلن اجرڪ کي پٽ ۾ وڇائي ھن بظاھر مرشد نظر ايندڙ غرور ۾ ٻڏل شخص جي جُتن ھيٺان رکيو آھي انھن سميت ھن پليت خلاف قدم کنيو وڃي. جيڪڏھن ڪو ٻي بوليء وارو ڪري ھا تہ اسان زمين آسمان ھڪ ڪريون ھا، ساڳئي طرح ھن جاھل مرشد خلاف بہ ڀرپور آواز اٿاري کيس معافي وٺڻ تي مجبور ڪيو وڃي.
ڪنڌڪوٽ ۾ خونريز قبيلائي جھيڙي ۾ پي ايڇ ڊي ھولڊر صوفي منش خيالن جو پيڪر، فرشتہ صفت انسان ڊاڪٽر اجمل ساوند رھزہن ھٿان قتل ڪيو ويو. سندن خيال ٻڌو ۽ اڳتي ونڊ ڪريو. سوچيو تہ اساننجي سنڌ بلا جي ذھين شخصيتن لاءڪيئن نہ مقتل گاھ بڻيل آھي؟
سنڌ جو گمنام ھيرو.
ڊاڪٽر نور خاصخيلي آمريڪا ۾ رهي ٿو،صحت، ميڊيڪل سائنس، دوائن جي ريسرچ، بيمارين جي ريسرچ، ۾ ڪمال جو ماڻھو، جنهن جي صلاحيتن کان جپان کان وٺي آمريڪا تائين دنيا فيضياب ٿئي پئي، پر هن سالن تائين سنڌ سميت پاڪستان ۾ پنهنجون صلاحيتون وقف ڪرڻ چاهيون، ادارا ٺاهڻ چاهيا، پر ڪرپشن ۾ ورتل ھن سماج جي هر فرد چيو، ان ۾ اسان کي ڇا ملندو، آخر ڪار هو مايوس ٿي آمريڪا هليو ويو، جتي آمريڪا سميت دنيا جا سڌريل ملڪ هن کان ڪئنسر سميت جديد بيمارين تي ريسرچ جو ڪم وٺن پيا، ،ڪاش سنڌ جا هي غير معمولي ماڻهو سنڌ کي موٽي ملن
Click here to claim your Sponsored Listing.
Videos (show all)
Category
Website
Address
Hyderabad, 71500
This page is offering to you Cricket updates and Cricket reels for the refreshment of viewers.
Plat No 14 Street 6 Oposit Kaim Khani Hostal Qazi Abdul Qayyum Road
Hyderabad, 71000
Current Affairs Public Talks Public Question/Answers Latest News About Government
Hyderabad
Through this page we updates our viewer about new jobs, announcements and updates.
Qazi Qyoom Road Gari Khata Hyderabad Sindh
Hyderabad, 71000
ADMIN DAILY HYDERABAD TIME NEWS