Sambara News
هي پيج سنڌ جي عوام جي لاء ٺاهيو ويو آهي جيئين سنڌ جا مسئ?
ھوشيار خبردار.....!!!
لاڙڪاڻي ، قمبر ۽ جيڪب آباد ھي اڙان ۽ بنياد نقلي ۽ غير معياري سارين جو ٻج آيو آھي جيڪو سال 2021 ۾ ھارين کي لکين روپين جو نقصان ڏئي چڪو آھي. جنھن مان ساريون نہ صرف پاپڙ ٿي ھئي.
اڙان ۽ بنياد نقلي ۽ غير معياري ٻج آھي ھاري ڀائر پاڻ کي ھن نقلي غير معياري ٻج کان پاسو ڪن.
اسان ڊائريڪٽر ايگريڪلچرل لاڙڪاڻو ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر قمبر کي گذارش ڪنداسين تہ وقت سر ھن نقلي ۽ غير معياري ٻج کي مارڪيٽ ۾ نہ آڻڻ ڏنو وڃي.....
پوسٽ کي لازمي شيئر ڪندا......
اطلاع گمشدگي......
جيئن تہ ھي 2 ڇوڪرا نالي سيد عاطف رضا شاھ ۽ فخر عباس شاھ جيڪي ڪلھ 4 بجي شام جو دادو کان قمبر جي ڳوٺ گھٽھڙ جي لاء نڪتا آھن جيڪي ھن وقت تائين نہ دادو ۾ گھر آيا آھن نہ ئي قمبر جي ڳوٺ گھٽھڙ پھتا آھن.
جنھن بہ ڀاء ھنن کي ڪٿي ڏٺو ھجي يا ڪنھن کي ڪا خبر ھجي تہ خدارا ھيٺ ڏنل نمبر تي رابطو ڪندا سندن وارث تمام گھڻو پريشان آھن.
رابطي جي لاء
03173519776
03112530225
خيرپور ناٿن شاھ ۾ پي پي جو جلسو، مراد علي شاھ خالي ڪرسين ۽ معصوم ٻارن کي خطاب ڪندي 😂
ڪيئن معنيٰ 😜
ڪيئن معني..!!🤣😂
صحافي طرفان انٽرويو دوران سوالن جا جواب ڏيندي جملي (ڪيئن معني ) تي مشهوري ماڻيندڙ قمر لغاري مقبوليت ماڻي ورتي. نوجوانن پاران سيلفي ڪڍي ڪيئن معني جملي کي ورجائيندي لغاري ٽهڪارن ۾ پئجي وڃي ٿو. وڌيڪ ڏسو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو 👇
شهدادڪوٽ
40 سال شهدادڪوٽ شهر تي حڪمراني ڪندڙ مير نادر مگسي اڄ زوهيب آباد جي ٽٽل فٽل روڊ رستن ۽ گندگي جي ور چڙهيل علائقي ۾ ورڪ ڪندي.
بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ ائنڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن لاڙڪاڻو طرفان شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سھولت لاء ھڪ ٻيو اھم قدم، ھاڻي مائيگريشن سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاء اسڪول يا ڪاليج کان فارورڊ ٿيل درخواست سان گڏ ليونگ سرٽيفڪيٽ سميت ٻين ڪاغذن جي ڪابه ضرورت نه آھي.
شاگرد ۽ شاگردياڻيون صرف بئنڪ ۾ جمع ٿيل فيس چالان ذريعي حاصل ڪري سگھجي ٿي. اھڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي.
سنڌ جي نوجوانن کي ڇولا کپائڻ جي صلاح ڏيڻ وارو ميٽر شاھ عرف خورشيد شاھ مٿان نوجوانن جا پادر سڌا ٿي ويا سلام آ نوجوانن کي 21 توپن جي سلامي سنڌ جي شعور کي۔۔۔۔۔👍✌✌✌👇👇😁
پي ايس 11 سچل ٽائون يوسي 2 محله علي آباد ۾ پ پ جي عوامي دشمني واري پاليسي کان تنگ اچي ۽ معظم عباسي جي لڳاتار ظلم ۽ ڏاڍ خلاف بيهڪ کان متاثر ٿي
سيد منير شاھ صاحب ۽ سندس وڏي ڀاءُ سيد عبدالحفيظ شاھ صاحب ۽ ڀائو احمد حسين بوهڙ، امجد علي بوهڙ پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سميت جي ڊي اي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي
⭐⭐⭐⭐⭐
لاڑکانہ پولیس سو رہی ہے🤫
سنڌ تون پيدا ڪيا جودا جوان ۽ سورما....
سنڌ جو شعور
افغاني سنڌ جي مٿان بار آهن!
کين هر صورت ۾ ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃي! باقي مولانا صاحب کي جيڪڏهن افغانين لاءِ فڪر آهي ته مهرباني ڪَري سمورن غيرقانوني پناهه گيرن کي خيبرپختونخواهه ۾ ترسايو! باقي اهڙا بيان ڏئي حڪومت کي بليڪ ميل نه ڪيو
خطرناڪ حادثو
روھڙي جي ڀرسان ھڪ بدنصيب بس سان حادثو پيش آيو آھي بس مڪمل طرح سان تباھ ٿي وئي
ڪيترائي ماڻھو اجل جو شڪار ٿيڻ جا اطلاع ڪيترائي ماڻھو زخمي حالت ۾ حادثي واري هنڌ پيل
ڳوٺ جي آس پاس رھندڙ ماڻھو مدد لا۽ پيرين اگھاڙا نڪري آيا.
خوشخبري خوشخبري......
اوھان جي پنھنجي شھر لاڙڪاڻي ۾ چمڙي جي پهرين فيميل اسپيشلسٽ ڊاڪٽر مريم سوھو چمڙي جي ھر بيمارين جي ماھر.
نھن خراب ٿيڻ ، چھري جا داغ ، غير ضروري وارن سان گڏ پي آر پي ۽ ايلرجي کان علاوا جنسي بيمارين جو علاج پڻ ڪيو ويندو آھي.
ويھڻ جو ھنڌ لطيف ميڊيڪل سينٽر نزد گھنٽي فاٽڪ لاڙڪاڻو
(سومر کان خميس تائين)
اسلام عليڪم
لاڙڪاڻي جي نوجوانن جي ننڍڙي ڪوشش آھي جيڪي پڙھائي سان گڏ انٽرٽينمينٽ پڻ ڪري رھيا آھن.
انھن دوستن پنھنجي محنت ڪري وڊيو گرافڪس ، ايڊيٽنگ ڪري ھڪڙي ننڍڙي شارٽ فلم ٺاھي آھي جيڪا ڪافي بھتر آھي ائين ئي نوجوان اڳتي اچن جيڪي جنھن ڪم ۾ مھارت رکن ٿا.
ھن لنڪ کي کولي ھڪ دفعو فلم ضرور ڏسندا ۽ دوستن سان شيئر بہ ڪندا.
https://youtu.be/Q8vVJ_IfEfM?si=e958t4N6H2cMLz0m
وِڪامِيل پُولِيس..!!!
ھِي آھي راڻِيپُور واقِعي جو جَوابدار فِياض شاھ، جَنھِن کي پُولِيس ڪورَٽ ۾ پيشِي کانپوءِ اَڳيان مُوبائِل ۾ ويھاري پِروٽوڪول ۾ واپَس کَڻِي وَڃِي رَھي آھي، جَنھِن دؤران ڏِسي سَگهجي ٿو تہ فياض شاھ وَٽ ھَٿ ۾ موبائِل فون آھي جيڪا گاڏِي ۾ چارج پِڻ ٿِي رَھِي آھي، تَوھان سوچي سَگهو ٿا تہ جَنھِن جَوابدار کي فَقط ڪورَٽ پيشِي وَقت ايتِريُون سَھولَتون مِليَل آھِن تہ پوءِ شاھ صاحَب کي لاڪَپ ۾ ڪيتِريُون سَھُولَتون مِليَل ھُونديُون..!!!
اَفسوس سان لَڳي ٿو تہ مَعصُوم نِياڻِي جو خُون پولِيس وِڪڻِي چُڪِي آھي.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وارا واڏا استاد آھن....🤪🤪
سٺين کي پيئسا ڪڍي ٿا ڏيئن ڀلا ٽيڏين ڪھڙو ڏوھ ڪيو آ😀😀
پيٽرول وڌيڪ 26 روپيا في ليٽر مهانگو ٿي ويو ڊيزل جي قيمت ۾ بہ 17 روپيا في ليٽر واڌ
پيٽرول جي نئين قيمت 331 روپيا مقرر..
پيپلز پارٽي روزگار ڏيڻ بجاء غريبن کان روزگار کسڻ لڳي.....!!!
میئر لاڙڪاڻو جو حڪم آهي تنهنجي مانڊي غيرقانوني آهي. ميونسپل انڪروچمينٽ آفيسر معظم علي عباسي غريب پورهيتن لاءِ رڻ ٻاري ڏنو،ريلوي ٽريڪ جي حد ۾ مانڊي ڀڃي هزارين روپين جو نقصان ڪري ڇڏيو، متاثر على رضا ابڙو جون ميڊيا آڏو دانهون. جڏھن تہ لاڙڪاڻي جا مک روڊ انڪروچمينٽ جي ڪري بند آھن انھن کان افيسر معظم عباسي پئسا وٺي انھن کي اجازت ڏي پيو. باڪي غريب جيڪڏھن مانڊي ھلائي گھر جو گذر سفر ڪن پيا تہ اھي غير قانوني...
لاڙڪاڻو.سنڌ پوليس جون مليل ورديون غير قانوني طور استعمال ٿيڻ لڳيون
لاڙڪاڻو. ٻيڙو چانڊيو ۾ گڏهن تي سرون ڍوئيندڙ اوڏن پاران پوليس جي شرٽ استعمال ڪرڻ لڳا
لاڙڪاڻو. گڏھ تي سواري ڪندڙ هڪ نوجوان پوليس جي شرٽ پائي گڏھ تي مزدوري ڪري رهيو آهي
لاڙڪاڻو. هڪ پاسي پوليس کاتي ۾ ڊيوٽي ڪندڙن کي ورديون نه ٿيون ملن ٻئي پاسي گڏھ واري همراه کي شرٽ ملي وئي آهي
سنڌ جي حلالي پٽ مولانا راشِد مَحمُود سُومرو ڪَراچِي ۾ سنڌ دشمن ايم ڪِيُو ايم مَرڪز پُھچِي وَيو، سنڌ دشمن فارُوق سَتار ۽ ٻِين سان مُلاقات، اليڪشَن ۾ گَڏيَل حِڪمَت عَملِي تي غور وِيچار....
ڪوڙ جي منھن ۾ دوڙ....!!!
ھن سان ملو ھي آھي تعلقہ اسپتال قمبر جو ايم ايس سعيد تنيو ڪجھ وقت پھريان قمبر ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيل مقبول احمد چانڊيو معتسب اعلئٰ ڪورٽ ۾ اسپتال ۾ صحولتون ڊاڪٽر نہ ھجڻ خلاف درخواست ڏني ھئي جنھن تي ڪورٽ ھن کي طب ڪيو ھيو .
جنھن جو ھن جواب ڏنو آھي تہ اسپتال ۾ 24 ڪلاڪ ڊاڪٽر موجود ھوندا آھن 2000 مريض روز چڪاس لاء ايندا آھن ۽ ان سان گڏ 200 ايڪسري ۽ الٽرا سائونڊ ڪيا ويندا آھن.
ايمرجنسي ۾ زخمي کي ھر صحولت ڏني ويندي آھي ۽ اسپتال ۾ 3 ايمبولينس مريضن جي لاء موجود آھن.
دوائن جي ڪنھن بہ قسم جي کوٽ ناھي دوا ھر وقت موجود ھوندي آھي.
اوھان ٻڌايو تہ ھي صحولتون اسپتال ۾ موجود آھن.
واپڊا جو آپريشن صرف عام شھرين جي لاء ڇو...؟؟؟
واپڊا عملدارن خلاف بہ آپريشن ٿيڻ گھرجي ھر ھڪ واپڊا واري جي گھر ۾ 3 لائنيون لڳل آھن تنھن مان ڪنھن بہ ھڪ جو بل ادا ناھي ڪندو. ۽ گھر جون سڀ اي سون ڊائريڪٽ ھلائيندو آھي.
انھن خلاف بہ آپريشن ٿي گھرجي. واپڊا ڪالوني ۾ ڊائريڪٽ اي سون پيون ھلن.
ھر لائين سپريڊنٽ ۽ ايس ڊو او جي ڪال رڪارڊنگ ڪڍايو ھر علائقو انھن جي آشيرواد سان بجلي ٺيڪي تي ھلي پئي ھر مھيني اھي خرچي وٺندا آھن انھن خلاف بہ آپريشن ٿيڻ گھرجي.
بجلي چوري تي پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 462 او تحت گريڊ 17 جو آفيسر بجلي چورن خلاف ضلعي مئجسٽريٽ وٽ شڪايت داخل ڪري. ناڪه FIR داخل ڪري....غريب ماڻھن جي خلاف واپڊا وارن جون عدالت سڳوري FIR ختم ڪري ڇڏيون
لاڙڪاڻو مهڪ فلور مل خراب ڪڻڪ سٺي سان ملائي اٽو وڪرو ڪرڻ لڳي مل تي حساس ادارن جي ڪارروائي ھزارين ٻوريون خراب ڪڻڪ برآمد مل سيل....
افسوس اس بات کا ہے کہ گزشتہ 10 روز سے چلنے والی واپڈا آپریشن میں ساری امیر ایماندار نکلے، باقی سب غریب چور ۔
لاڙڪاڻي جي سينئر وڪيل ، وڪيل بھادر علي شاھاڻي پاران
لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو جون مزدور طبقي خلاف جيڪي FIR ٿيل آهن انهن ۾ وڪيل ٿيڻ لاءِ بنا معاوضي ڪيس ھلائڻ جو اعلان.
مزدور طبقو يا بي پھچ دوست بي جِجهڪ رابطو ڪري سگھن ٿا سندن لاء ھر وقت حاضر آھيان
وڪيل بھادر علي شاھاڻي جي اھڙي فيصلي تي سلام پيش ڪيون ٿا.
ٻڏو به ننڌڻڪو ۽ لاوارث خيرپورناٿن شاه سڙيو به خيرپورناٿن شاه ۽ اڄ هڪ ڪونڌر پٽ جو لاش به ڏنو ويو خيرپورناٿن شاه کي۔۔۔۔۔😭😭😭😭😭😭 هئي ڙي خيرپورناٿن شاه تنهنجا نصيب
ھر ھڪ واپاري پنھنجي قسم سان عوام کي ڦري رھيو آھي...!!
ھي آھي لاڙڪاڻي جو نعيم اسٽور ريشم گلي ۾ جنھن کان ھي سامان ورتو بل تي لکيل رقم 200 روپيا آھي ۽ سامان تي 250 لکيل آھي. جڏھن تہ ھن رقم 250 ورتا آھن.
جيڪڏھن ڪو واپس ڪري تہ بل جي حساب سان ھي ان کي 200 واپس ٿو ڪري.
ھن اسٽور جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ گھرجي.
لاڙڪاڻي جو امن تباھ ٿي ويو شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد لهر ڪالوني ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات دير سان اڻڄاتل چور رڪشو هلائيندڙ پورهيت فياض ڀٽو جي گهر جا تالا ٽوڙي تولو سونا زيور، 35 هزار روپيه روڪ رقم، هڪ موبائيل فون ڪپڙا ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع باوجود پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي. ان حوالي سان رڪشا ڊرائيور پورهيت فياض ڀٽو ٻڌايو ته گذريل رات دير سان اسان سمورا گهر ڀاتي شھر ۾ شادي جي پروگرام ۾ ويل هياسين ته اڻڄاتل چورن گهر جا تالا ٽوڙي تولا سونا زيور، 35 هزار روپيه روڪ رقم، هڪ موبائيل فون سميت گهر ڀاتين جا ڪپڙا چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن اهڙي واقعي جو اطلاع حد جي حيدري ٿاڻي تي ڏنو آهي پر پوليس هن وقت تائين ڪو تدارڪ ناهي ڪيو هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته چورن کي گرفتار ڪري سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.
ضلعي انتظاميہ نمبر بند ڪري ڇڏيا....
ڊي سي ، اي سي گھرن ۾ لڪي ويھي رھيا عوام ٻڏي پيو ھي ويٺا ڪچھريون پيا ڪن. لعنت آ چور ضلعي انتظاميہ تي. افسوس سياسي ماڻھن تي بہ افسوس آ جيڪي خاموش گھرن ۾ ويٺا آھن. شرم اچڻ گھرجي جيڪي عوام کي ھٿ سان ٻوڙي رھيا آھن. اسان جا ماڻھون پوء بہ ووٽ وقت اکين تي پٽي ٻڌي وڃي ووٽ ڏيندا.
Click here to claim your Sponsored Listing.
Videos (show all)
Category
Website
Address
Plat No 14 Street 6 Oposit Kaim Khani Hostal Qazi Abdul Qayyum Road
Hyderabad, 71000
Current Affairs Public Talks Public Question/Answers Latest News About Government
Hyderabad
Through this page we updates our viewer about new jobs, announcements and updates.
Qazi Qyoom Road Gari Khata Hyderabad Sindh
Hyderabad, 71000
ADMIN DAILY HYDERABAD TIME NEWS