Videos by سنڌوۡ ڌارا in Hyderabad. سنڌ۽سنڌوءجي سڀيتا،سونهن،تاريخ۽تهذيب جوپڙلاءۡ.
سنڌ جي نياڻين جي احتجاج تي سنڌ پوليس جو بيشرمائي ۽ بيحيائيء سان تشدد،،،،،
سنڌ خاطر سنڌياڻيون ميدان عمل ۾ ✌✌
وحشيانه تشدد، لاٺي چارج. گرفتار زخمي. سنڌ جي نياڻين پاران ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي آڏو سخت مزاحمت
سنڌ جي نياڻين جي احتجاج تي سنڌ پوليس جو بيشرمائي ۽ بيحيائيء سان تشدد،،،،، سنڌ خاطر سنڌياڻيون ميدان عمل ۾ ✌✌ وحشيانه تشدد، لاٺي چارج. گرفتار زخمي. سنڌ جي نياڻين پاران ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي آڏو سخت مزاحمت
پنجهتر سالن ۾ پيئڻ ۽ جيئڻ لاء پاڻي به نه مليو ۔ هن زرخيز مالامال سنڌڙيء جي ماروئڙن کي۔ ڏيل ڏري ٿو پوي هي حالات ڏسي ۔
پيرونمل موڙ سنگراسي لڳ ڀيل هارين جو ڪتو چانڊين جي گهر وڃڻ تان مڇرجي چانڊيا زميندارن ڀيلن جي ڏهن گهرن کي باه ڏئي رک ڪري ڇڏيو۔ مسڪينن جو مال متاع ٻڪريون به سڙي ويون ۔مسڪين بيگهر بنيل ۔
سنڌ کي آجپو اڄ نه سڀاڻي اوس ملڻو آ ۔ نصيرآباد ۾ شھيد ڪيل استاد هدايت لوهر جو خون رنگ لائيندو ۔ٻول ته ٻڌو ۔۔جيڪي هنن سورٺن جي سنڌ جيڏي اندر مان پيهي نڪتا آھن۔ #JusticeForHidayatLohar
سردار برهان خان چانڊيو تڪ جي سائل هڪ پيرسن کي ڌڪا ڏئي پري ڪري ڇڏيو۔۔سنڌيو ۔هنن فرعونن کان پلاند ڪرڻ جو وقت آيواٿئو۔
توهان زرداري راڄ جي باقيات ۽ انجي سرپرستي ڪندڙ وفاقي رياستي واڳوئن جي ڪهڙين ڪهڙين ذلالتن کان انڪار ڪندؤ۔ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي راتاهي جي سازش بينقاب۔
.. تفصيل هن وي لاگ ۾ ۔خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي گرلس هاسٽل جو انتظام جيلاني هائوس جي رکيل نائڪائن حوالي۔ انتظاميا ان اليڪٽريشن جو ڇا ڪيو جنهن هاسٽل ۾ شاگردياڻي جي ڪمري ۾ گهڙي کيس دوستي لاءِ زور ڀريو... ان شاگردياڻي جو مسئلو ڪهڙو حل ڪيو جنهن توهان کي سوسائيدل نوٽ لکي موڪليو..... شاگردياڻين کي ڪا اهڙي هاسٽل ڇو نٿا فراهم ڪيو جنهن اڳيان اهو بدنام زمانہ هوٽل نه هجي جتي آواره ماڻهون ايندڙ ويندڙ شاگردياڻين کي تاڙيندا هجن ۽ کين صبح شام ايندي ويندي ذهني ٽارچر ڪندا هجن.....
حق پرست جدوجهد يا ڪا به تحريڪ جڏهن نتيجا ڏيڻ جيتري سگھ حاصل ڪري وٺندي آھي ته دشمن قوتون پنهنجا ڇاڙتا قافلن اندر هن طرح داخل ڪري سندن ئي ساٿاري هجڻ جو ڏيک ڏئي وڳرن جا وڳر شڪار ڪري وٺنديون آھن۔
آئون ڏاندن گاڏي جوٽي، موھن جي بازار وڃان ٿو، ساري بستي سک وسي ٿي، ڌرتي ھڪڙو خواب ڏسي ٿي. خليل ڪنڀار جو ڌرتيء لاء سپنو، شاعريء جي روپ ۾ اھو بہ سندن پنھنجي آواز ۾.
عوام جي ڪاوڙ ۽ردعمل جو خوف خطرو. رئيس وڏي ۽ فريال ٽالپر جو خاص خليفو ضيا لنجار پنھنجي گھر، بينظير آباد جي بکرجماليء واري علائقي ۾ پنجن پوليس موبائيلن ڪيترين سرڪاري ۽ واٺن جي گاڏين جي حفاظتي حصار ۾ سفر ڪري رھيو آھي.
فن !!! جيڪو تماشو بڻيل آھي،. سٺ ميل جو رھواسي ستار کوسو فن کي پنائڻ تي مجبور آھي. غربت ۽ مفلسيء واري زندگي سبب پيٽ پورائي لاء روز، بسن ۾ چڙھي مختلف شھرن ۾ دڪانن تي وڃي خيرات وٺي ٿو. نہ ادارا نہ سرڪار نہ فن شناس ھن فقير ڏانھن توجھ ڏين ٿا. اھڙا تماشا سنڌ ۾ ھر روز ٿين ٿا.