سنت نيڻورام صاحب جا نسخا Saint Nenram sahib ja Nuskha

Sant Nenuram Sahib Ja Nuskha

22/05/2023

"سنت نيڻورام صاحب جا نسخا"

جهڪو اُن پَيرن، جِنِي پنڌ ڪَهيو
ساري عمر تو سک لئہ، نَيڻن نِير وَهيو
اوسيئڙي ۾ آخر تائين، هِنئَين سار نہ وِيو
”نيڻو“ منهنجا جگر جِيئو، آئون آسائتي اوهان لئہ

معني!: نيڻن =اکين/ نير = پاڻي يا لڙڪ/اوسيئڙي=انتظار/ هنئين= دل تان/ سار=يادگيري/ جگر = دل جو حصو/ جيئو = زنده رهو يا سلامت رهو آسائتي = پراميد يا دعاگو

ارٿ : سنت چون ٿا تہ اي منهنجا پريميو، ڀڳتو پنهنجي امڙ جي پيرن تي سر رکي جهڪي پئو، جنهن تو کي جنم ڏنو ۽ پنهنجي زندگي تنهنجي سک سلامتي لاء ارپي ڇڏي تو لاء اوجاڳا ڪيا، ڏک سک ۾ مالڪ در دعائون گهريون تڪليف ۾ ڏسي اکين نير وهائي تو لاء پلاند وڌا، تون وڏو ٿي اڳتي وڌي وين ٻارن ٻچن وارو ٿي وئين پر ماءُ ھميشه تنهنجو اوسيئڙو يا فڪر ڪندي رهي تون آئين نہ آئين ملين نہ بہ ملاقات ڪئي پر هو دل ئي دل ۾ ياد ڪندي رهي دعائون ڏيندي رهي ۽ چوندي رهي اي منهنجا جگر منهنجا پٽڙا جتي بہ آھين شل خوش رهين آئون تنهنجي لاء سدائين دعاگو آهيان، منهنجي سدائين پرماتما در يا خدا اڳيان اها ئي دعا يا پرارٿنا آھي ۽ رهندي تون وڌندو رھين

Mother's Day

10/05/2023

۔ ۔ ۔ "سنت نيڻورام صاحب جا نسخا"۔ ۔ ۔

سمجھين ٿو سياڻا, سکن ۾ سنسار جي
ناھي ھلڻو ڪنھن سان, ھي پل گھڙي ٽاڻا
ڪوڙ سچ ڪايا, ھي مال ملڪيت ۽ ناڻا
"نيڻو" آھو اياڻا, ساڌن ڪر يو شيوا جو

06/04/2023

سب بوکھي اقتدار ڪي, نھين ھي ڪوئي مرم
ڪيا تم دي گئي, ڪيا يي رکھين گي ڀرم
سب جانتي ھين, لٽ مار عياشي اور عھدا چاھيي
بھوکي قوم ڪي لاشون پر اور دينا چاھتي ھو زخم

03/01/2023

"سنت نيڻورام آشرم"

نئون سال آيو
ڪجھ ت ٻڌايو
سڄو سال پڙھيو
ڇا ماستر پڙھايو
علم آھي اوچو
جني ب پرايو
وڌي ويا اڳتي
پاڻ کي وڌايو
وسن ٿا شھرن ۾
پر وڏن کي ن وساريو
ھي در جوڳي جو
کليو آھي سڀن لاء
اچو ملي ڪري رڌو
کلي ڪري کارايو

ھيمن موٽواڻي

16/12/2022
15/09/2021

ڪلا ۽ جلان ڏئي، ڪنهن ڪنهن جوڳي کي
”نيڻو“ باقي هل هلان ، آھي جيون ڀر جي

05/09/2021

اهڙا ساوڻ ڏينهن، اچن شل هر سال
اهڙا ساوڻ مينهن، وسن هر حال
کڙن کيٽ وڄن چنگ، مارو رهن خوشحال
”نيڻو“ منهنجي حال، مولا ڪرم ڪج تون

21/06/2021

---------------------------------------”يوگا“--------------------------------
رُشيُوں ، مُنيٰون ، سادھو ، سنتوں، نے ، پایا تھا یہ قد

”رِگَ ويدہ“ سے ”پَتنجلِی رُشِی“ پے، ہوا سمادھي میں پرشدھ

دھیان میں اس ”نروان“ کو، حاصل کیا تھا نے مھاتما ”گوتم بدھ“

”نينو“ اسے کہتے ہیں ”يوگ پد“،جو دنيا نے مانا ”یوگا“ کے نام سے

معني!:- رُشيُوں، مُنيٰون ،سادھو،سنتوں = صوفی، درويس، عالم ،کامل/ رِگَ ویدہ= جو چار ويده ، رگ، اتهر ،يجر اور سام ، ان میں سے ایک ہے جو سندھو ندی کے کنرے لکھا گیا تھا/ پتنجلی رشي = وه پتنجلی يوگي پر نازل هوا تها/ سمادھی= مراقبہ/ پرشدھ =عياں/ نروان= جو يوگ مھاتما گوتم بدھ کو حاصل ھوا/ نينو = وہ يوگي سنت نينورام جو اسلام کوٹ آشرم ميں ھو گذرے ہیں/ يوگ پد = جو يوگا جانا تھا آج دنيا پهر سے اسے یوگا کے نام سے دہرا رہی ہے

25/04/2021

امان! کڻي موٽيا دوزخ کان، جڏهن ٻيائن جي آگ
تڏنهن کان ڏين ويٺا، مٺاين جو راڳ
گرو، شش ماريائون ڪروکيشتر ۾، اڄ ب جلن ڏهاگ
ڪيڏ ا بہ ڪن پوڄا پاٺ، هو بخشي نٿو بداين کي

25/04/2021

امان! کڻي موٽيا دوزخ کان، جڏهن ٻيائن جي آگ
تڏنهن کان ڏين ويٺا، مٺاين جو راڳ
گرو، شش ماريائون ڪروکيشتر ۾، اڄ ب جلن ڏهاگ
ڪيڏ ا بہ ڪن پوڄا پاٺ، هو بخشي نٿو بداين کي
معني':ٻيائي = مت ڀيد/آگ = باھ/مٺاين = ويڻ ورائڻ/
گرو ۽ شش = استاد ۽ شاگرد/ ڏھاڳ = جنازا/ پوڄاپاٺ = هٿ جوڙ/ بداين = براين

09/04/2021

"سنت نيڻورام صاحب جا نسخا"
ڪرم وٽڻ ڇڏي ڏيو، پنهنجو بدلايو ڀاؤ
پنهنجا پراوا هڪجهڙا، ڪنهن سان نہ ڪريو رک رکهاءُ
ديا ڌرم پريت پريم، ڪوڙ، سچ ۽ نڀاءُ
"نيڻو" سوچ ۽ سڀاءُ، آهي اوهان جي هٿ ۾

09/04/2021

ڀُلجي ويا ماڻهو "ڀڳت کيمچند" کي، پر مَٽجن نٿا لفظ
تِياگ تپسا جَپَ اُنهي جو، اَيڏو آهي ٻَلونتَ
مَيٽَي ڌَرَمَ راءِ نہ سگهي، نَڪَي کاتي چَڙهَن اُلٽ
"نيڻو"چيو هي سنت, سدا پيارو آهي پرڀو کي

28/03/2021

جُڳن جُڳ هلنديون، ھي مالڪ جون ڀلايون
هولي جا ر نگ ۽ ڏياري جون مٺايون
ٻاراتڻ جا رونشا ۽ اکڙين جون واڌايون
وڏڙن جون آسيسون ۽ فقيرن جون دعائون

سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کي هولي جون لک لک واڌايون!
هيمن موٽواڻي, ايڊوڪيٽ

22/03/2021

"سنت نيڻورام صاحب جا نسخا"

وويڪن ويچار، آهي ڪرڻو ڪرم ڪو
سمرڻ، منڻ، ستسنگ کان مٿي من سنسار
ديا، نمرتا، ڌيرج، ويو موڪلائي پريم ۽ پيار
"نيڻو" ڪوڙ جو وهنوار، هاڻي هلي ٿو دنيا ۾

معني': وويڪ :ضمير/ ويچار= سوچ/ ڪرم= ڪم/ سمرڻ= پرماتماجي ياد ڪرڻ/منڻ= ڀڳوان جي ياد کي وري وري دهرائڻ/ ستسنگ= ڀڳوان جي ڀڳتي ڪرڻ يا گڻ ڳائڻ/ ديا = رحم / نمرتا= نئڙت / ڌيرج = صبر / پريم = لڳاء/ پيار= محبت / ڪوڙ= ٺڳي/ وهنوار= ڪاروبار/دنيا=هي ڌرتي جي گولي تي رهندڙ ماڻهو

19/03/2021

اسين مارو ٿر جا، ڪهيا سدائين اڳ
هلون کان پيا صديون، ڪاڻ روٽي اڌ
ڀاڳ ڄاڻون ملي کي، وڙهون ڪاڻ نہ وڌ
"نيڻو"هُن ڏڪر ۾ بہ ڏَڍَ، ڏنو آھي ڏوٿِيَنَ کي

16/11/2020

ڏياري جو پيغام

ڪورونا بيماري کان پاڻ بچايو
ٻارن کي تعليم ڏياريو
هوند آهر پير پساريو
ذات پات جو ڀيد مٽايو
ضررتمندن جي مدد ڪريو
وڏن ننڍن جي شيوا ڪريو
اهوئي انسانيت،اهوئي اخلاق، اهوئي ڌرم

ڏياري جون سڀني ڀائرن ڀينرن کي لک لک وڌايون!...........هيمن ڪمار موٽواڻي، ايڊوڪيٽ، فون 03332183712

13/11/2020

ڏياري جي ڏڻ، صاف رکو گهر
ڏياري جي ڏڻ، کوليو دل جا در
ڏياري جي ڏڻ، ڏيئو هڪ ٻاريو
ڏياري جي ڏڻ، مٽي من جو انڌارو
ڏياري جي ڏڻ، ٿئي جڳ ۾ اُجيارو
ڏياري جي ڏڻ، اچي امن ،شانتي وارو
"نيڻو" ڏياري جي ڏڻ، سڀ جي آشا
سڀني ۾ پيدا ٿئي، شل رام جي مريادا

سڀني ڀائرن ڀينرن کي ديوالي جو لک لک واڌايون!........
ھيمن موٽواڻي

12/11/2020

خلقي پوء بہ خدائي، ورهائين منجهہ ويچاري
ڌرتي جي ڪڻ ڪڻ ۾، ڳولي ڏس ڳاري
تون بہ ان جي پنج تَتَوَنَ جو, ڀريائين ساھ ساري
"نيڻو" ان جا گُڻ سنڀاري ، شيوا ڪر جڳت جي
معني': ڳاري = divide in components, پنج تتون = هوا،باھ ،پاڻي،ڌرتي ۽ آڪاس، گُڻ = خاصحتون, سنڀاري= ياد ڪري، شيوا= خدمت، جڳت= دنيا

12/11/2020

عجب اسراز تنهنجا، ڪٿان پيو مڪائين
آئون پينو هن جڳ جو، پوء پڻ ڀائين
انڀوءَ ٿيا اندر ۾، ويٺو درشن پائين
"نيڻو"تڏهن لالڻ لائي، خاڪ نبي سر جي
معني':مڪائين =موڪلڻ، انڀوءَ= خيال - ويچار، درشن= سامهون اچڻ، لالڻ = لالڻ فقير، لائي= لڳائي،نبي سر= نبي سر شهر جي ويجهو

09/11/2020

ڇا چوان پيارا، آهيون اسين پُور
رڙيون ٻين جون، پنهنجو سِينو چُور
سوچيون سڀن لاءِ,سانڍي ويٺا سور
"نيڻو" اندر ڀُور، آهي درد ڏکوين جو

21/03/2020

بدلايو جي ڀاؤ، پهرين ئي پريم ۾
"نيڻو"اچي ڪين تاؤ، تنهنجي سڀاءۡ ۾

معني': ڀاؤ= نيت/پريم= محبت/ تاؤ= تيزي يا غصو/ سڀاءۡ = روش يا attitude

28/02/2020

ٺاهيا ڊاهيا هن - پايا چاهيا مون ۽ تو
رهي ٿو هرڪو جڳ ۾ - سواسو جيڪو
آهي سڀ ڏيکاءۡ - رشتو تنهنجو منهنجو
"نيڻو" نڀائجو - ته ياد رهندا سڀ کي

21/02/2020

پراپت ڪري شۡڌ گتي - مڪتي ڏي ڀڳوان
اچي هن سنسار ۾ - ڀلجي ويو انسان
نڪو پورا حق مليا - نڪو فرض نڀايا احسان
"نيڻو" ڪروڌ موه لوڀ ۾ غلطان - انسان جيئي ٿو وڏائي ۾

21/02/2020

ناٿ سنڱ ناٿ - اسين ڀولي ناٿ جا
ڪرم آهي ان جو - نڀائي هلون ساٿ
ملي سو آڻيون - چاڙهي جوڙيون هاٿ
"نيڻو" ڪين ڇڏج اناٿ - ڀولا پنهنجي ڀڳتن کي

18/02/2020

اٗدم ڪر ارجن. _ جيڪو وس تو
باقي ڇڏ مون تي _ آئون ڪريان ٿو
ڦل ڪرمن سين _ ملندو نصيبن جو
"نيڻو " متان سمجهين پؤ - ڇڏي ڏيندس توکي.

31/01/2020

ڏِيڪرا وِيا پَڙَھَڻ ۔ ڏَيھَ ڇَڏي ڏُور
پوء بہ نہ وساريو مُون ۔ رپيو مُڪَنَ ضَرُور
مون فقير جي دعا ۔ شل سوايو ملي ٻُور
”نيڻو“مُنهن نہ مٽجو مُور ۔ مون پوء پُورڻ ڀارتي کان

29/01/2020

صوفين پاتا تڏهن
جڏهن لا ڪوفي ٿي نڪتا
بن چوٽ پاتي چت تي
”نيڻو“ٿين ڪين چٽا
اندر ٿيا صفا
تہ لڏيا لاهوت ڏي

21/12/2019

”سنت نيڻورام صاحب جا نسخا“

وڏا هَڻَي هٿ ۔ گهڻو ڪجھ پائڻ لئہ
”نيڻو“ ناهي تنهنجي وَسَ۔ سواء هڪ ڪَرَمَ جي
ڪَرَم= ڪم يا عمل
*
ڪرم مليو ڪِٿان ۔ سو ويهي سوچيو
”نيڻو“ اندر ۾ نوچيو۔ سالم جنهن پيدا ڪيو
سالم= صحي سلامت
*
ڪرم اتان شروع ٿئي ۔ جتان ھٿ پير هڻي
”نيڻو“ جي مالڪ کي وڻي ۔ تہ ڏئي مَنَ ٻٰڌِي اَهَنڪارَ ٿو
من= چت: ٻُڌي= عقل: اهنڪار = عزم ۔ خودي

وڃائي ٿو گهڻو ۔ پنهنجي ئي ڪرمن ڪري
”نيڻو“ پڇاڙي پَڻو ۔ ڪِنو ٿئي ٿو تن جو
ڪنو= خراب
*
ٿورو ٿِيو ٿورو ڪريو ۔ ٿوري ۾ پڻ اڌ
”نيڻو“ورهائي ڏيو وڌ ۔ بنا ٻڌائي ضرُورتمند کي
ٿوروٿيو= گھٽ ڪمايو: ٿورو ڪريو ٿوري خيرات
يا دان ڪڍو

13/12/2019

جوڙي رکيون جئ ۾ ـ ڪيئي قرب ڪڙيون
امڙ سانڍيون آخر تائين ـ سيئي دڳ دڙيون
وساريو ڪين ڀينرن ـ موقعي مھل مڙھيون
"نيڻو"ورندي اکين لڙيون ـ پسان شل ڪي پنھنجا

10/12/2019

سرل سٻڌ م ڏنو گيان گيتا
سمجھايا ڪرم يوگ ڀڳتي جا نقطا
جنم کان مرڻ تائين گذاريون ڪيئن جيون
"نيڻو "رھو اھنسا ديا دان شيوا ۾ سچا
Searle sings all the songs given in Geeta
Explained points of the Karam, Yug, Bhagti
How to live from birth to death
Stay tuned...Saint NenuRam

10/12/2019

سرل سٻڌ م ڏنو گيان گيتا
سمجھايا ڪرم يوگ ڀڳتي جا نقطا
جنم کان مرڻ تائين گذاريون ڪيئن جيون
"نيڻو "رھو اھنسا ديا دان شيوا ۾ سچا

29/11/2019

سنڌي ٻڌو لکو پڙهو ۔پهرين ٻولي ماء جي
جتان ٿئين وڏو ۔ سکي ڪڇ سنسار ۾
×
جُڳنَ جُڳَ جِيئَنَ ۔ جِني ڪَئِي شيوا جَڳَتَ جي
”نيڻو“ تِنِي جا گِيتَ گونَجَنَ ۔ جُڳَنَ پوءِ بہ جَڳَ ۾

28/11/2019

ڪَيڏانهن وڃن ڪِين ڪِي۔ تُنهنجا ثواب ۽ گُناه
ھيڏي ساري جھان ۾ ۔ ٿي رھين پيو بيپروَاھ
لڪندا ڪڏھن بہ نہ هن کان ۔ هو ڏسي پيو جهان پَناھ
”نيڻو“ اهي مُئا ۽ مرن ٿا ٿِي ڪِنا ۔ آخر هِن سنسار ۾

26/11/2019

تون مون منجهان ۔آئون تو سان
ساکي رهان سڀ جو۔ ويٺو جو ڏسان
مسنسار ۾ جيئڻ جا ۔سڀ گُرَ اَرَپِيان
”نيڻو“ پوءِ پڻ بندا ۔ ويٺو ڪرين گناه

26/11/2019

ٻئي جِي پَڻ ٻُڌ۔ پنهجي پڻ ٻڌاءِ
سوچ ويهي صبر ۾ ۔هئين سان هنڊاءِ
گڻ ڳولي دنيا اڳيان ۔ رک ڳائي وڄاءِ
”نيڻو“ ڪي تہ پاءِ ۔ ٻڌائيندا دنيا کي

23/11/2019

نڪو غير غرور ۔ نڪو ٻيائي نڪو بدي
ويچاريو هميشه ٻين لاء ۔ رکي من سُڌي
آيو سو ورهايو ۔ جن ورتو تن جي مَتيِ
”نيڻو“ جي پوکن اندر ۾ کَيتِي۔ لهن سَيئِي لال ٿا
معني!:سُڌ= سٺو، مَتِي = صاف نيت، کيت=ٻني ۔ فصل

19/11/2019

چيو سچ سوچي ڪري ۔ مليو ڏنو سو دان
جيئدان ڏنو سو فڪر ڪري ۔ آئون ڇو ڪريان اڀمان
سرت ڏني سمجهہ لئہ ۔ ڪرت ڪريان سو غمان
”نيڻو“جو ھلائي ٿو جهان ۔سوئي بخشي پيو مون کي

18/11/2019

شَيوا ٿورِي يا گَهڻِي خِدَمَتَ آهي خَلقَ جِي
”نيڻو“ جن ڪَئِي هَڻِي دُڻِي قَبُول آھي مالِڪَ کي

Want your organization to be the top-listed Government Service in Karachi?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Category

Telephone

Website

Address


Karachi
75400

Other Social Services in Karachi (show all)
Clan - 2Easy4 Clan - 2Easy4
Karachi

To a man whose mind is free there is something even more intolerable in the sufferings of animals than in the sufferings of man. For with the latter it is at least admitted that su...

Hope Foundation Hope Foundation
Karachi

The journey of giving hopes to every child because not everyone has parents and life leaves some children with just Hopes and dreams. #EthichsProject21

Poverty In Pakistan Poverty In Pakistan
Karachi

discovering and promoting effective solutions to global poverty problems.

Ek Neki Roz Ek Neki Roz
North Nazimabad
Karachi, 74700

Yasin Ali Uc-01 Yasin Ali Uc-01
Uc-01
Karachi

Purpose of the page is to update about activities

Stunning Social. Stunning Social.
Karachi, 74600

Qalb-e-Momin قلبِ مومن Qalb-e-Momin قلبِ مومن
Karachi

قلبِ مومن۔۔۔ اردو ادب و عزاداری۔۔۔

21stcenturymask.co 21stcenturymask.co
Karachi

21st CENTURY MASKS SPECIALIST � Newly Presents, " KN95 MASKS, HOODIE, SWEATSHIRTS AND HAND BAGS" On

Teachez Code Teachez Code
Karachi, 74400

About The Code����

Ulima E Karam K Bayanaat Ulima E Karam K Bayanaat
Karachi

Ulima E Karam K Bayanaat

Home Based Women Worker Federation Home Based Women Worker Federation
Karachi

Home Based Women workers fedration pakistan (HBWWF) is a home base women worker right organization