Sambara News, Hyderabad Videos

Videos by Sambara News in Hyderabad. هي پيج سنڌ جي عوام جي لاء ٺاهيو ويو آهي جيئين سنڌ جا مسئ?

سنڌ تون پيدا ڪيا جودا جوان ۽ سورما....
سنڌ جو شعور

Click to enable sound Next

Other Sambara News videos

سنڌ تون پيدا ڪيا جودا جوان ۽ سورما.... سنڌ جو شعور

خطرناڪ حادثو روھڙي جي ڀرسان ھڪ بدنصيب بس سان حادثو پيش آيو آھي بس مڪمل طرح سان تباھ ٿي وئي ڪيترائي ماڻھو اجل جو شڪار ٿيڻ جا اطلاع ڪيترائي ماڻھو زخمي حالت ۾ حادثي واري هنڌ پيل ڳوٺ جي آس پاس رھندڙ ماڻھو مدد لا۽ پيرين اگھاڙا نڪري آيا.

وِڪامِيل پُولِيس..!!! ھِي آھي راڻِيپُور واقِعي جو جَوابدار فِياض شاھ، جَنھِن کي پُولِيس ڪورَٽ ۾ پيشِي کانپوءِ اَڳيان مُوبائِل ۾ ويھاري پِروٽوڪول ۾ واپَس کَڻِي وَڃِي رَھي آھي، جَنھِن دؤران ڏِسي سَگهجي ٿو تہ فياض شاھ وَٽ ھَٿ ۾ موبائِل فون آھي جيڪا گاڏِي ۾ چارج پِڻ ٿِي رَھِي آھي، تَوھان سوچي سَگهو ٿا تہ جَنھِن جَوابدار کي فَقط ڪورَٽ پيشِي وَقت ايتِريُون سَھولَتون مِليَل آھِن تہ پوءِ شاھ صاحَب کي لاڪَپ ۾ ڪيتِريُون سَھُولَتون مِليَل ھُونديُون..!!! اَفسوس سان لَڳي ٿو تہ مَعصُوم نِياڻِي جو خُون پولِيس وِڪڻِي چُڪِي آھي.

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وارا واڏا استاد آھن....🤪🤪 سٺين کي پيئسا ڪڍي ٿا ڏيئن ڀلا ٽيڏين ڪھڙو ڏوھ ڪيو آ😀😀

پيپلز پارٽي روزگار ڏيڻ بجاء غريبن کان روزگار کسڻ لڳي.....!!! میئر لاڙڪاڻو جو حڪم آهي تنهنجي مانڊي غيرقانوني آهي. ميونسپل انڪروچمينٽ آفيسر معظم علي عباسي غريب پورهيتن لاءِ رڻ ٻاري ڏنو،ريلوي ٽريڪ جي حد ۾ مانڊي ڀڃي هزارين روپين جو نقصان ڪري ڇڏيو، متاثر على رضا ابڙو جون ميڊيا آڏو دانهون. جڏھن تہ لاڙڪاڻي جا مک روڊ انڪروچمينٽ جي ڪري بند آھن انھن کان افيسر معظم عباسي پئسا وٺي انھن کي اجازت ڏي پيو. باڪي غريب جيڪڏھن مانڊي ھلائي گھر جو گذر سفر ڪن پيا تہ اھي غير قانوني...

لاڙڪاڻو مهڪ فلور مل خراب ڪڻڪ سٺي سان ملائي اٽو وڪرو ڪرڻ لڳي مل تي حساس ادارن جي ڪارروائي ھزارين ٻوريون خراب ڪڻڪ برآمد مل سيل....

لاڙڪاڻي جو امن تباھ ٿي ويو شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد لهر ڪالوني ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات دير سان اڻڄاتل چور رڪشو هلائيندڙ پورهيت فياض ڀٽو جي گهر جا تالا ٽوڙي تولو سونا زيور، 35 هزار روپيه روڪ رقم، هڪ موبائيل فون ڪپڙا ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع باوجود پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي. ان حوالي سان رڪشا ڊرائيور پورهيت فياض ڀٽو ٻڌايو ته گذريل رات دير سان اسان سمورا گهر ڀاتي شھر ۾ شادي جي پروگرام ۾ ويل هياسين ته اڻڄاتل چورن گهر جا تالا ٽوڙي تولا سونا زيور، 35 هزار روپيه روڪ رقم، هڪ موبائيل فون سميت گهر ڀاتين جا ڪپڙا چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن اهڙي واقعي جو اطلاع حد جي حيدري ٿاڻي تي ڏنو آهي پر پوليس هن وقت تائين ڪو تدارڪ ناهي ڪيو هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته چورن کي گرفتار ڪري سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Earturgurl Ghazi in pakitan

”اٽو سستو ڪريو “ بلاول ڀٽو زرداري جي ٽنڊو محمد خان پهچڻ تي عوام جا نعرا، پ پ اڳواڻ مائيڪ خراب هئڻ جو جواز ڄاڻائي ڇڏيو، بلاول خطاب ڪرڻ بنا اڳتي روانو ٿي ويو

لاڙڪاڻو سبزي منڊي لاڙڪاڻو جي مين روڊ تي چنگچي رڪشا ڊرائيور ۽ ٽريفڪ اھلڪار ۾ جھڙو چنگچي واري ٽريفڪ واري جي ڏاڙھي ۾ ھٿ وجھي تذليل ڪري زخمي ڪيو.

آذان وارو پڄندس. 😂😂😂😂😂 يار ڇا ته انداز آھي ننڍڙيء جو، مولا حياتي ڏئيس.

پی ایس ایل کے میچوں میں مریم کے پاپا چور ہیں مریم کے پاپا چور ہیں کی صدائیں بلند ۔۔۔۔

ڀٽائي اسان جا تہ ڀاڻا ٻڏي ويا گائڪ: احمد مغل شاعر: بخشڻ مھراڻوي ڊائريڪٽر: طارق بروھي

حیدرآباد، افغانین پاران قتل ڪیل بلال ڪاڪا جي انصاف لاءِ حیدرآباد ھائي وي تي لڳل ڌرڻي ۾ ایس ایس پي امجد شیخ پھچي وارثن سان ڳالھیون ڪیون۔
حیدرآباد.. مون ۾ ۽ اوهان ۾ ڪو فرق ڪونهي، هڪ سنڌي نوجوان شهيد ٿيو انهن جي جوابدارن کي هر حال ۾ سزا ملڻ گهرجي، بلاول جي قتل جي دهشتگردي ايڪٽ تحت ايف آئي آر ٿيندي، هڪ جوابدار گرفتار ڪيو آهي وڌيڪ به ڪنداسين :ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ جون ڌرڻي واري هنڌ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ وارثن کي خاطري

ڪراچي ۾ برسات دوران روڊ تي موٽر سائيڪلون ترڪڻ واري هڪ وڌيڪ وڊيو وائرل..
ڪراچي ۾ برسات دوران روڊ تي موٽر سائيڪلون ترڪڻ واري هڪ وڌيڪ وڊيو وائرل..

شڪر الحمد الله❤️ اڄ لاڙڪاڻو رائيس ڪئنال ۾ پاڻي ڏسي دل کي سڪون مليو ڏاڍي خوشي ٿي، اسانجي هاري پورھيتن جي اڻٿڪ جدوجهد کي سلام پيش ڪجي ٿو..
شڪر الحمد الله❤️ اڄ لاڙڪاڻو رائيس ڪئنال ۾ پاڻي ڏسي دل کي سڪون مليو ڏاڍي خوشي ٿي، اسانجي هاري پورھيتن جي اڻٿڪ جدوجهد کي سلام پيش ڪجي ٿو..

پيٽرول جا اگھ وڌڻ کانپوءِ جي صورتحال!
پيٽرول جا اگھ وڌڻ کانپوءِ جي صورتحال!

ھمراھ جي آواز ۾ وڏو درد آھي 😁😁
ھمراھ جي آواز ۾ وڏو درد آھي 😁😁

Post share kare
اپيل۔ اپيل۔ تمام وس وارن کي اپيل۔ 🙏🏻🙏🏻🙏🏻🙏🏻🙏🏻🙏🏻 رتوديرو جي ڳوٺ وليداد گابر جي رھواسي پرائمري استاد اختر حيسن جوڻيجو جي 17 سالا نياڻي رخسار جوڻيجو جا ٻئي گڙدا ختم ڪراچي جي ڊاڪٽرن طرفان جلد از جلد ٻيو گڙدو ڊونيٽ ڪرڻ جي صلاح بعد رتوديرو واپس ڪري ڇڏيو آهي ساڳئي بيماري ۾ اڳ 2 نياڻيون سپنا جوڻيجو ۽ مقدس فاطما فوت ٿي چڪيون آھن ۽ فوٽو ۾ ڏيکاريل ٻ نياڻين عروسا جوڻيجو ۽ رخسار جو پڻ علاج ھلندڙ ھو جنهن ۾ ھڪ نياڻي رخسار جون ٻئي بڪيون ختم ٿي چڪيون آھن پنهنجو الھ ٿلھ نياڻين جي بيمارين ۾ لڳائي چڪو آھي جڏهن ته ھن پرائمري استاد اڳ ڪنهن کي به مالي مدد جي اپيل ڪان ڪئي آھي پر ھيئر سندس جي انتھائي غربت سبب ھن سرنديء وارن چونڊيل نمائندن تڪ جي اين اين اي، ايم پي اي ۽ سينيٽر سميت تمام وس وارن کي نياڻيء جي علاج لاء اپيل ڪندي چيو آھي ته خدارا منهنجي مدد ڪري منهنجي ھن نياڻيء جي زندگي بچائڻ ۾ مدد ڪيو نه ته ھنن نياڻين سان گڏ ھاڻي مان به مري ويندس ـ اختر حسين جوڻيجو پرائمري استاد ماڇي خان بروھي يوسي طيب تعلقو رتوديرو نوٽ ـ ھي پوسٽ پڙھندڙ شيئر پوسٽ ڪري ھن مدد ۾ پنهنجو حصو ڳنڍيو من اوھان جي ڪوشش سان ھن نياڻي جي زندگي بچي پوي ـ

Sambara News
اڄ پي ايس ٽي، جي ايس ٽي جا آفر آرڊر ورهائڻ واري تقريب ۾ شرڪت لا۽ ويندڙ بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو کي پي ايس ٽي، جي ايس ٽي ۾ پاس ڪندڙ جن کي آرڊ ناهن مليا انهن روڪي ورتو ۽ سندس جي گاڏي اڳيان احتجاج ڪيو. جميل سومرو اميدوارن جون ڳالهيون ٻڌي سندن مسئلو حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

Sambara News
8 بجي واري لڳل باھ سڄو ڳوٺ راخ ڪري ڇڏيو پر سڄي رات ۾ ڪا فائر برگيڊ نه پهتي فيض چانڊيو ڳوٺ ۾ باھ واقعي ۾ 9 ڄڻا هن وقت تائين فوت ٿئي چڪا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي آهن سڙي فوت ٿيل معصوم ٻارن سميت 9 ڄڻن ۽ سوين زخمين جي ايف اي آر ڪنهن تي داخل ٿيڻ گهرجي ميهڙ، يا ڪي اين شاه ميونسپل انتظاميه تي؟ ڊي سي دادو تي ؟ يا اتان چونڊيل نمائندن تي ؟؟

لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن
لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن پاران موجودہ ملڪي صورتحال تي نيشنل اسيمبلي جي غير آئيني فيصلي خلاف احتجاج ڪري سخت ناري بازي ڪئي وئي. ٻي پاسي عدالتي ڪاروائي معطل ڪري ورڪ سسپنڊ ڪري ڇڏيو. احتجاج جي صدارت ڊسٽرڪٽ بار جي صدر صفدر علي غوري , نائب صدر ڪامران گورڙ ، جنرل سيڪريٽري امان الله لھر ، ستار ھليو ، عبدالجبار شيخ ، عامر سوھو بھادر شاھاڻي ، ياسر ھليو نادر ڀٽو ، محسن سومرو ، علي اڪبر ڏھر ، نوشاد ٽگڙ جن ڪئي. جن ۾ بار جي وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

لاڙڪاڻي جي مشهور سماجي اڳواڻ انسان دوست ذوالقرنين سيال پاران هر سال جيان هن سال به لاڙڪاڻي جي مختلف اسپتالن ۾ افطاري سان گڏ سحري جو به دسترخو
لاڙڪاڻي جي مشهور سماجي اڳواڻ انسان دوست ذوالقرنين سيال پاران هر سال جيان هن سال به لاڙڪاڻي جي مختلف اسپتالن ۾ افطاري سان گڏ سحري جو به دسترخوان لڳائڻ جو اعلان.

لاڙڪاڻي جي اينٽي ڪرپشن ٽيم جو ڏوڪري مختيار ڪار آفيس تي ڇاپو، مختيار ڪار آصف شر ۽ اسسٽ مختيار ڪار سائين بخش ڪولاچي رشوت وٺندي سوگها....
لاڙڪاڻي جي اينٽي ڪرپشن ٽيم جو ڏوڪري مختيار ڪار آفيس تي ڇاپو، مختيار ڪار آصف شر ۽ اسسٽ مختيار ڪار سائين بخش ڪولاچي رشوت وٺندي سوگها....

Sambara News
لاڙڪاڻي جي بدقسمتي يا انتظامي نااهلي! چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ اندر هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ جتي خون آلود بسترا ۽ فرش هر طرف گندگي جي ڍيرن ۽ بدبوءِ واري ماحول ۾ مريضن جو زندگيون داءُ تي لڳل آهن، صرف اتي ئي دنگ نٿو ٿئي ڏسو هڪڙا ملازم ڪائونٽر تي چڙهي سگريٽ جا ڪش هڻي رهيا آهن تہ ٻئي پاسي ايڪسري مشين تي آرامي آهي ۽ هڪڙا وري ڊريسنگ روم ۾ مريضن وارن بسترن تي گش نظر اچي رهيا آهن، ڳالھ وڃي اتي به دنگ نٿي ٿئي ايمرجنسي وارڊ ۾ جديد ميڊيڪل سائنس جي بنيادن تي هاڻي مريضن کي بيٺي ئي انجيڪشن لڳائڻ به شروع ڪئي وئي آهي..

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ بسترا مريضن کي ڀلي نہ ملن پر اهي ٺيڪيدار کي عمارت جي ڀڃ ڊاھ ۾ ضرور ڪم ايندا آهن..
لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ بسترا مريضن کي ڀلي نہ ملن پر اهي ٺيڪيدار کي عمارت جي ڀڃ ڊاھ ۾ ضرور ڪم ايندا آهن..

Sambara News
لاڙڪاڻو ٽڪر لاڙڪاڻي جي فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر ميڊيم عائشه جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ فوڊ اٿارٽي ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن نئوديرو روڊ، گجڻ پور روڊ، لاهوري محلو، اسٽيشن روڊ ،رائيل روڊ سميت مختلف هنڌن تي نئوديرو قائم العاطف هوٽل، نعمت فوڊس، الحمد هوٽل، المدينا هوٽل، الرافع شنواري هوٽل ، ماشاء الله ملڪ شاپز تي چيڪنگ دوران ناقص ميٽريل ۽ ايس او پيز تي عمل نه هئڻ جي صورت مجموعي طور تي هڪ لک چار هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي، جڏهن ته فوڊ اٿارٽي ٽيم پاران کاڌ خوراڪ وڪرو ڪندڙن دڪاندارن کي سختي سان هدايتون جاري ڪندي ايس او پيز تي عمل ڪندي شهرين کي بهتر کان بهتر غذا مهيا ڪئي وڃي نت ٻئي صورت صورت ۾ انهن خلاف فوڊ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويندا.

Sambara News
لاڙڪاڻو لاڙڪاڻي ۾ فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر عائشه جوڻيجو جي ھدايتن تي فوڊ اٿارٽي ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ هوٽل ۽ آئسڪريم شاپ جي دڪانن تي ڇاپا هڻي صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ۽ ناقص ڪارڪردگي تي مجموعي طور تي 80 هزار ڏنڊ وڌو ويو. ان موقعي تي فوڊ اٿارٽي ٽيم جي محمد اسلم شر، محمد علي سومرو ، اڪبر محبوب بروهي، نديم بروهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان فوڊ اٿارٽي ڊائريڪٽر جي حڪم تي شهر جي رائيل روڊ، اسٽيشن روڊ ،وي آئي پي روڊ واري علائقي ۾ هوٽلن ۽ آئسڪريم شاپ تي وزٽ ڪئي جتي برج المرجان هوٽل ۽ الله والا بيڪرز ۽ چرڪول بار بي ڪيو ۽ الرافع ائيسڪريم تي ناقص ڪارڪردگي ۽ صفائي سٿرائي نه هجڻ ڪري ڪچن جي حالت خراب هئڻ ڪري مٿن ڏنڊ وڌو ويو آهي جتي برج المرجان تي 20 هزار، الله والا بيڪرز تي 30 ھزار، ۽ چڪور بار بي ڪيو 20 هزار ۽ الرافع تي 10 هزار ڏنڊ وڌو ويو آهي جڏهن ته فوڊ اٿارٽي ٽيم شهر جي لاهوري محلي ۾ قائم برج المرجان هوٽل تي ڪچن ۾ ناقص ڪارڪردگي ۽ صفائي سٿرائي نه هجڻ تي فائن چارج ڪري لٽير ڏنو ويو جنهن تي هوٽل انچارج ليٽر وٺڻ کان انڪار ڪندي ڌمڪيون پڻ ڏنيون آهن . هوڏانهن فوڊ اٿارٽي ٽيم شهر ۾ کاڌ خوراڪ جون شيون وڪرو ڪندڙ کي اپيل ڪئي ته هو شهرين کي بهتر غذا ۽ فرش شيون فورخت ڪري شهرين جي صحت جو خيال رکن نت ٻئي صورت ۾ انهن خلاف ڪاروايون